سنڌ ڌرتي جو سچو بھادر قومپرست بشير قريشي!

سنڌ ڌرتي جو سچو بھادر قومپرست بشير قريشي!

وفا ولي محمد ڦل
سنڌ ڌرتي ڌرتيء سداءين سورھيھ سچا دلير بھادر جوڌا کرا ـارڏا انسان پيدا ڪيا آھن جن ۾ محبت پيار وچان وڏو طور سڏجندڙ شھيد بشير قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي موٽڻ پور محلي، رتيديري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ غلام مرتضيٰ قريشيءَ جي گھر ۾ پيدا ٿيو هن ميٽرڪ تائين تعليم، پنهنجي اباڻي شهر رتيديري مان حاصل ڪئي ۽ انٽر شڪارپور ڪاليج مان ڪرڻ بعد 1976ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتي. هي جڏهن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو ته سندس خواب خيال ۾ به نه هو ته هُو اڳتي هلي سنڌ جي حقيقي عشق ۾ مبتلا ٿي جيل جي دال روٽي کائيندو ۽ پوري سنڌ جي ماڻهن جو محبوب بڻجي ويندو، پر زرعي يونيورسٽيءَ جي ماحول کيس عشق جي اُن مينار تي آڻي بيهاريو، جتان موٽڻ مِهڻو هوندو آهي. زرعي يونيورسٽي اُن وقت آزاد سنڌو ديش جو مورچو هوندي هئي، ۽ اُن دور ۾ ’ويٽنام ويٽنام، ٽنڊوڄام ٽنڊوڄام‘ نعرو تمام گھڻو مقبول هوندو هو. اهڙي ماحول ۾ بشير قريشيءَ جي ذهني آبياري ٿي هُئي. هن زرعي يونيورسٽيءَ ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو ۽ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. بشير خان قريشي نهايت ئي بهادر ۽ بي ڊپو انسان هوندو هو، جنهنڪري هي جلد ئي شاگردن ۾ مقبول ٿي ويو. کيس 1980ع ۾ جساف زرعي يونيورسٽيءَ جو ضلعي صدر چونڊيو ويو ۽ ٻن سالن کانپوءِ فيڊريشن جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو. 1986ع ۾ کيس جساف جو مرڪزي صدر چونڊيو ويو. 1990ع ۾ ٻيو ڀيرو اڪثريت سان چونڊجي آيو. هن جساف جي سياست دوران شاگردن جي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور جاکوڙيو ۽ انتظاميا سان مُهاڏو اٽڪايو، جنهنڪري کيس ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو، پهريون ڀيرو داخلا جي پهرئين سال 1976ع ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ 1981ع ۾ سندس گرفتاري نظربندي وري بحال ٿي، پر وري ساڳئي سال ٻيو ڀيرو نظربند ڪيو ويو. پر هي پوءِ به پنهنجي مقصد ڏانهن گامزن رهيو ۽ اڳي کان به اڳرو ٿي، جدوجهد ڪيائين ۽ جڏهن سائين جي. ايم سيد سان ويجھڙائي ٿيس ته سائين جي پيار بشير قريشيءَ کي حقيقي عشق ۾ مبتلا ڪيو ۽ هي الهڙ نوجوان مان ميچوئر سياست ڪرڻ لڳو. بشير قريشيءَ کي سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 1978ع ۾ پهريون ڀيرو ٽنڊي ڄام مان گرفتار ڪري، جيل موڪليو ويو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ سانحي تائين جيل ۾ رهيو. اُ ن بعد سندس گرفتارين جو نه کُٽندڙ سلسلو شروع ٿيو.
