حڪومت ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۾ معاهدو، ڌرڻا ختم، روڊ بحال

حڪومت ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۾ معاهدو، ڌرڻا ختم، روڊ بحال

گوادر (ويب ڊيسڪ)ضلعي انتظاميا ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، اڄ کان صوبي جا سمورا نيشنل هاءِ ويز کوليا ويندا. جيو نيوز جي رپورٽ موجب بلوچ ساليڊيئرٽي ڪميٽي گوادر سميت بلوچستان ۾ سمورا ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، بلوچ ساليڊيئرٽي ڪميٽي جي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ ڊپٽي ڪمشنر گوادر معاهدي تي صحيحون ڪيون. صوبائي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب انتظاميا ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد موبائيل نيٽ ورڪ بحال ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رڪاوٽون هٽائي سمورا رستا کوليا ويندا. جاري ڪيل پڌرائي موجب گرفتار ٿيلن کي بلوچ اتحاد ڪميٽي جو اجلاس مڪمل ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويندو. ياد رهي ته گوادر سميت سڄي صوبي ۾ مختلف هنڌن تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڌرڻن سبب نيشنل هاءِ وي سميت مختلف روڊ بند ٿي ويا هئا، جنهن سبب ڪراچي، خضدار، حب، قلات، سوراب، قلات، تربت، پنجگور ۽ گوادر ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ متاثر ٿي. گوادر ۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي ايم 8 سميت سمورا رستا بند ٿي ويا، تربت، گوادر سميت مڪران سان ڳنڍيندڙ روڊن جي بندش سبب مسافرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، مختلف هنڌن تي مال گاڏيون ۽ مسافر گاڏيون بيهجي ويون. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پنهنجي مطالبن ۾ چيو هو ته گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي، وسيلن تي قبضي جو سلسلو ختم ڪيو وڃي ۽ بلوچستان جا سمورا وسيلا مقامي ماڻهن جي خوشحالي تي خرچ ڪيا وڃن.ياد رهي ته بلوچ راجي مچي يعني قومي ڪٺ گوادر ۾ جاري هيو جنهن ۾ بلوچستان، پنجاب، سنڌ ۽ ايراني بلوچستان مان آيل ماڻهن شرڪت ڪئي. حڪومت مختلف شهرن مان ڪٺ م شامل ٿيڻ لاءِ ويندڙ قافلن جي گاڏين جا ٽائر برسٽ ڪري کين بيهاري ڇڏيو هو. آءِ ايس پي آر موجب هڪ جوان شهيد ۽ 16 اهلڪار زخمي ٿيا جڏهن ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي هزارين ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ لاپته ٿيڻ سان گڏ ڪجهه ڪارڪنن جي شهادت جي دعويٰ به ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو