سنڌ جو پهريون سوشلسٽ مارڪ

سنڌ جو پهريون سوشلسٽ مارڪ

طفيل مگسي
اسان سڀ ڄاڻون ٿا ٿه انساني ڀلائي.روداري.ميٺ محبت ۽ انس جي لاء جيڪي صوفين جون بي لوٽ.لازوال ۽ بي مثال ڪوششون.ڪاوشون ۽ جدوجهدون رهيون آھن.انهن کان شايد ئي ڪو اڻواقف رهيو هجي.صوفي جن جو ڪم سدائين عالمي ۽ آفاقي نموني جو هو.۽ شايد ئي دنيا جو ڪو اهڙو خطو هجي جتي تصوف جي روشنيء انساني وسندين کي روشني ميسر نه ڪئي هجي.برصغير پاڪ وهند ۾ ته انهن جون خدمتون اته ايتريون ڀرپور ۽ حقيقي آھن ۽ انهن جو عمل ودخل هر پاسي کان ايتري احسن طريقي سان ڏسي سگهجي ٿو ته هن خطي جي تاريخ هن جي ڪردار جي ذڪر بنا اڻپوري آھي.
صوفين جون ڪرامتون ۽ انهن جي تعليمات انهن جي شعور ۽ انهن جي تعليمي طريقي ۽ تبليغ جا موضوع اهڙا آھن جن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪري سگهجي ٿو.ليڪن هتي مان سندن مختصر ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو.تصوف ۽ اھل تصوف جي دنيا جي باري ۾ ڳالھ ڪرڻ وقت پهرين ڳالھ جيڪا اسان جي ذھن ۾ رهڻ گهرجي\ کپي اها هي آھي ته ان سلسلسلي ۾ اسان جي فڪر جو طريقو يا مطالعي جو طريقو ڇا هجي يعني اهو ته اسان اهو ڏسون ته اسان انهن موضوعن تي ڪهڙي ريت نظر وجهون ٿا.ڇا مۡحض عقيدت جي نظر سان ڏسي ڪري اسان صوفين جي ڪم.کي سمجهڻ جو وظيفي وارو ڪم انجام.ڏئي سگهون ٿا؟ اهو سوال اسان جي ذھن ۾ ان جي لاء پيدا ٿيئي ٿو ته اسان وٽ ماضي جي حوالي سان هڪ وڏو رومانوي اثر ڏٺو وڃي ٿو.۽ اسان ماضي ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جي خدمتن ۽ انهن جي فڪر و ڪردار جي باري ۾ ھڪ نهايت ئي عمومي نموني جو موقف اختيار ڪري وٺون ٿا.جنهن ۾ نه ته ابن ڏاڏن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ نه ئي انهن منجهان ڪنهن هڪ يا ٻئي جي حوالي کان ڪنهن تنقيدي رويي جي گنجائش موجود هوندي آھي.اسان جو معاشرو سوال اٿارڻ جي صلاحيت کان گهٽ ۽ وڌ خالي ٿي چڪو آھي.هڪ اقرار پسند معاشري ۾ سوالن جي اهميت کي تسيلم نٿو ڪيو وڃي ۽ بدقسمتي سان اسان هڪ اهڙو معاشرو بڻجي چڪا آھيون.جيتوڻيڪ صوفين جي حوالي کان به اسان جي سوچ ڪجه ان ريت بڻجي چڪي آھي ته يا ته اسان کي اهڙا ماڻھو مليو وڃن ٿا جيڪي تصوف ۽ اھل تصوف ٻنهي جا ئي منڪر آھن يا ٻي پاسي اهي ماڻھو آھن جيڪي انهن جا مڃڻ وارا آھن.ليڪن اهڙا مڃڻ وارا جيڪي پنهنجي دنيا ۾ لاپتا آھن ۽ پنهنجي تصورن واري عقيدي تي ڪنهن به قسم جي تنقيدي بحث کي ضروري نٿا سمجهن.
