ڪاشف نوراني
اڇڙي ٿر (کپرو) جي اسان جي پياري دوست سائين شاھنواز ھنڱورجي جي پيار ۽ پاٻوھ سان ڀريل سڏ تي نوابشاه مان، سائين قربان علي فاروقيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ مان ( ڪاشف نوراني) ، سائين منظور علي سيال ، زيد الطاف خاصخيلي، عبدالحفيظ گجر، جاويد احمد شيخ، اشفاق راھوجي، ضمير حسين مري، رضوان فاروقي سميت سياري جي ٿڌ سان رومانس ڪندڙ مالود مارو ماڻهن جي حسين علائقي اڇڙي ٿر ڏانهن خوشي خوشي ۾ روانا ٿياسين. اسان کي صبح 9 وڳي نوابشاه مان نڪرڻو هو پر سيلفين جي شوق ۾ دوستن جي ميڪ اپ اسان کي ٿورڙي ليٽ ڪرائي ڇڏي. نيٺ 9 لڳي 50 منٽن تي نوابشاه شهر کي الوداع ڪيوسين ۽ شاھ پور چاڪر جي پيسينجر پياري ساجد حسين ڏاھري کي کڻي سانگھڙ پهتاسين جتي نارنگين ۽ زيتون سان ٻہ ٻہ ھٿ ڪياسين. نارنگين ۽ زيتون کي ايئن کاڌوسين ڄڻ جنم جنم جا بکيا هجون. بھرحال کائي ڍئو ڪري گاڏين ۾ ويٺاسين ۽ هاضمي وارين اوگھراين کي انجواءِ ڪندي انگڙ ونگڙ پيچرن ۽ آڏن تکن رستن کان ٿيندا هلندا رھياسين. اڳيان جڏھن واريءَ جي پهاڙن جو سلسلو شروع ٿي ويو ته ڪنهن جاءِ تي هڪڙي چنگچي ڏٺيسين جنهن جي اڳئين ۽ پوئين سيٽ تي 4-4 مايون ويٺل هيون جڏهن ته چنگچي جي ڊرائيور جي پويان به هڪ همراه ويٺل نظر آيو. چنگچي تي هڪئي وقت 10 ماڻهو ڏسي مون چيو ته اسان 9 ماڻهن لا۽ ٻه وڏيون گاڏيون ڪيون آهن۽ هي ڏسو هڪڙي ننڍڙي گاڏيءَ تي پورا ٿي ويا! بهرحال گاڏين ۾ دوستن سان کل ڀوڳ ڪندا رهياسين ۽ 5-5 منٽن ۾ هڪ ٻئي سان فونن تي به پيو ڳالهايوسين جنھن ۾ خصوصي ذڪر ٻن ڇڙن اشفاق راھوجي ۽ ضمير مري جي شاديون ڪرائڻ جي باري ۾ ھئو. هلندا پئي وياسين ته وقت جي ڪا خبر ئي نه پئي. کپرو يعني اڇڙي ٿر پڄندي اسان کي 12 ٿي ويا. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کپرو وٽ چيلھ سڌي ڪرڻ لا۽ گاڏين جي پچر ڇڏيسين ۽ لھي فوٽو ڪڍراياسين ان دوران ساجد ڏاھري جي پرين پياري دوست احمد خاصخيليءَ جي ڀرپور سھڪار سان مون کي ۽ منظور کي نارنگيءَ جو جوس پيئڻ لا۽ ملي ويو. پياري شاھنواز ھنڱورجي جي ڳوٺ حاجي ولي داد ھنڱورجو ڏانھن ويندڙ رستي تي موجود بائيڪو پيٽرول پمپ تي منھنجي ناناڻي شھر ٽنڊوالهيار ۽ چمبڙ مان آيل سائين قربان ۽ سائين شاھنواز جي ميوچوئل دوستن سائين عباس علي لغاري، سائين گل محمد لغاري ۽ سائين عبدالغني دائود پوٽي پڻ جوائن ڪيو ۽ پو۽ اسان جو پنڌ سائين شاھنواز ڏانھن روان دوان ٿي ويو.
ڳوٺ حاجي ولي داد ھنڱورجي جي رستي تي ھلندي ھلندي جڏھن تاريخ تي نظر وڌم تہ خبر پئي تہ تعلقه کپرو جنهن جي 60 سيڪڙو کان مٿي ايراضي اڇڙي ٿر جو حصو آهي. ديهه راڻڪ ڏهر، ۽ ديهه راڻاهو ٻه مکيه ديهون اڇڙو ٿر جون جيڪي تعلقه کپرو ۾ اچن ٿيون جڏهن ته هن علائقي واري جا دڙا، ڀٽيون، ڊيهون نظر اينديون آهن. اڇڙي ٿر ۾ ٿوهر، ڪنڊي، ٻٻري، ٻوهه، روهڙو، کپ، کٻڙ، ڦوڳ، ٽوهه وغيره جا ٻوٽا ۽ وڻن نظر ايندا آهن. اڇڙو -اڇڙو ٿر به ڪنهن زماني ۾ سرسبز ۽ ساوڪ وارو ديس ٻڌايو وڃي ٿو ، ڇو جو ڪنهن زماني ۾ هن خطي ۾ به ڪيترن درياهي وهڪرن جو ذڪر ملي ٿو . موجوده دور ۾ به انهن مان ڪن درياهي وهڪرن جا نشان نظر اچن ٿا ، پر ڪافي درياهن جا پنڌ ۽ پيچرا رڻ ۾ رلي ويا آهن . ڪتابي دنيا ۾ هن علائقي مان هاڪڙو ، سرسوتي ، ريڻي درياهه جي موجن جو احوال ملي ٿو ٿر بابت ڪيتريون ۽ ڏند ڪٿاهون آهن ڪي چون ته ته هزارين سال اڳ اڇڙي ٿر مان سمنڊ ڇوليون هڻي وهندو هو. ڪي چوڻيون آهن ته درياءَ وهندو هو. پر اڃا تائين ڪنهن به ادري اڇڙي ٿر بابت ايتري تحقيق نه ڪئي جو هن اها ڳالهه ڪليئر ٿي سگهي.اها به چوڻي مشهور آهي ته وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر. -اڇڙو ٿر- سنڌ جي پنجن ضلعن سانگهڙ ، نوابشاهه ، خيرپور ، سکر ، گهوٽڪي کان وٺي هندستاني سرحد تائين ڦهليل آهي.
بھرحال قربان فاروقيءَ جو شاھنواز سان فون تي رابطو رھندو آيو جنهن رستي بابت سمجھايو پئي. واري. جون ڀٽون، نارا ڪئنال جي پل، رستي ۾ مينھن، ڍڳين ۽ ٻڪرين جا ولر ڏسندا نيٺ سندس ڳوٺ پھتاسين جتي ميزبان محبتي سائين شاھنواز ھنڱورجي سندس ساٿين غلام شبير، غلام مرتضي، حاجي حسين هنڱورجي، خادم سروري ۽ درجنين دوستن ۽ مائٽن سان گڏ آڌر ڀاءُ ڪيو. سندس اوطاق تي تي وڇايل کٽن تي ٿري ڀرت سان ڀريل وھاڻن جي ڇون ۽ ٽڪ تي ٺھيل رلين جو ڏيک ڪنھن اپسرا جي تخت تي وڇايل بستري جيان لڳي رھيو ھو. جڏھن ته منظور سيال اوطاق تي موجود واڙي جو وزٽ دوران وڏي معصومانہ انداز ۾ خالي ڪتر مشين ھلائي فوٽو ڪڍرايا.
سائين شاھنواز پرتڪلف مانجھاندي جي اھتمام ڪرائڻ لا۽ پنھنجن ڀائرن ۽ سئوٽن کي چئي اسان سڀني کي 12 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي عطا چانھيو ميوزيم گھمائڻ لا۽ ڀڳل ڀريل روڊ تان ڳوٺ بانڪو چانھيو وٺي ويو. جتي تر جي زميندار ۽ لطيف جي سچي عاشق، سنڌ جي مشھور صحافي ۽ اديب سائين عطا چانھيئي جي گڏ ڪيل نوادرات ڏسي حيران ٿي وياسين. ھن عجائب گھر ۾ سنڌ جي تاريخ جون ڪيئي ناياب شيون، سنڌ جي عظيم تھذيب جون شاھد بڻيو بيٺيون آھن. اوڏڪي ڀت ۾ جڙيل، لوھي دروازو جيئن ئي ٽپجي ٿو ته، موھن واري ڏاند گاڏي، نارُ، ھرُ، بگيِ، ڪجائو، گھڙا منجي ۽ سنڌو تھذيب جون ٻيون انيڪ شيون آڌرڀاءُ ڪن ٿيون. ھن ميوزيم ۾ سنڌ جي سنگيت جا ساز! ساز ۽ سوز سنڌ جي تھذيب جا اھي اثاثا آھن، جن تي گھورجي لطيف جي راءِ ڏياچ سر گھوري ڇڏيو ھيو. ھتي رڳي لطيف جو تنبورو نه پر کُماچ به آھي ته سارنگي ۽ سرندو به موجود آھي. مرلي تي نظر پوي ٿي ته لطيف جو سر رام ڪلي ياد پوي ٿو ۽ جوڳين، سنياسين، ڪاپڙين ۽ ڪنوٽين ڪن چيرن جا قافلا، ھنگلاچ کان نانيءَ ڏانھن ويندي محسوس ٿين ٿا. رباب، بين ۽ بوڙينڊي تي نظر پوي ٿي ته لطيف جي بيت جي سٽ ياد اچي وڃي ٿي، ”رڳون ٿيون رباب،وڄن ويل سڀ ڪنھن“. يڪتارو به آھي ته چنگ به. ھن عجائب گھر ۾ بينجو به آھي، جيڪو ھاڻ آھستي آھستي ناياب ٿيندو پيو وڃي، ڪنھن زماني ۾ بينجو ھر فنڪار سان سنگت ۾ ھوندو ھيو ۽ فنڪار جي آلاپ کان اڳ جڏھن وڄندو ھيو، ته ڄڻ موسيقي ڪنھن وجدان ۾ اچي، پاڻ رقص ڪرڻ لڳندي ھئي. ھن ميوزم ۾ چترال ۽ آفريڪا جو يڪتارو به آھي ته گٽار ۽ وائلن سان گڏ، ٻيا به ڪيترائي سنگيت جا سامان موجود آھن. ھي آھي گراموفون جنھن تي ڪنھن زماني ۾ سنگيت سُڻبي ھئي ۽ ريڊيو گرامو، وڪٽوريا ٽانگو سميت، ھن عجائب گھر ۾ سنگيت جي ھڪ دنيا جڙيل آھي.
جڏھن اوائلي ھٿيارن تي نظر پوي ٿي ته سنڌ جو جنگي منظرنامو سامھون اچي وڃي ٿو، جنگي جيپ، ڀالا جنھن سان جوان مُنھان مُنھن ٿي جُنگاڻ مچائيندا ھيا، اھي ته آھن ئي پر تراڙيون، ڪاتر، تير ڪمان، گھوٻاٽا، چيلھ سان ٻڌي ھلڻ وارو کڙدم، سونٽو، ڏڦو، منھن ڀرڻيون بندوقون، ڪارتوسي پستول، روالور ۽ ٻيا ھٿيار به ھن عجائب گھر ۾ ھوندي، سنڌ جي جنگي جھان جا قصا ٻڌائي رھيا آھن. عطا محمد جي ميوزيم تاريخي ماڳن کي به ناھي وساريو، رتوڪوٽ، نهوٽو، سامي جي مڙهي، چانهون جو دڙو ۽ قبول جي دڙي سميت مختلف ماڳن مان مليل مٽي جا ٿانون به ھن ميوزم جي سونھن بڻيو بيٺا آھن، انھن ٿانون ۾ دلا، دکيون، کنجيون، چاڏيون، گھگھيون، مٽ توڙي ٽرامي جون تاساريون، وٽا، گلاس ۽ ٻيا انيڪ ٿانون پيل آھن جن کي ڏسي سنڌ جي مھذب ھجڻ جون عظيم ثابتيون ملن ٿيون. اھو ٿھلو به ڏٺوسين جنھن تان پير صاحب پاڳارو مريدن کي بيھي ديدار پڻ ڪرائيندو ھئو. انھي دوران ڪمينٽس بڪ به اچي ويو جنھن ۾ فوجين جي ٺھيل ٽيبل ڪرسي تي ويھي سڀني دوستن جي حاضري ڏيکاري سائين عطا جي ڪيل محنتن کي ساراھيو. ياد آيو ته حفيظ گجر سگريٽ جا ڪجھ ڪش به ھنيا ۽ ميوزيم ۾ موجود پينگھي ۾ لڏيو. جڏھن ته الطاف خاصخيليءَ جاويد شيخ پينگھي جي مٿان لڳل جھلي کي لوڏي کيس ھوائون به ڏنيون.
انھيءَ حيرانگي ۾ متاثر ٿيندي فوٽوز ڪڍرائي پيٽ جي باھ کي وسامڻ لا۽ واپس اوطاق جو رخ ڪيوسين. اوطاق تي جڏھن رسياسين ته اتي سائين شاھنواز ۽ سندس ھمنوائن ھڪ پر تڪلف مانجھاندو جو دسترخوان سجايو ويٺا ھئا. ماني جي مينيو ۾ ھرڻ جو گوشت، مٽن جوائنٽ، سھي جو گوشت، اڇو ٻڪر جو ڪورمو، ڳاڙھو ڪورمو، آڙي، مڇي، جيرانڊي، اوجھري جو ٻوڙ، مريڙي جو ساڳ ۽ ٻاجھر جي ماني، ماکي مکڻ، چانور ۽ ٻيون لذيذ ڊشون شامل ھيون. جڏھن ته لسيءَ سڄي مانيءَ جي ٽيسٽ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. چار چنڊ جي چڪر ۾ مون به لسيءَ جا چار گلاس ڳڙڪائي ڇڏيا. مانيءَ جو جھجھو مقدار ٻن ڇڙن اشفاق ۽ ضمير کاڌو جن کي گھر جي ٺھيل لب شيرين کائڻ کان پو۽ ايپريشيييٽ ڪيو ويو.
مانيءَ کان پو۽ ٽنڊوالھيار جي دوستن ٽنڊو الهيار جي گھٽين جو ذڪر ڪيوسين جنھن ۾ کين ٽنڊو الهيار جي مختلف پاڙن ۽ ذاتين کي ڊسڪس ڪيوسين. سائين شاھنواز سان موڪلاڻي واري ڪچھري دوران سندس بار بار ٿورا مڃياسين ۽ جلد ئي وري ڪنھن ٻي جا۽ تي ڪچھري جو پروگرام ٺاھيوسين. نيٺ نه چاهيندي به کانئس موڪلايو سين ۽ واپس نواب شاھ جي سفرتي روانا ٿياسين. گاڏيءَ ۾ قربان فاروقي، ساجد ڏاھري ۽ ضمير مري جي موجودگيءَ ۾ منظور سيال سانگھڙ مان مڇي وٺڻ جو وعدو ڪيو جيڪو سانگھڙ پھچڻ تي وفا نه ٿي سگھيو. نيٺ ھلندي ھلندي شاھپور چاڪر آيو جتي شاھپور جي پيسينجر ساجد ڏاھري چانھ جو چڪو پياريو ۽ اتان ئي موڪلائي پنھنجي وٿاڻن ڏانھن روانو ٿي ويو.
اسان به ھڪ ٻئي جي پويان نواب شاھ ڏانھن روانا ٿياسين. نواب شاھ پھچندي گاڏي ۾ سائين شاھنواز سان ٿيل ڪچھري ۽ دوستن جي ميل ملاقات تي سائين شاھنواز پاران ڏنل پيار کي سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو. جڏھن تہ مون، قربان ۽ منظور پنھنجي يونيورسٽي لائيف جي ڪجھ واقعن تي ٽھڪ ڏيندي خوشي خوشي پنھنجن گھرن ڏانھن پھتاسين. ايئن لڳو ڄڻ وڏي عرصي کان پو۽ چهري تان اداسي الائي ڪاڏي هلي وئي هجي….!!!!!!!










