واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر جوبائيڊن صدر عارف علوي کي يوم پاڪستان تي مبارڪباد ڏني آهي. جوبائيڊن يوم پاڪستان جي موقعي تي صدر عارف علوي جي نالي خط لکيو جنهن ۾ هن پاڪستاني قوم کي يوم پاڪستان جي مبارڪباد پيش ڪئي.خط جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته پاڪستان آمريڪا پارٽنرشپ علاقائي امن ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصد تي ٻڌل آهي. جوبائيڊن پنهنجي خط ۾ لکيو ته افغانستان ۾ امن جي قيام ۽ ڪورونا تي قابو ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکنداسين. ماحولياتي تبديلي ۽ گڏيل چيلنجز تي قابو ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رهندو.آمريڪي صدر ان عزم جو ارادو ڪيو ته اسان پاڪستان سان گڏ ڀائيواري کي مستقبل ۾ مضبوط بنائينداسين. ياد رهي ته سڄي ملڪ ۾ يوم پاڪستان اڄ جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.