برصغير ۾ صوفين جي ڪم جي حوالي کان اها ڳالھ اسان جي سامهون رهڻ کپي ته انهن سڀني کي هڪ سانچي ۾ رکي ڪري ڏسڻ ڪافي مشڪل آھي.جتي صوفين جي ماڻھن جي وچ ۾ فرق مٽائڻ ۽ انهن ۾ انساني ڀائيچارو پيدا ڪرڻ ۾ اهم.ڪردار پيدا ڪيو اتي ان وقت جي رياست ۽ حڪمرانن جي پاسي انهن جا رويا ڪن سوالن کي جنم.ڏين ٿا.حڪومت وسياست جي حوالي کان صوفين جو طرزعمل به ٻن قسمن جو هو.هڪ پاسي اهڙا صوفي هئا جيڪي دنياداري بلڪل لاتعلق رکڻ جي ڳالھ ڪندا هئا.هنن پنهنجن مريدن جو هڪ اهڙو گروپ بڻائي ورتو هو جيڪو معاشري ۽ ان جي معاشي ۽ سياسي لاڙن کان الڳ رهندو هو.اهڙا صوفي ظاھر آھي ته حڪومتن جي نقط نظر کان به نقصانڪار نه هوندا هئا.سو انهن صوفين جي ڪم کان حڪومتن يا ان زماني جي سياسي ومعاشي نظام کي ڪنهن قسم جو ڪو خطرو محسوس نه ٿيندو هو.
ٻئي پاسي صوفين جو اهو قسم هو جن جو انساني ڀلائي جو تصور نهايت ئي بهترين هو.اهي انساني وسندين ۾ جنهن قسم جي بيداري ۽ روشني پکيڙيندا هئا انهن کان ستت يا دير سان حڪمرانن کي خطرا ٿيندا هئا.اهڙن صوفين کي پنهنجي زماني جي عمالن سان ڇڪتاڻ جو سامهون به ڪرڻو پيو.ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته صوفين جو اهو ٻيو قسم ٻن ريت جي طاقتور فردن يا اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائڻ تي مجبور ٿيندو هو.هڪ ته ان زماني جي سياسي اسٽيبلشمينٽ هئي جنهن جو اسان هينئر ذڪر ڪيو.ٻي اها مذھبي اسٽيبلشمينٽ هئي جنهن کان سمورا صوفي چاهي اهي سياسي اسٽيبلشمينٽ جي بربريت ۾ اچڻ وارا صوفي هجن يا ان بربريت کان محفوظ رهڻ وارا ٻئي متاثر ٿيندا هئا.اها مذھبي اسٽيبلشمينٽ انهن عالمن تي مشتمل هئي جيڪي مذھب ۾ سخت گيري.ان جي زوري نفاذ.۽ ان جي انڌي عقيدي وخيال جا علمبردار هئا.جن جو تصور مذھب ماڻھن کي هن ڳالھ تي ھٺ ڌرم هو ته اهي ٻين مذھبن جي مڃڻ وارن کان پاڻ کي الڳ رکن ۽ پنهنجي پاڪيزگي تي اسرار ڪن.جن صوفين مٿي پيش ڪيل ٻنهي قسم جي اسٽيبلشمينٽ جو مقابلو ڪيو انهن کي سخت آزمائشن کان گذرڻو پيو.ايستائين ته ڪو وقت پنهنجي جان جو ٻٻليدان به ڏيڻو پيو.سچل سرمست غلط ته نه چيو هو.
منصورهويا سرمد صنم يا شمس الحق تبريز هو
اس تيري گلي مين اي دلبر هر ايڪ ڪا سر قربان هو.؛؛؛
صوفي شاه عنايت به انهن شھيدن جي حق واري صف ۾ شامل آھي.جنهن پنهنجي وقت جي نظام جي هٿان شھادت جهڙو عظيم رتبو ماڻيو.
صوفي شاه عنايت جي باغي سوچ ۽ ڪردار تي ڳالھ ٻولھ کان اڳ مناسب ٿيندو ته اسان صوفين جي نظام فڪر وعمل جي نسبت سان هڪ ٻئي نڪتي کي شامل ڪريون.عام طور کان صوفين جي باري ۾ هي خيال عام ٻڌو يا ڏٺو ويندو آھي ته اهي دنيا کان الڳ هوندا هئا۽ دنياداري جي مامرن ۾ پاڻ کي پري رکندا هئا.انهن جو سمورو زور نفس جي پاڪيزگي ۽ انفرادي عبادت تي ھوندو هو.انهيء شعور جي نتيجي ۾ هڪ سوال هي جنم وٺي ٿو ته دنيا کان ڪٽجي ڪري رھڻ پاڻ ڪيترو صحتمند رويو آھي.جيڪڏھن زندگي جي ڊڪ وڊوڙ ۽ زندگي جي ڇڪتاڻ کان ئي انسان پاڻ کي لاتعلق ڪري ڇڏي ته ان جي نتيجي ۾ معاشري ۾ ڪنهن بهتري جي اميد ڪيئن ڪري سگهجي ٿي.بلڪ اهو به چئي سگهجي ٿو ته صوفين اهو طرز عمل مڙھيل نظام کي سگھ ڏيڻ ۽ ان جي تسلسل جو سبب بڻجي سگهي ٿو.ان خيال سان اتفاق ڪرڻ وارن ۾ مشھور تاريخدان ۽ وچين دور جي هندستان جي موضوع تي خاص طور تي ڪم ڪرڻ واري مورخ ڊاڪٽر رياض السلام به شامل آھي.پنهنجي ڪتاب “Sufism in South Asia “ ۾ ھن تفصيل سان هن دنيا جي بيزاري کان صوفين تي تنقيد ڪئي آھي.۽ ان سلسلسلي ۾ ڪافي مثال ڏئي ڪري پنهنجي موقف جي وضاحت ڪئي آھي.هن اهڙا مثال لکيا آھن جن کان اهو ڏسڻ مقصد آھي ته صوفين عام زندگي جي مامرن کي ڪهڙي ريت پاڻ تي حرام قرار ڏئي ڇڏيو.ايستائين ته ڪيترن لاتعلق دنيا جو رستو اختيار ڪيو ۽ ڪن ته پنهنجيون شاديون به ختم ڪري ڇڏيون ڇوته انهن جي خيال ۾ انهن جي شادي شده زندگي انهن جي عبادتن ۽ خدا سان پيار ڪرڻ ۾ رنڊڪ وجهن ٿيون.ڊاڪٽر رياض سوال ڪري ٿو ته صوفين جو اهو عمل پنهنجي جاء تي ليڪن هن ڳالھ جو جواب ڪير ڏيندو ته انهن جي زالن جو ان ۾ ڪهڙو ڏوھ ھو ته انهن جون زندگيون برباد ڪيون ويون.هتان کان ئي هو اهو بحث شروع ڪري ٿو ته اڪثر صوفين اڪيلائي ۽ توڪل جي وچ ۾ فرق قائم نه رکيو.۽ اهي صرف توڪل جي رستي تي هلندا رهيا.جڏھن ته محنت\ ڪمائي اهڙي شيء آھي جنهن کان نبين به پاسو نه ڪيو هو.جيتوڻيڪ اڪثر نبي رزق جي حاصلات جي لاء ڪم ڪندا هئا ۽ هنن پنهنجين امتين کي به ڪم.ڪرڻ جي تعليم ڏني.
