واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)نئين چونڊيل آمريڪي صدر جو بائيڊن آمريڪا جي پارليامينٽ تي حملو ڪندڙن کي مقامي دهشتگرد قرار ڏيئي ڇڏيو آهي هن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڪالهه ڪانگريس جي عمارت تي حملو ملڪ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو ۽ صدر ٽرمپ جمهوري ادارن تي حملو ڪيو آهي.جو بائيڊن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي ووٽرن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ، ملڪ جو وقار ، سالميت ۽ آزادي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.جوءِ بائيڊن پوليس جي رويي تي تنقيد ڪندي چيو ته پوليس ٽرمپ جي حمايت ڪندڙن تي نرم آهي پر نسل پرستي خلاف احتجاج ڪندڙن تي سخت آهي.هن چيو ته ڪئپيٽيل هيل حملي ۾ ملوث مقامي دهشتگرد هئا.خيال آهي ته ڪانگريس جي گڏيل سيشن ۾ ڪالهه صدارتي اليڪشن ۾ بائيڊن جي توثيق جي موقعي تي پارليامينٽ تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حمايتين پاران حملو ڪيو ويو هو ، پوليس سان ويڙهه دوران چار ماڻهو پڻ مارجي ويا هئا.










