ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي سينيئر اداڪار ۽ هدايتڪار عثمان پيرزاده بجلي بلن جي واڌ تي سخت ردعمل ڏنو آهي.تازو ئي هڪ انٽرويو دوران اداڪار کان بجلي جي بلن بابت سوال ڪيو ويو جنهن تي هن چيو ته ”توبهه توبه، بل خوفناڪ آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ايندڙ مهينن ۾ ڇا ٿيندو“ عثمان پيرزاده چيو ته خبر ناهي مستقبل ۾ بل ادا ڪري سگهنداسين يا نه، ٿي سگهي ٿو بجلي ڪٽي ڇڏيان ڇو ته مان برداشت نه ٿو ڪري سگهان.هن وڌيڪ چيو ته ”ڪڏهن آئون انهن ماڻهن جي باري ۾ سوچيندو آهيان جن وٽ وسيلا گهٽ آهن يا اهي مالي طور تي مضبوط نه آهن، اهي زندگي ڪيئن گذاريندا، مٿان کان سخت گرمي، بجليءَ کان سواءِ رهي به نه سگهندا. عثمان پيرزاده چيو ته ماڻهو سولر جو شوقين آهن پر ڪڏهن ٽيڪنالاجي تبديل ٿي آهي ته ڪڏهن ان تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ماڻهو پريشان ٿي ويندو آهي.هن چيو ته منهنجو بل ايترو خوفناڪ آهي ته مان ڇا چوان، گهر ۾ اي سي آهي، منهنجي زال، مان ۽ منهنجي ڌيءَ هڪ ئي ڪمري ۾ سمهون ٿا.










