ليکڪ سيد زوار حسين شاهه
جيڪڏهن پاڪستان جي ماضي جي صورت حال تي نظر وجهنداسين ته نائين اليون کان پوء پاڪستان پرائي جنگ ۾ ٽپو ڏيئي انهن جي جنگ ۾ شامل ٿي ايتريون ته پاڪستاني قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جو رب پاڪ خير ڪري ، برحال هن وقت به ملڪ جڏهن معيشت تباهه ٿي آهي ، جڏهن ملڪ اندر انتشار جهڙي خطرناڪ صورت هال اڳيان آهي ، جڏهن ته پاڪستان جون تمام سياسي پارٽيون هڪ ٻئي کي جهڪائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ، جتي استحڪام نه هجي ، جتي محبت نه هجي پوء ائين ئي ٿيندو رهندو آهي جيئن هاڻ ٿي رهي آهي ، جڏهن ته ڪجهه هفتن ۾ هڪ درجن کان هڪ ٻه گهٽ خودڪش ڌماڪا يا بم ڌماڪا ٿي چڪا آهن سدائين جيان هاڻ به انهن ڌامڪن جو رخ بلوچستان مٿان ئي آهي ، جڏهن ته سدائين جيان هاڻ به انهن دهشتگردن جو تارگيٽ بلوچستان ڪوئيٽا ئي آهي ، برحال ملڪ جي صورت حال مان سمجهان ٿو ته خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ، ان سان گڏ گونرس سنڌ ڪامران ٽسوري جي مداخلت بعد اڳوڻي ايم ڪيو ايم پاڪستان جا تمام ڌڙا لڳي ائين ٿو ته نئين اليڪشن 2023 ۾ سڀ گڏ ٿي ورهندا ، جڏهن ته اتفاق سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اندر اهي ، اڳواڻ آهن جن ماضي ۾ قائد هق پرست الطاف حسين سان ئي تعلق رهيو آهي جڏهن هڪ اشاري تي ڪراچي سميت ڪيترائي شهر بند ٿي ويندا هيا ، هاڻ اهي الطاف ڀائي کي خدا حافظ چئي ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت مختلف گروپ جوڙي هڪ ٻئي مٿان به سياسي حملا ڪندا رهيا جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪهڙي به هجي سدائين پاڪستان پيپلزپارٽي جو هو حصو رهيا آهن ، هن وقت به اليڪشن جو نه ٿيڻ به هڪ سبب ضرور آهي ، جڏهن ته سنڌ ڌرتي جي وارثن سان ماضي ۾ جيڪو يٿندو رهيو يا جيڪي بيان ايندا رهيا اهي به اسان جي اڳيان آهن جڏهن ته هان جڏهن آمريڪا اهو اسارو ڏنو آهي ته سوات ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ، ان تي اسان جي نظر آهي ، اسان سدائين پاڪستان جا مددگار رهيا آهيون هاڻ به جيڪڏهن پاڪستان ڪا به مدد گهري ته پوء اسان انهن سان گڏ هوندا سين ، مان سمجهان ٿو ته ملڪ انتهائي خطرناڪ صورت حال مان گذري رهيو آهي ، دهشتگردي هن ملڪ کي برباد ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ، آخر اهڙي صورت حال ڇو پئي جنم وٺي آخر اهڙي ڪهڙي هن وقت مجبوري آهي ، جو سنڌ جو وزيراعلي سميت پاڪستان جو بي تاج بادشاه جناب آصف علي زرداري به دهشتگردن کي ڪچلڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي برحال بس مالڪ سائين هن ملڪ مٿان خاص باجهه وجهي ڪجيڪڏهن اهڻ به اسان اکيون بند ڪيو ۽ خاموش ٿي چپ رهياسين ته پوء جيئن خاص پاڪستان پيپلزپارٽي کان ٻيا صوبا هليا ويا آهن ائين سنڌ صوبو به انهن جي هٿ مان نڪري ويندو ، بدقسمتي سان اسان 76 سال گذرڻ باوجود دوست سڄڻ کي سڃاني ناهيون سگهيا بي حدن افسوس پيو ٿئي بس مالڪ رحم فرماء حاليه ملڪ اندر دهشتگردي جي حملن بعد وري اها به اميد جاڳي آهي ته بيان بازي صدر آصف علي زرداري قوم کي نئين سال جو واڌايون ڏيندي چيو آهي مون کي يقين آهي ته ايندڙ سال ملڪ جي ترقي ۽ قوم جي خوشحالي جو سال هوندو. پنهنجي پيغام ۾ آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني عوام وڏين تڪليفن کي منهن ڏنو، ڪورونا ۽ ان کانپوءِ ٻوڏ وڏو نقصان پهچايو، برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي پهرين ترجيح آهي، متاثرن جي مُنهن تي مُرڪون موٽائڻ اسان جو مشن آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري انتهائي مختصر وقت ۾ عالمي دنيا ۾ پاڪستان جي ساک قائم ڪئي آهي، عالمي دنيا بلاول جي ڳالهه ٻڌي رهي آهي ۽ سندس موقف کي مڃي رهي آهي، جيڪا پاڪستان جي تاريخي ڪاميابي آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ سدائين دهشتگردن جو خاتمو ڪيو، منهنجي لاءِ اها تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي ته خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ وري دهشتگرد ڪارروائيون ڪري رهيا آهن، شهيد بينظير ڀٽو جو فلسفو سچ ثابت ٿيو آهي ته دهشتگردي جو خاتمو رڳو جمهوريت ئي ڪري سگهي ٿي، اسان جو واعدو آهي ته دهشتگردن جو انت آڻي پنهنجي ڌرتي تي امن قائم ڪنداسين ۽ ايندڙ نسلن کي هر قسم جي خوف کان پاڪ معاشرو ڏينداسين. آصف زرداري چيو ته نئين سال جي خوشي جي موقعي تي ٻوڏ متاثرن ۽ مظلوم ڪشميري ڀائرن کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو، يقين آهي ته 2023 ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي جو سال هوندو . سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي کي ڪو دهشتگرد بند نٿو ڪري سگهي، هاڻ ڪراچي کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته پ پ ڪراچي ۾ ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، ڪراچي کي اهڙو شهر بڻائينداسين جو دنيا ۾ چرچا هوندا. هن چيو ته اسان شهرين کي دهشتگردن مان ڇوٽڪارو ڏياريو، بلاول جي قيادت ۾ ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم کي به منهن ڏينداسين، ڏوهن تي ضابطو آڻينداسين. سندس چوڻ هو ته 2018 جي چونڊن ۾ ڪراچي ۾ ڌانڌلي ٿي، عمران خان ڪراچي لاءِ 11 ارب ته ڇا 11 رپيا به خرچ نه ڪيا. مراد علي شاهه چيو ته ڪلاشنڪوف ۽ منشيات جي ڪلچر کان اڳ ڪراچي ماڊل شهر هو، پ پ ورڪر ڪراچي کي تبديل ڪندا، ڪراچي کي ڪو دهشتگرد بند نٿو ڪري سگهي، هاڻ ڪراچي کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ حق حڪمراني صرف پيپلزپارٽي رکي ٿي، ڪراچي شهر هاڻي پيپلز پارٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ اها پارٽي شهر جو انتظام سنڀالي رهي آهي، ڪراچي شهر ۽ ورڪر سڀ بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي آهيون، بلاول صاحب جو اباڻو شهر لاڙڪاڻو آھي پر پيدائش ڪراچي جي آهي. چيئرمين صاحب ڪراچي جي مالڪي ڪري رھيو آھي.وڏي وزير چيو ته پ پ چيئرمين جي هدايت تي شهر ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن، اسان هن شهر کي ترقي، روزگار، تعليم، ثقافتي ۽ صنعتي ترقي ڏئي رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي 2008ع کان ڪراچي ۾ محنت ۽ سچائي سان ڪم ڪري رهي آهي. 2008ع ۾ دهشتگردي عروج تي هئي، زبردستي شهر بند ڪرايو ويندو ھو، اهڙين حالتن ۾ انسان ترقي جو سوچي به نه ٿو سگهي، پيپلز پارٽي پهرين امن امان بحال ڪيو پوءِ ترقياتي ڪم شروع ڪيا، هاڻ ڪجھ اسٽريٽ ڪرائم جو مسئلو آهي ۽ ان جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. سيد مراد علي شاھ چيو ته ڪراچي کي امن جو گهوارو بڻائينداسين جيڪو ڪراچي جو ماضي هو اهو شهر واپس بڻايو ويندو، اسان سڀ گڏجي ڪراچي کي ٺيڪ ڪنداسين، اسان سڀ شهر کي تبديل ڪنداسين. اسين سڀ گڏجي دنيا جي سڀ کان بدامني واري شهر ۾ امن قائم ڪيو هاڻ روشنين جو شهر بڻائينداسين. ھن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو رڪارڊ آهي مرتضي گهڻو ٻڌايو پر گهڻو وساري ويو، پھريان جڏهن شهر ۾ برسات پوندي هئي ته شهر پاڻي هيٺ اچي ويندو هو. ھاڻ شهر ۾ برسات کان وڌيڪ شهر ۾ ٻوڏ واري صورتحال نه آھي،اڳ جي وفاقي حڪومت 11 سئو ارب رپيا اعلان ڪيا پر 11 رپيا به خرچ نه ڪيا ويا، امن امان ۽ اسپتالن تي خرچ ۽ ايس آئي يو ٽي ٽي جيڪو خرچ ڪيون ٿا ان تي پوري پاڪستان کي فائدو ٿئي ٿو. مان سمجهان ٿو ته هن وقت ڪجهه ته ملڪ اندر ٿيڻ وارو آهي جهڙي ريت پاڪستان اندر وري ٻيهر خودڪش حملا ڪري خوف حراس ڦهلائڻ جي ناڪم ڪوشش ڪئي آهي ، جڏهن ته پاڪستان جي سياسي پارٽين جي سربرهان پاران ڪجهه حاصل ڪرڻ لاء به بيان بازي تيز ڪري ڇڏي آهي ، ٻئي طرف اهڙي خطرناڪ صورت حا بعد پاڪستاني شهري پريشان آهن.
zawarshah110@yahoo.com