ڊاڪٽر رياض پنهنجي ڪتاب ۾ جيڪو بحث شروع ڪيو آھي اهو واقعي ان لائق آھي ته ان تي ويچار ڪيو وڃي ۽ جيئن ته اسان شروعات ۾ گذارش ڪئي هئي ته اسان کي هن سموري موضوع تي تحقيقي انداز ۾ ۽ تنقيدي نظر سان ڏسڻ گهرجي.ظاھر آھي ته سمورا صوفي محنت کي نظرانداز ڪري پاڻ کي مڪمل طور تي توڪل جي رستي تي وجهڻ وارا ماڻھو نه هئا.ڪيترن ئي صوفين محنت ومزدوري ۽ رزق وروزگار جي مامرن سان به پنهنجو تعلق برقرار رکيو.جيتوڻيڪ ائين ڪرڻ وقت هنن صرف حاجتن ۽ ضرورتن تائين پاڻ کي محدود رکيو ۽ دولت جي پٺيان ڊوڙڻڻ کان پاسو ڪيو.ان سموري مامري ۾ صوفي شاه عنايت اسان کي هڪ نهايت ئي الڳ صوفي ڏيک ڏيئي ٿو.هن کان اڳتي وڌي ڪري گڏيل عملي دنيا جو رستو به اختيار ڪيو. جو مامرو ته انسان جي ذات تائين محدود رهي ٿو.ليڪن صوفي شاه عنايت شھيد ته جهوڪ جي جڳھ تي پنهنجي پوئلڳن سان گڏ سمورن مقامي رهواسين سان سماجي بي انصافي واري استحصال جي خلاف آواز بلند ڪيو.هو هڪ اهڙو عظيم صوفي بزرگ هو جنهن حق جي ڳولا جي لاء حقن جي حاصلات جو رستو اختيار ڪيو.اقبال جو شعر آھي.
خدا ڪي بندي تو هين هزارون بنون مين فرتي هين ماري ماري
مين اس ڪا بنده بنون گا جس ڪو خدا ڪي بندون سي پيار هو گا.
صوفي شاه عنايت خدا جي بندن سان پيار ڪرڻ وارو بزرگ هو.جنهن ماڻھن جي درد جو درمان تلاش ڪرڻ کي ئي حق جو وسيلو بڻايو.ان جي ڪاوشن جي طفيل جهوڪ ۾ هارين جي بغاوتن جنم ورتو جيڪي جيتوڻيڪ ناڪامي جون شڪار ٿيون.ليڪن ان سنڌ جي سماجي تاريخ ۾ ھڪ نئين باب جو واڌارو ڪيو.اهوئي ئي نه بلڪ هي به چٽو ڪيائين ته تصوف صرف خانقاهن ۽ گادي نشينن جي حجرن تائين محدود ناهي.بلڪ اهو معاشرتي تبديلي جي عمل ۾ به هڪ تحريڪ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو .شرط ته ان جي انسان دوستي جي پيغام کي نظر ۾ رکيو وڃي.
صوفي شاه عنايت جي انقلابي پيغام ۽ ان جي جدوجهد تي ڪجه وڌيڪ نه لکيو ويو.تصوف جي متعلق ادب ۾ ان جو ذڪر ٻين صوفين سان گڏ ڪجه جملن ۾ اچي وڃي ٿو.ليڪن ان جي خدمتن جي انفرادي پاسن کي روشن ڪرڻ جي ڪوشش نٿي ڪئي وڃي.اعجاز الحق قدوسي صاحب پنهنجي ڪتاب “تاريخ سنڌ“ صوفي شاه عنايت جي باري ۾ جيڪا ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي اها ڄاڻ بهتر هئڻ جي باوجود ان جي جدوجهد کي وڌ کان وڌ مقامي پيرن جي پاڻ ۾ جهڳڙي جي طور تي پيش ڪري ٿي.ان جو خيال آھي ته ٺٽي جا ڪي ٻيا پير صوفي شاه عنايت جي مقبوليت ۽ پنهنجن مريدن جي شاه عنايت واري قافلي ۾ شامل ٿيڻ کان وڏا پريشان هئا.جيتوڻيڪ هنن چند مقامي زميندارن کي پنهنجو دوست بڻائي ڪري صوفي شاه عنايت جي خلاف ڪاروائي ڪرائي.ليڪن اهو صوفي شاه عنايت شھيد جي بغاوت ۽ ان جي سبب ۽ نتيجن جو مۡحض ھڪ سرسري جائزو آھي.صوفي صاحب جي بغاوت جو شايد سڀ کان بهترين تجزيو مشھور سماجي مورخ ۽ اديب سيد سبط حسن ڪيو هو.ھن پنهنجي ڪتاب نويد فڪر ۾ هڪ باب ۾ صوفي شاه عنايت جي باري ۾ لکيو آھي جنهن ۾ ھن ان کي وادي سنڌ جو عظيم.سوشلسٽ قرار ڏنو آھي.سبط حسن صاحب صوفي شاه عنايت جي تحريڪ کي سنڌ جي سماجي نظام جي ڏيک ۾ ڏسڻ ۽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.هن هندستان ۾ زرعي نظام جي مختلف شڪلين جي وضاحت بيان ڪئي آھي.خاص طور کان وچين دور ۾ زمين تي….. ۽ ان جي ملڪيت جا جيڪي مختلف نظام هتي مڙھيل هئا.هو انهن جي وضاحت ڪري ٿو.ان جو چوڻ آھي ته ان دور ۾ خاص طور کان سلطنت مغليه جي زماني ۾ زمين تي ملڪيت ته رياست جي ئي هئي.ليڪن ان کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاء چار نظام لاڳو هئا.
اورنگزيب انهن زمينن کي موروثي بڻائي ڇڏيو.جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي عالمن جي خاندانن جو اثرورسوخ وڌي ويو.چوٿين طرز جون زمينون اهي هيون جن تي زمينداري قائم هئي.انهن زميندارن کي ڪنهن حد تائين مالڪاڻا حق حاصل هئا.سبط حسن “تاريخ مطهر شاه جهاني جي حوالي کان لکي ٿو ته.
“سنڌ جا زميندار ڳوٺن ۾ رهندا هئا ۽ هارين سان انهن جو سڌوسنئون تعلق رهندو هو.اهي پاڻ پوک ڪرڻ جي بجاء هارين کان ڪم وٺندا هئا“
مغلن جي زوال واري دور ۾ جڏھن صوفي شاه عنايت ٺٽي جي ويجهو جهوڪ جي هنڌ تي تبليغ ۽ تعليم جو سلسلو شروع ڪيو ته ان زماني ۾ سنڌ جي .صوفين ۽ سادات جو هڪ وڏو طبقو زميندار بڻجي چڪو هو.صوفي شاه عنايت ذاتي ملڪيت واري اڻبرابري واري نظام جو سخت خلاف هو .۽ سندس خيال هو ته زمين گڏيل ملڪيت ۾ ھئڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان تي سڀني خدا جي بندن جو هڪ جيترو حق آھي.صوفي شاه عنايت جو اهو به خيال هيو ته هاري گڏجي سڏجي ڪري هر هلائي سگهن ٿا ۽ پيداواري عمل ۾ سڀني ماڻھن جو شريڪ ٿيڻ سڀني جي برابري واري اصول جي مطابق بلڪل ٿي سگهي ٿو.هن جهوڪ ۾ ان گڏيل زراعت جو تجربو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.سڀط حسن جو اهو به خيال آھي ته گڏيل زراعت جو اهڙو تصور صوفي شاه عنايت کان اڳ به قبيلن واري دور ۾ رھي چڪو هو.بلڪ پاڻ صوفي صاحب جي زماني ۾ به ڪن ڪوهستاني قومن خاص طور تي بلوچن ۾ اهو طريقو هوندو هو.اهو به ممڪن آھي ته صوفي صاحب سيد محمد جون پوري جي مهدي تحريڪ کان به متاثر رهيو هجي.جنهن هڪ زماني ۾ ٺٽي ۾ رھائش اختيار ڪئي هئي.سيد محمد جون پوري جا پيروڪار“دائري“جي نالي سان پاڻ ۾ گڏجي رهندا هئا ۽ زندگي جي ضرورتن کي پاڻ ۾ ورهائي استعمال ڪندا هئا.سيد محمد جونپوري جو زمانو پندرهين صدي(1443کان1505ع) جو زمانو هو.
