اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته حڪومت ڪيتري ئي عرصي کان مون کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هن زندگي ۾ ايتري پوليس نه ڏٺي هئي، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ڪلڀوشن عدالت ۾ اچي رهيو هجي. صحافي پاران عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا هو عدالت ۾ ججن جي سامهون معافي گهرندو، جنهن تي عمران خان چيو ته مان توهان کان اين او سي وٺندس، توهان وٽ ڪافي تجربو آهي. گرفتاري بابت سوال تي عمران خان چيو ته حڪومت گهڻي عرصي کان مون کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيل ويو ته وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندس. صحافين جي سوال تي عمران خان چيو ته باقي ڪم بعد ۾ ڪندس ته جيئن جج پريشان نه ٿين، مون کي عدالت ۾ اچڻ ۽ وڃڻ ۾ 15 منٽ لڳي ويا.










