ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا زينت امان انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪجهه وقت کان سوشل ميڊيا کان ڇو پري آهي، فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا پنهنجي اسپتال جي بستري تان تصويرون شيئر ڪيون ۽ سوشل ميڊيا کان غير حاضري جو سبب ٻڌايو. هن ڪالهه هڪ ڊگهي پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ سوشل ميڊيا کان مختصر وقفو وٺڻ جو سبب بيان ڪيو ويو ۽ چيو ته هوءَ ڪجهه وقت کان خراب صحت جي ڪري اسپتال ۾ علاج هيٺ هئي، پر هاڻي کيس ڊسچارج ڪيو ويو آهي، زينت پاران پوسٽ ڪيل پهرين تصوير ۾ هن کي اسپتال جي بحالي واري ڪمري ۾ ڏسي سگهجي ٿو، تصوير ۾ اداڪاره ڪنهن ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي، پر سوال ۾ موجود شخص فريم ۾ نه آهي. ٻئي تصوير ۾، سينئر اداڪاره کائڻ دوران پنهنجي کاٻي اک کي هٿ سان ڍڪيندي نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته ٽئين تصوير پوئتي کان ورتي وئي آهي، جنهن ۾ هوءَ اسپتال جي بستري تي ويٺي آهي جڏهن ته اسپتال جو عملو به ڪمري ۾ موجود آهي.










