جي يو آءِ  لاڙڪاڻي جي سياست

جي يو آءِ لاڙڪاڻي جي سياست

تحرير حسين آزاد ميمڻ

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومنٽ طرفان پيپلز پارٽي نوٽيس موڪليو ويو آھي جنهن ۾ وضاحت طلب ڪئي وئي آهي ته سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ طور پي پي پي يوسف رضا گيلاني کي چونڊرائڻ خاطر پي ڊي ايم جي معاهدن ۽ وعدن جي خلاف ورزي ڪندي سرڪاري بيچن مان باپ پارٽي جي ميمبرن کان ووٽ ورتا آھن ۽ جڏهن ته نواز ليگ جو سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊڻ لاء پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان گڏيل معاهدو ٿيل هو ان جي ڀڄڪڙي ڇو ڪئي آھي ؟۔ جڏهن ته پيپلز پارٽي جو موقف آھي ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ سينيٽ جي چيئرمين جي چونڊ لاء يوسف رضا گيلاني جي نالي تي سڀني پارٽين جي رضامندي  هئي پر سينٽ ۾ مخالف ڌر  جي اڳواڻ جي چونڊڻ لاء نواز ليگ جو اميدوار جي حوالي سان ڪا به وضاحت نه هئي ۔ بهرحال هن وقت پي ڊي ايم طرفان پي پي پي کي نوٽيس موڪليو ويو آھي ۽ کائيس وضاحتون طلب ڪيون پيون وڃن ۔ هن وقت عام راء جڙي چڪي آھي ته پي پي پي ۽ پي ڊي ايم پاڻ ھلي نه سگهنديون ڇاڪاڻ اختلاف وڌي وڻ ٿي چڪا آھن ۔ پر هڪ طرف پي ڊي ايم جو سربراھ مولانا فضل رحمان پي پي پي کي ميارون ڏئي ڪاوڙ جو اظھار ڪري رهيو آھي ته پي پي پي وعده وفا نه ڪيا ۽ مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم جي معاهدن وعدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي ۽ سرڪاري ڌر پي ٽي آء خلاف گڏيل هلندڙ جدو جهد کي ڪاپاري ڌڪ هڻي عمران خان جي پي ٽي آء کي پنج سال حڪومت ڪرڻ جو رستو صاف ڪري ڏنو آھي ۔ يقينن پي ڊي ايم جي سربراھ مولانا فضل رحمان جي اهيا ميار ٺھي ٿي  پر جمعيت علماء اسلام جي صوبائي سربراھ شھيد  ڊاڪٽر خالد محمود جي پٽ جي سياست سمجھ ۾ نٿي اچي ته هو هڪ طرف مولانا فضل رحمان جي پارٽي جي يو آء جو صوبي سنڌ جو صدر آھي ۽ جي يو آء ھن وقت پي ٽي آء جي سڀ کان وڏي مخالفت ڪري رهي آھي هن کان اڳ جي يو آء فضل رحمان جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻھو اسلام آباد واري ڌرڻي۾ شامل ٿي چڪا آھن ۽ ريليون جلسا به هر صوبي ۾ وڏا ڪيا آھن ۽ اسلام آباد واري مارچ دوران  مخالف ڌر  پي پي پي توڙي نواز ليگ بهترين استقبال به ڪيو هو ۽ راشد محمود سومري گلي ڦاڙ پي ٽي آ۽ خلاف  نعرا ۽ تقريرون به ڪيون ھيون ماڻھن کي پي ٽي آء خلاف ڀڙڪايو هو انهن سڀني ڳالهين جي باوجو پاڻ تازو  لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي  چيو آھي ته  پي ڊي ايم اليڪشن اتحاد نه آھي  آئون لاڙڪاڙو عوامي اتحاد جو حصو آھيان ۽ عوامي اتحاد جو دائرو ٻين ضلعن ۾ وڌايو ويندو  ۔