محمد اسماعيل
سنڌ صوبي۾ سالياني اربين رپيا بجيٽ ڪرپشن ۾ چٽ ڪندڙ پراونشل توڙي روڊس کاتي انتظاميه جي نااهلي ۽ روڊن تي ٽرانسپورٽ لاء ڪو دائره ڪار يا نظام نه هجڻ سبب هن وقت مين شاهراهون مسافرن لاء موت جي ڪوڙڪي بڻجڻ لڳيون آھن ڪنهن به هاء وي تي ٽرئفڪ ڪنٽرول جو بهتر نظام نه هجڻ ڪري گذريل ٽن ڏينهن اندر خوفناڪ حادثن ۾ ويھ کان وڌيڪ مسافر گاڏين جي تيز رفتاري هاء وي انتظاميه جي نااهلي سبب گاڏيون تڪڙ ۾ اوور ٽيڪ ڪندي ٽڪرائجڻ ڪري ويھ انسان اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ٻه درجن کان وڌيڪ ماڻھو زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي پهتا آھن هڪ حادثو حيدرآباد سن سيوهڻ انڊس هاء تي ٿيو جنهن کي خوني روڊ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ ٻيو خيرپور ميرس ۾ افسوسناڪ حادثو ٿيو حادثن جو اهم سبب هڪ ته تيز رفتاري ۽ اوورٽيڪنگ آھي جڏهن ته ٻيو سبب روڊن جي خستا حالي آھي ليڪن گذريل پنجن ڇهن سالن دوران سوين انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ مين شاهراهن تي ڪوبه ٽرئفڪ ڪنٽرول پروگرام ناهي روڊن جو بهتر نظام ترقي جو ضامن آھي پر اسان وٽ ان کي ڪاروبار روزگار ۽ ڪرپشن جو در سمجهيو وڃي ٿو بهتر روڊن جي تعمير سان هڪ طرف ترقي به ٿئي ٿي ته ٻئي پاسي ٽرانسپورٽ سميت عوام جي اهنجن ۾ گهٽتائي اچي ٿي اسان جي ملڪ اندر روڊن جي نالي تي عوام کي سهولتن ڏيڻ بجاء ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪئي وڃي ٿي جيڪڏھن روڊن جون بهتر سهولتون هجن ته ايترا انسان حادثن ۾ اجل جو شڪار ڇو ٿين سنڌ جون شاهراهون ماڻھن لاء ڄڻ موت جي ڪوڙڪي طور ٺھيل آهن جڏھن به ماڻھون سفر تي نڪري ٿوخبر ناهي ته سفر پُڄاڻي ٿيندو يا نه نيشنل هاء اٿارٽي تي غير قانوني ٽول ٽئڪس لڳائي ڪروڙين رپيا ڪرپشن ڪندڙ هاء وي انتظاميه توڙي موٽر وي ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن روڊن جي نظام کي بهتر ڪرڻ بجاء پنهنجي روزگار جا در کولي ڇڏيا آھن وڏن وڏن روٽن تي تيز رفتار گاڏين جي رفتار کي لمٽ يعني حد اندر اسپيڊ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪوبه نظام ناهي جڏھن ته ڏٺو وڃي ته وڏيون مسافر گاڏيون يا ايئرڪنڊيشن ڪوچز هلائيندڙ ڊرائيورن يا وين گاڏيون هلائيندڙ ڊرائيورن کي صرف پنهنجي نمبرن تي گاڏيون اسٽاپ ڪرڻ جي تڪڙ هوندي آهي جنهن سبب هو وڏي لاپرواهي سان تيز رفتار گاڏيون ڊرائيو ڪنٿا, پر مسافرن جي زندگين جي انهن کي ڪابه پرواه ناهي هوندي انسانن کان وڌيڪ انهن کي پنهنجن اسٽاپن تي وقت کان اڳي پهچڻ جي تڪڙ ھوندي آھي ڊرائيور حضرات جي اهڙين لاپرواهين سبب حادثا ڪي معمولي نه پر غير معمولي ٿيندا رهيا آهن جنهن ۾ ڪيترن ئي معصوم بيگناه انسانن جون حياتيون اجل جو شڪار بڻجنديون رهيون آهن, انسانن جي موت جا ذميوار صرف ڊرائيور نه پر انسان گڏ سنڌ سرڪار نيشنل هاء وي اٿارٽي, موٽروي نظام سنڀاليندڙ پوليس جو عملو به آهي جيڪي پنهنجن غير ذميوارين جو مظاهرو ڪنٿا, هيوي ٽرئفڪ ,اوور لوڊ ٽرانسپورٽ ۽ تيز رفتار گاڏين تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء اهي بلڪل بي اختيار بڻيل رهيا آهن جنهن ڪري سنڌ جا روڊ هن وقت مسافرن لاء موت جي ڪوڙڪي طور تصور ڪيا پيا وڃن سنڌ سرڪار ۽ نيشنل هاء وي اٿارٽي سميت روڊس کاتي ۽ موٽروي پوليس ۽ تمام ذميوار اعلي اختيارين تي انسانن جون جانيون بچائڻ جي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو سنڌ ڀر ۾ روڊن جي نظام کي بهتر ڪري جديد نمونن سان ٿيار ڪري ٺاهيا وڃن ۽ انهن تي ٽرئفڪ جي تيز رفتاري لاء ڪلوميٽر سطح تي اهڙو سسٽم لاڳو ٿيل هجي جيئن مسافر گاڏيون سن انڊس هاء جهڙن روز روز ٿيندڙ حادثن کان محفوظ رهن انسان اجل جو شڪار ٿيڻ کان محفوظ رهن