ٽوڙي ڦاٽڪ وارو واقعو (17 آڪٽوبر 1984ع) سندس زندگيءَ ۾ فيصلي ڪُن ثابت ٿيو. بشير قريشي جيئن جيل مان نڪتو ته متحرڪ ٿي سياست ڪرڻ لڳو ۽ ضيائي مارشل لا خلاف متحرڪ ڪردار ادا ڪيائين. هن پنجابين طرفان قائم ڪيل تنظيم اين. اين. ايس. او جي خلاف ڀرپور جدوجهد هلائي، (پنجابين هي تنظيم جساف کي ختم ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي هئي) جنهنڪري ٻيو ڀيرو 15 جنوري 1985ع تي شيخ ڀرڪيي مان گرفتار ڪري مختلف جيلن ۽ ٿاڻن ۾ رکي مختلف اذيتون ڏنيون ويون ۽ ڪيترو عرصو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ بند وارڊ ڪيو ويو. اُن ئي بند وارڊ دوران فوجي ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي، کيس هڪ سال قيد ۽ ڏهن ڪوڙن جي سزا ڏني وئي. ان دوران مٿس تمام گھڻو تشدد ڪيو ويو، آڙاٻيڙيون ۽ ڏنڊا ٻيڙيون هڻي کيس پيرن ۾ بجليءَ جا شاڪ پڻ هنيا ويا بشير خان قريشي پنهنجي زندگيءَ ۾ شاندار پيغامِ سنڌ مارچ ڪرايا، جن ۾ لکين ماڻهن جي شرڪت ٿي هئي ۽ سنڌ جي راڄڌانيءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ آزاديءَ جا نعرا ڇا گونجيا هئا، ايوانن ۾ ويٺل ڪارندا پنهنجون ڪُرسيون ڇڏي ڀڄي ويا هئا. بشير خان 2007ع ۾ شهيد هيمون ڪالاڻيءَ واري جاءِ سکر کان مورڙي جي مزار ڪراچيءَ تائين 700 ڪلوميٽر پنڌ ڪري ’پيغام سنڌ مارچ‘ وسيلي سنڌي ماڻهن تائين آزاديءَ جو پيغام پهچايو ۽ جتان جتان سندس قافلو گُذرندو ويو، لکين ماڻهو آجيان لاءِ گُلن جا هار ۽ اکين ۾ محبت جا لُڙڪ سجائي بيٺل هُئا. اهڙن لُڙڪن، مُرڪن ۽ گُلن جي آجيان وارو قافلو، جڏهن ڪراچي پهتو هو ته ڪراچيءَ جي سرزمين نمي کين سجدو ڪيو هو. بشير خان پنهنجي زندگيءَ جو آخري مارچ 23 مارچ 2012ع تي ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ ڪرايو هو، اُن ۾ ماڻهن جو تعداد ڳڻپ کان مٿي هو. بي. بي. سي جي رپورٽ موجب 25 لک کان مٿي ماڻهو هئا. بشير خان آخري مارچ ۾ پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته؛
عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سر دار و رسن کي سينگارڻ گُهران ٿو.
۽ هن واقعي ايئن ڪري ڏيکاريو. اهو ئي مارچ بشير خان جي شهادت جو سبب بڻيو. بشير خان هر مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پهريان 2 مهينا سڄيءَ سنڌ ۾ ماڻهن کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ پنهنجون ننڊون ڦٽائي ڇڏيندو هو. بشير خان سنڌ جو واحد سياسي قيدي هو، جنهن لاءِ قيدي دعائون گُهرندا هئا ته سدائين جيل ۾ هُجي، ڇو ته بشير خان جيترو عرصو جيل ۾ رهيو ته هن اُتي قيدين جي مسئلن لاءِ بُک هڙتالون ڪيون ۽ قيدين جا مسئلا حل ڪرايا، قيدين تان آڙاٻيڙيون ۽ ڏنڊاٻيڙيون، بشير خان ختم ڪرايون. بشير خان قيدين لاءِ ڇپر ڇانءُ هوندو هو. جيل انتظاميا به ڪنهن قيديءَ کي بشير خان جي موجودگيءَ ۾ تنگ نه ڪندي هئي. جنهنڪري قيدي چاهيندا هئا ته بشير خان هميشه سندن ڀرجهلو ٿي رهي.
بشير خان جو شروعاتي دور مزاحمتي رهيو آهي ۽ پاڻ قومي تحريڪ ۾ ويڙهاڪ طور مڃيو ويندو هو ۽ هن ڪيترائي قومي پلاند پڻ ڪيا. 80ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ پنجابي آبادڪاري سنڌي ماڻهن خلاف رِڻ ٻاري ڏنو هو، ميرپورخاص ايس. ايل ڪاليج پنجابي شاگردن جو هيڊ ڪوارٽر بڻجي چڪو هو ۽ قومي ڪارڪنن کي ماريو پئي ويو، 1986ع ۾ جساف جي ڪارڪنن رضا محمد بنگلاڻي ۽ عبدالقدوس ابڙينگ کي جڏهن شهيد ڪيو ويو هو ته ان جي مُک جوابدار مير زمان کي پلاند ۾ بشير خان ماريو هو. ساڳي ريت 1988ع ۾ ايجنسين جي چُرچ تي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو قتلام ٿي رهيو هو، جنهن جي سرپرستي حيدرآباد جو ميئر آفتاب شيخ ڪري رهيو هو، ان ميئر کي به پنهنجي ڪيفر ڪردار تائين بشير خان پهچايو هو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جتي به پنجابين جي اڪثريت سنڌين سان مهاڏو اٽڪايو، يا سنڌي شاگردن کي تنگ ڪيو پئي ته اُنهن کي خاموش ڪرڻ ۾ بشير خان ئي سڀنيءَ کان اڳڀرو رهيو.