انهي عوامي اتحاد ۾ پي ٽي آء شامل آھي جنهن جو اڳواڻ امير بخش ڀٽو آھي۽ انهي اتحاد جو سرگرم اڳواڻ پڻ آھي ۔ لاڙڪاڙي جي سياست پوري ملڪي سياست تي اثر ڇڏي ٿي ڇاڪاڻ لاڙڪاڻو ذولفقار علي ڀٽي جو ڳوٺ سمجهيو ٿو وڃي ۽ شھيد ذولفقار علي ڀٽي جي شهادت کان وٺي لاڙڪاڙي ۾ پوري پاڪستان جي عوام ڀٽي صاحب جي عقيدت ۾ مزار جي حاضري ڀرڻ ايندي به آھي ۔ جڏهن شهيد بي نظير ڀٽو هئي ۽ سياست ۾ گهڻو ڪري پاڻ کي لاڙڪاڙي جي سڏرائي چوندي هئي ته لاڙڪاڙي ۽ لاهور ۾ فرق رکيو ٿو وڃي ۔ ٻين لفظن کڻي چئجي ته اسٽيبليشمنٽ سنڌي وزير اعظم ۽ پنجابي وزير اعظم ۾ تعصب وارو رجحان رکي ٿي   جنهن ڪري پي پي پي جي سرڪار کي هلڻ نٿو ڏنو وڃي ۔ ان دور کان وٺي لاڙڪاڻي مشھوري ماڻي آھي ۔ هن وقت لاڙڪاڻي جي سياست ۾ اهم ڳالھ آھي ته اتي جمعيت علماء اسلام جي صوبائي صدر راشد محمود سومري پيپلز پارٽي جي صوبائي ميمبر جي سمهون اتحادين سان گڏجي اليڪشن ڪندو آھي هو جمعيت جي مرڪزي پاليسي کي ڪيترو فالو ڪندو  آھي اهو هن وقت واضع طور سمهون آيو آھي ته جي يو آء  مرڪز ۾ پي ٽي آء  خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي ۽ لاڙڪاڙي ۾ جي يو آء جو صوبائي صدر پي ٽي آء کي گوڏي  ڀر ۾ ويهاري انهي سان اتحاد جون پريس ڪانفرنسون ڪري رهيو آھي جنهن ڪري نه صرف سنڌ ۾ پر پوري ملڪ جي عوام اڳيان جمعيت علماء اسلام جو ٻھروپي چھرو سامهون اچي ويو آھي ۔ راشد محمود سومرو پنهنجي بابي جي سياست تي ڪيترو پورو لهي ٿو اهو وقت ٻڌائي رهيو آھي پر هڪيو تڪيو اهو ظاهر ٿي رهيو آھي ته راشد محمود سورو سنڌ ۾ هڪ  ٽولي ۾ شامل آھي جنهن  ۾ ڪجھ قوم پرست ته ڪجھ ترقي پسند  وڏيرا ۽ پير  شامل آھن جيڪي راشد محمود سومري کي پنهنجي مرضي مطابق هلائي رهيا آھن انهي ڪري سنڌ جي جي يو آء ۾ به اندوني طور به اختلاف آھن راشد محمود جي پريس ڪانفرس کان پوء جمعيت علماء اسلام جي ترجمان  مولانا تاج محمد ناهيو کي وضاحت ڪرڻي پئجي وئي آھي ته جمعيت  علماء اسلام جو لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ ۽ ملڪ ۾ ڪنهن به پي ٽي آء ۽ جي ڊي اي سان اتحاد نه ٿيو آھي صرف 2018ع جي اليڪشن ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان اليڪشن ڪئي هئي ۔ جنهن مان پتو پوي ٿو ته جمعيت علماء اسلام ۾ سنڌ جي صوبائي صدر ۽ باقي عهديدارن ۾ ڪيتري انڊر اسٽڊنگ آھي ۽ ڪيتري جمهوريت آھي ۔ بهرحال جي ڊي اي اتحاد وارن وٽ سنڌ ليول تي اتحاد صرف پي پي پي جي خلاف آھي جنهن ۾ سنڌ جا پير ۽ وڏيرا شامل آھن سنڌ جو الميو اهو آھي ته پي پي جي خلاف اتحاد ۾ ويٺل اهي ماڻھو آھن جن اڳ۾ پنهنجي حڪومت دوران سنڌ کي ڪجھ به نه ڏنو آھي پر ٻيڻو ايم ڪيو ايم جهڙي دهشت گرد تنظيم جي اڳيان بليڪ ميل ٿي سنڌ جي ڪاز کي نقصان پهچايو آھي ۽ جنرل پرويز مشرف جا حامي ٿي جمهوريت تي وار ڪئي آھي ۔  لاڙڪاڙي ۾ پي پي پي کان اليڪشن کٽڻ لاء پي پي پي مخالف اتحاد گهڻي ڪوشش باوجود اتي  پي پي پي جي مقابلي ۾ پنهنجو ووٽ بيڪ نه ٺاهي سگهيو آھي ۔ هن وقت سياست جي مڪر ۽ چڪر ۾ ڪي قدر لاڙڪاڻي جي بلاول ڀٽو زرداري ۽ جمعيت علماء اسلام جي مرڪزي اڳواڻ مولانا فضل رحمان ۾ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي وجهڙائپ ٿي آھي  جنهن ۾ عمران سرڪار کي ختم ڪري نئي سر حڪومت ٺاهڻ جي ڳالھ تي سڀني پي ڊي ايم جي پارٽين اتفاق ڪيو هو ۽ ان تناظر ۽ جدوجهد ۾ ڏسجي ته راشد محمود سومري کي لاڙڪاڻي واري سياست کان مٿڀرو ٿي پنهنجي جمعيت جي مرڪزي پاليسي کي نظر ۾ رکي قدم واڌائڻ  گهرجي ها ڇاڪاڻ ته اڄ جي دور ۾ ميڊيا ايتري تيز ٿي آھي جو جهنگ ۾ مال چاريندڙ ڌراڙ کي به هر واقعي جي بر وقت خبر پئجي وڃي ٿي ۽ عام ماڻھو ٻھروپي ڪردار کي پسند نٿو ڪري ۔  جمعيت جي پاليسي اسلام آباد ۾ هڪڙي هجي ۽ لاڙڪاڻي  ۾ ٻئي ھجي ۽ اسلام آباد ۾ ھڙيون تقريرون ڪجن ۽ لاڙڪاڙي ان جي ابتڙ ڪجن ته عوام کي حق آھي ته هو انهن کي منافق سڏي سگهي يا سياست جي نالي ۾ ذاتي مفادن ۽ فائدن لاء چئي سگهي ٿو ۔جمعيت علماء اسلام صرف سياسي پارٽي نه آھي هو هڪ مذھبي پارٽي به آھي جنهن ۾ سياست کي صاف سٿرو ۽ چٽو رکڻ لاء ٻين پارٽين تي تنقيد ڪئي ويندي آھي پر خود ۾ جمهوري پاليسي گهٽ رکي ويندي آھي ۽ ڪنهن به راء جو احترام نٿو ڪيو وڃي انڪري جمعيت ۾ ٽوٽ ٿي رهي آھي جمعيت جي معتبر اڳواڻ حافظ حسين احمد جو  انٽرويو وارو بيان سمهون آيون آھي جنهن ۾ ھن انڪشاف ڪيو آھي ته منهنجي راء هئي  ته اسلام آباد واري مارچ  ۾ پي پي پي ۽ نواز ليگ جمعيت جو ساٿ نه ڏينديون ۽ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان  ساڳون پارٽيون منافقت ڪنديون جيڪا منهنجي ڳالھ سچ ثابت ٿئي آھي ۔ انڪري اسان جي ڳالھ کي اهميت نه ڏني وئي جو  جمعيت جي اڳواڻ مولانا عبالغفور حيدري  هڪ ميٽنگ ۾ چيو ته ”جمعيت  جان لڳائيندي ۽ نواز ليگ مال لڳائيندي  “ هن چيو آھي ته مولانا کي ڏيڍ ارب آزادي مارچ جا مليا آھن جنهن نواز ليگ پي پي پي ۽ سعودي سفارت خانو به شامل آھي ۔ ياد رهي ته حافظ احمد ۽ مولانا شيراني کي جمعيت مان رڪنيت ختم ڪئي وئي  آھي ۔ سياست جي روپ ۾ ڪيترو سياستدان پنهنجي مفادن کي اڳيان رکي عوام سان ڪيل وعدن ۽ وچنن کي پٺي ڏي ٿو اهو عوام به خوبي ڄاڻي ورتو آھي جنهنڪري هن سٺي سياست ڪندڙ ڌرين تان به عوام جو ويساھ کڄي ويو آھي انهي ڪري عوام جي خواهش آھي ته سياسي پارٽيون ٻھروپي ڪردار مان نڪري عوام لاء بهتر سوچين ته جيئن ملڪ ڪرپشن ۽ ڦرلٽ مان نڪري سگهي ۔

پهنجو تبصرو موڪليو