اسلام آباد (بيورو) توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي پيش نه ٿيڻ تي اليڪشن ڪميشن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڪيس جي ٻڌڻي ميمبر نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني ڪميشن ڪئي.عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيا، تحريڪ انصاف جي وڪيل فيصل چوڌري پيش ٿي چيو ته اليڪشن ڪميشن 3 شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا، توهان جي شوڪاز نوٽيس تي هڪ سواليا نشان آهي، ڪيس هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اليڪشن ڪميشن هاءِ ڪورٽ ۾ جواب ڏنو آهي ۽ توهان به ڪيس ۾ ڌر بڻجي ويا آهيو، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيو، 29 سيپٽمبر تي اتي ٻڌڻي آهي.ڪميشن ميمبر چيو ته ناڪاري ڪارروائي ڪهڙي آهي؟ چارج فريم ڪرڻ يا ذاتي طور تي پيش ٿيڻ ڇا آهي؟ اسان اهي اختيار استعمال ڪري رهيا آهيون، جيڪي آئين ۽ قانون ڏنا آهن، توهان جو اصيل قانون کان مٿانهون آهي؟فيصل چوڌري چيو آئين ۽ قانون ۾ اختيارن موجب توهان کي نوٽيس ناهن ڏيڻا، توهان به مٿانهان ناهيو، آرٽيڪل 5 توهان کي وڌيڪ ٿو لڳي، 29 سيپٽمبر تي ڪهڙي خبر هاءِ ڪورٽ ڪيس مڪمل ڪري ڇڏي.ڪميشن ميمبر چيو توهان چئي رهيا آهيو ته توهان جو اصيل اڳوڻو وزيراعظم آهي، ڇا ڪا ڇوٽ آهي؟ اسان توهان جا وارنٽ ڪڍون ته اها ڪارروائي آهي پر چارج فريم ڪرڻ يا ذاتي حيثيت ۾ گهرائڻ ناڪاري ڪارروائي ناهي، اسان هاءِ ڪورٽ جي آرڊر جا پابند آهيون.فيصل چوڌري چيو ته اعتماد جي کوٽ ٿي وئي آهي، ڪيس کي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچڻ تائين ملتوي ڪيو.ڪميشن ميمبر چيو ته شوڪاز جي تاريخ هاڻ 11 آڪٽوبر آهي، عمران خان سميت فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻو پوندو.پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 11 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.