بشير خان قريشي پنهنجي سڄي زندگي آزاديءَ لاءِ جاکوڙ ڪندي گُذاري، هن سڄي سنڌ جي رستن کي پنهنجي پيرن جي پِڻين هيٺيان لتاڙيو، جهر جهنگ جهاڳي آزاد سنڌو ديش جو پيغام پهچايائين ۽ ستل ماڻهن کي جاڳايائين. اهڙيءَ طرح بشير خان سنڌ ۾ ٿيندڙ قبائلي جهيڙن جي خاتمي لاءِ جاکوڙيو، 300 کان وڌيڪ ميڙ منٿ قافلا وٺي، ماڻهن کي سرچاءُ لاءِ راضي ڪيو ۽ 100 کان مٿي وڏن جهيڙن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس هر عمل سنڌ جي مفاد وٽان هوندو هو ۽ سندس جدوجهد جو طريقو هر طرح سان عوامي هوندو هو. جيتوڻيڪ بشير خان قريشي ڪو گهڻن ڪتابن جو مُطالعو نه ڪيو هو، پر سنڌ جي عشق هُن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. هُو 24 ڪلاڪن ۾ مشڪل سان ڪي ٻه پل ننڊ ڪندو هو، نه ته سدائين سفر ۾. هُو بلڪل سائين جي. ايم سيد جي هن قول تي عمل پيرا رهيو. سائين لکيو آهي ته: سنڌ کي درپيش مسئلن کي جيئن مون ڏٺو آهي، ايئن اوهان محسوس به ڪيو ته هوند سُک جي ننڊ سُمهي نه سگھو. بشير خان جيڪو قومي ڪارڪنن کي پنهنجي اولاد وانگر ڀائيندو هو، سو جي ڪنهن ڪارڪن جي گرفتاريءَ جو ٻُڌندو هو ته رات جا رستا لتاڙي به اُن شهر ۾ پهچندو هو. هُو هڪ ئي وقت ڪراچيءَ ۾ به هوندو هو، ته لاڙڪاڻي ۽ عمرڪوٽ مان به اخبارن ۾ ڦوٽو ڇپبا هئا. بشيرخان جي اهڙي جدوجهد تي ڪيترن ئي ادارن پاران عالمِ انسانيت ۽ امنِ سفير جا اورڊ پڻ ڏناويا. سندس جوشيلين تقريرن جو پهريون مجموعو ’جاڳيا جُنگ جوان‘ 1989ع ۾ منصور قادر جوڻيجي ڇپائي کيس ڏنا
اهڙيءَ طرح هن سرڪش ۽ اڏول انسان جي زندگيءَ جي سفر جي پُڄاڻي، 7 اپريل 2012ع تي پيالي سان ڪرائي وئي. پاڻ سڪرنڊ ۾ هڪ قومي ڪارڪن وٽ ترسيل هو، جتي ڪيترائي ماڻهو ساڻس ملڻ آيا هُئا. اُتي ئي رات جو اڍائي وڳي کيس تڪليف ٿي ۽ ٿوري وقت ۾ ساهه جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو. سنڌ جي باشعور ۽ ساڃاهوندن جو موقف آهي ته کيس (ساءو زھر) ڏيئي شهيد ڪيو ويو آهي ۽ اڳتي هلي سندس ڪيس کي جهڙي ريت لئه مٽي ڪيو ويو، سندس جُزن واري رپورٽ، گهرو وزير جي بدلي ۽ جُزن واري برنيءَ جي ٽُٽڻ مان واضح ٿي ويو آهي ته رياست ڪراچيءَ واري ’سنڌ گُهري ٿي آزادي‘ واري مارچ کانپوءِ کانئس گهڻو خوفزدهه هُئي ۽ هُنن سڌي ريت راهه تان هٽائي، سنڌ ۾ بغاوت کي ڀڙڪائڻ نٿي چاهيو، جنهنڪري کيس ساءو زھر ڏئي شهيد ڪيو ويو. بشير خان جي شهادت جي خبر ڇا نشر ٿي هئي، ماڻهن جي ته ساهه جي تند ڪُجهه گهڙين لاءِ رُڪجي وئي هئي. ان رات جو ئي سڄي سنڌ مان لکين ماڻهن جا قافلا رتيديري جي سفر ڏانهن راهي ٿيا هئا ۽ پنهنجي محبوب اڳواڻ جي آخري جهلڪ ڏسڻ لاءِ بيتاب هئا. بشير خان جيڪو زندگيءَ ۾ ته لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ جو تجربو رکندو هو، پر هن ته آخري ديدار وقت به لکين ماڻهو گڏ ڪري ڏيکاريا اھڙي طرح سندس محبي ڀاء مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي بشير خان پاران جاري ڪيل جدوجھد سنڌ گھري ٿي آزادي جي تحريڪ جي آخري مرحلي دوران ايجنسين ڀرياروڊ نزد روڊ تي رات جي ڪاري اونداهي ۾ زند ھ باھ ۾ ڪار سميت جلاءي شھيد ڪيو ويو !!! مطلب ته شھيد بشير خان جيڪو سنڌ جو ارڏو ھيرو قومي اڳواڻ ۽ جي ايم سيد جو سچو سپاھي ھو ان کي راھ تان پنهنجن سوين ڪارنن سميت ھٽاءڻ جي ڪوشش اڄ تاءين جاري آھي مگر ھي سنڌ جا جوڌا جوان مڙڻ جا ناھن سندس فرزند صنعان خان قريشي جي سپھ سالاري ۾ ھي جيءي سنڌ قومي تحريڪ جو سفر روان دوان آھي اسان جي دعا آھي ته رب العزت شھيد بشير خان کي جنت الفردوس عطا ڪري آمين

پهنجو تبصرو موڪليو