سلمان خان جي فلم “سڪندر” 100 ڪروڙ جي حد پار

سلمان خان جي فلم “سڪندر” 100 ڪروڙ جي حد پار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)سلمان خان جي فلم سڪندر باڪس آفيس تي پنهنجي اٺين ڏينهن 100 ڪروڙ رپين جو سنگ ميل پار ڪري ورتو.بالي ووڊ جي دبنگ خان، سلمان خان جي نئين ايڪشن ٿرلر فلم سڪندر پنهنجي رليز جي اٺين ڏينهن تي باڪس آفيس تي 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪري شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.فلم 6 اپريل تي لڳ ڀڳ 4.5 ڪروڙ رپين جو ڪاروبار ڪيو ۽ هن وقت تائين ان جي ڪل ڪمائي 102.25 ڪروڙ رپين تائين پهچي چڪي آهي.فلم 30 مارچ 2025 تي رليز ٿي هئي ۽ پهرين ڏينهن کان ئي سلمان خان جا مداح سينيما گهرن ڏانهن وڌي رهيا آهن.فلم جو بجيٽ لڳ ڀڳ 200 ڪروڙ رپيا آهي ۽ اهو تيزي سان پنهنجي خرچن جي وصولي ڏانهن وڌي رهيو آهي.سلمان خان جي طاقتور ڊائلاگ، شاندار انٽري سين ۽ ايڪشن سين کي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي، ۽ مداحن ان کي پئسا ڪمائيندڙ بلاڪ بسٽر فلم قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو