اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته رئوف حسن ڪوبه غيرقانوني ڪم نه ڪيو آهي.اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته رئوف حسن پڙهيل لکيل ماڻهو آهي، آرٽيڪل لکندو رهندو آهي، صحافين جو صحافين سان ئي رابطو ٿيندو رهندو آهي، رئوف حسن ڪوبه غلط ڪم نه ڪيو آهي.بيرسٽر گوهر پنجاب ۾ بجلي جي قيمتن ۾ رليف کي اڻپورو قرار ڏيندي چيو ته بجلي جون قيمتون سڀني جي لاءِ گهٽ ٿيڻ گهرجن. 500 يونٽ تائين استعمال تي بجلي جون قيمتون 2 مهينن جي لاءِ نه پر مستقل بنيادن تي سڀني جي لاءِ گهٽ ٿيڻ گهرجن.هن چيو ته حڪومت کان قيمتون ڪنٽرول نه پيون ٿين، ترقياتي منصوبن جي لاءِ مقرر ڪيل پئسن مان بجلي جي سبسڊي ڏني پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اسلام آباد جي مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور طريقي سان حصو وٺندي ۽ ڪلين سوئپ ڪندي. اميدوار وڏي تعداد ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين، سپريم ڪورٽ 4 تڪن جي ڪيسز جو فيصلو ڪيو هو. بدقسمتي سان اسان جي خدشن کي نه ٻڌو ويو. اسان جي صحيح ووٽن کي رد ڪيو ويو. اين اي 79 ۾ پهريان ڪابه ٻيهر ڳڻپ جي درخواست نه آهي، اميد آهي ته اليڪشن ڪميشن اسان جي خدشن کي ٻڌندي.