صوفي شاه عنايت شھيد جو گڏيل پوکي راهي وارو تجربو وڏو ڪامياب ثابت ٿيو.۽ تر جا هاري ناري به سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿيا.بس اهائي تحريڪ جي مقبوليت هئي جنهن زميندارن جا ترا ڪڍي ڇڏيا ۽ ھنن صوفي صاحب جي باري ۾ ٺٽي جي صوبيدار کي شڪايت ڪئي .ليڪن ڇاڪاڻ ٿه صوفي صاحب جي زمين گذرسفر جي زمين هئي.۽ صوييدار جو ان تي ڪو اختيار نه هو.ان ڪري صوبيدار ته ان سلسلي ۾ ڪجه نه ڪري سگهيو مگر هن زميندارن کي هن ڳالھ جي اجازت ڏني ته اهي پاڻ جهڙي ريت چاهين صوفي صاحب کي روڪين.زميندارن وجه وٺي جهوڪ جي وسندي تي حملو ڪري ڏنو مگر انهن کي شڪست نصيب ٿي.صوفي صاحب جي فقيرن وڏي بهادري سان زميندارن جو مقابلو ڪيو.اهو اهڙو وقت هو جڏھن فرخ سير دهلي جي لال قلعي ۾ ترسيل هو.ان کي جڏھن سنڌ ۾ جاري ان ڇڪتاڻ جي پروڙ پئي ته ان ٺٽي جي صوبيدار مير لطف علي خان کي تبديل ڪري نواب اعظم خان کي مقرر ڪيو.اها 1746ع جي ڳالھ آھي.نيئن صوبيدار جي آمد مقامي زميندارن جي لاء ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي.جيتوڻيڪ هنن اعظم خان کي پنهنجو ڪري ورتو.نواب اعظم خان جي طرف کان صوفي صاحب کي تنگ ڪرڻ جي شروعات ڪئي.ان کان ڍل جي نالي تي زبردستي رقم گهري وئي ۽ صوفي صاحب جي انڪار تي ان بادشاه کي صوفي صاحب جي شڪايت لکي ۽ فرخ سير صوفي صاحب جي خلاف آرڊر حاصل ڪري ورتو.اعظم خان مقامي زميندارن کان مدد گهري ۽ جهوڪ تي حملو ڪري ڏنائين.جهو ڪ جا فقير پرامن انسان هئا.هنن گڏيل زراعت جو تجربو ضرور ڪيو هو مگر انهن جي وسندي ڪنهن فوجي ڇانوڻي جي حيثيت نه رکندي هئي.صوفي صاحب جي فقيرن وسندي جو وڏي بهادري سان دفاع ڪيو ۽ جڏھن اعظم خان ڏٺو ته هينر ان جي فقيرن کي شڪست ڏيڻ ممڪن ناهي ته هن ان وسندي جو گهيرو ڪيو.چئن مهينن جي گهيراء کانپوء صوفي صاحب کي ٺاھ جو پيغام موڪليو ويو.صوفي صاحب ان پيغام کي قبول ڪيو.ليڪن جڏھن هو ٺاھ تي صحيون ڪرڻ جي لاء نواب اعظم خان جي خيمي ۾ پهتو ته هن کي گرفتار ڪيو ويو.جهوڪ جي فقيرن تي ڀرپور حملو ڪيو ويو .انهن جو قتل عام ٿيو.انهن جا گهر ساڙيا ويا.جهوڪ جي تباهي کانپوء اعظم خان صوفي شاه عنايت کي درٻار ۾ گهرايو جتي نواب اعظم خان ۽ صوفي صاحب ۾ اهو بحث ٿيوجيڪو تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آھي.۽ جنهن کان صوفي صاحب جي باغي ۽ مزاحمتي مزاج کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي.صوفي صاحب اعظم خان جي هر سوال جو جواب ڏنو ۽ اعظم خان کي لاجواب ڪري ڇڏيائين.جنهن جو انجام اهوئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو .اهو هي ته صوفي شاه عنايت کي 7جنوري 1718ع ۾ شھيد ڪيو ويو.
صوفي شاه عنايت جي اها تحريڪ وقتي طور تي ڪامياب ٿيڻ جي باوجود ڪا مستقل حيثيت حاصل نه ڪري سگهي.هن کي شھادت جو پيالو به پيئڻو پيو.ليڪن ان واقعي کان هن جي سچائي.حب الوطني ۽ انسان دوستي کير جيان شفاف ٿي ڪري سامهون آئي.سبط حسن درست لکيو آھي ته صوفي صاحب جو اهو قدم پنهنجي جڳه تي تحسين ۽ تعريف جي لائق آھي .ليڪن معاشرتي ارتقائي قانون به پنهنجا الڳ نظام رکن ٿا.صوفي شاه عنايت جنهن فيوڊل معاشري ۾ گڏيل زراعت يعني سوشلسٽ پيداواري طريقي ۽ ورهاست واري طريقي جو تجربو ڪرڻ چاهي رهيو هو.معاشرتي حالتون ۽ پيداواري نظام اڃا ان هنڌ تي نه پهتا هئا.جتي اهي تجربا پنهنجا پير پختا ڪري سگهن ها.باوجود ان جي ان تحريڪ هڪ جابر نظام ۽ ان جي رکوالي جاگيردار طبقي جي خلاف جيڪا جدوجهد ڪئي اها سنڌين جي لاء مٽعل راه آھي.جنهن کان سنڌ جا ماڻھو گهڻو ڪجه حاصل ڪري سگهن ٿا.
صوفي شاه عنايت جي تحريڪ ارڙھين صدي جي ٻيئي ڏھاڪي ۾ سامهون آئي.اها ڳالھ ذڪر جي قابل آھي ته جهو ڪ جو قضيو آڪٽومبر 1717ع ۾.يعني آڪٽومبر 1917ع جي روسي انقلاب کان پوڻا ٻه سو سال اڳ جو آھي.اڄ جڏھن ته روسي انقلاب جي نتيجي ۾ اچڻ واري رياست يعني سوويت يونين کي به وکرندي ويه ٻاويه سال ٿي چڪا آھن.ڪن عالمي ڌرين ۾ اهو تجربو بحث جي هيٺ آھي ته شايد سوويت يونين جو انقلاب به وقت کان اڳ جو هو.اسان هن وقت سوويت انقلاب جي وقت تي اچڻ يا نه اچڻ تي ته ڳالھ ناهيون ڪري رهيا ليڪن سوچي سگهجي ٿو ته جيڪڏھن 1717ع ۾ برصغير جي هڪ ننڍڙي علائقي ٺٽي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهوڪ ۾ ڪيل وقتي تجربو ڪيئن وقت کان اڳ جو نٿو ٿي سگهي.
صوفي شاه عنايت جون لازوال ۽ بي مثال خدمتون تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون آھن.ان کان ڪافي سبق به حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ پاڻ تصوف جي باب ۾ ڳالھ ٻولھ ڪرڻ وقت صوفين جي ڪمن ۽ صوفي صاحب جي حوالي سان خاص روشني وجهي سگهجي ٿي ته تصوف صرف توڪل جو نالو ئي ناهي بلڪ اهو انصاف جي حاصلات ۽ گڏيل جدوجهد جي مقصدن سان به جڙي سگهي ٿو.اهو سوچڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ اڄ اسان ماضي جي ڪنهن سماجي يا فڪري نظام کي جيئن جو تيئن اڄ جي دنيا ۾ واپس ته نٿا آڻي سگهون .مگر اسان ماضي جي انهن نظامن کان سبق حاصل ضرور ڪري سگهون ٿا ۽ انهن منجهان اهڙي روشني وٺي سگهون ٿا ته جيڪا اسان کي اڄ جي هن ڇڪتاڻ.بربريت ۽ وحشيت ڀري زندگي ۾ حق ۽ سچ جو رستو ڏيکاري سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو