حالتون ان طرف ويون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آرٽيڪل موجود

حالتون ان طرف ويون ته آئين ۾ ايمرجنسي جو آرٽيڪل موجود

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صورتحال ان طرف وڃي ٿي ته حڪومت وٽ ايمرجنسي جو اختيار آهي، آئين ۾ ايمرجنسي جو آرٽيڪل موجود آهي، اهو آرٽيڪل ڪٿي به ناهي ويو.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته چئن ججن اهو پاڻمرادو نوٽيس رد ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪيس جو فيصلو فل ڪورٽ ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ عوام جي آواز موجب فيصلو ڪندي.رڳو انصاف نه پر انصاف به ٿيڻ گهرجي، هر ڪيس ۾ اهي ٽي جج ڇو؟ هر طرف کان فل بينچ جو مطالبو ٿي رهيو آهي ته پوءِ ان کي مڃڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ هڪ سوال تي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن صورتحال ان طرف وڃي ٿي ته حڪومت وٽ ايمرجنسي جو آپشن آهي، آئين ۾ ايمرجنسي جو آرٽيڪل موجود آهي، اهو آرٽيڪل ڪٿي به ناهي ويو، بلاول ايمرجنسي لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي يا؟ مارشل لا، ان لاءِ هڪ جواز موجود آهي، جڏهن هر اهم ڪيس جي ٻڌڻي هڪ ئي ٽن ججن ڪندي، تڏهن جواز پيدا ٿيندو. گهرو وزير چيو ته هر ڪيس ۾ ٽي جج ڇو آهن، هر طرف کان فل بينچ جو مطالبو ٿي رهيو آهي ته پوءِ ان کي مڃڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي، سياسي ۽ معاشي بحران سان گڏ اڄ جو عدالتي بحران به آهي. عمران نيازي جي غداري واري سياست، آئين ۾ ڏنل اسڪيم تحت نگران حڪومت جي سيٽ اپ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ٿيڻ گهرجن، ملڪ کي وڌيڪ انتشار جي طرف ڌڪيندڙ ڪو به فيصلو نه ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته حڪومتي ميمبر بهتري جي اميد سان عدالت ۾ آيا آهن.جيڪڏهن الڳ چونڊون ٿيون ته ملڪ وڌيڪ مسئلن جو شڪار ٿيندو، سپريم ڪورٽ مان سٺي فيصلي جي اميد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو