اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف توشه خانه II ڪيس جي ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.اڊيالا جيل ۾ توشه خانه II ڪيس جي ٻڌڻي اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند ڪئي.اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند جي عدالت پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيلن کي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ بابت آگاهه ڪيو.پي ٽي آءِ جي باني جي وڪيل خالد يوسف چوڌري چيو ته ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.










