پشاور(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي نگران ڪابينا ايف آءِ اي کان بي آر ٽي ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي نگران ٽرانسپورٽ واري وزير شاهد خٽڪ چيو آهي ته بي آر ٽي ڪرپشن ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جو رهڻ ظاهر ڪري ٿو ته گڙٻڙ ٿي وئي آهي، نيب ۽ ايف آءِ اي گڏجي معاملي جي جاچ ڪندا.هن چيو ته بي آر ٽي ٽرانسپورٽ جي ماتحت آهي ۽ ٽرانسپورٽ جو وزير ان جو چيئرمين آهي، عجيب ڳالهه آهي ته هتي هڪ سرڪاري آفيسر بي آر ٽي ٽرانسپورٽ جي نگراني ڪري رهيو آهي.نگران ٽرانسپورٽ واري وزير جو چوڻ آهي ته بي آر ٽي لوڪل گورنمينٽ باڊي ٺاهي، خراب معيار جو مواد استعمال ڪيو ويو.شاهد خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارا خيبرپختونخواهه جي بيورو ڪريسي ۽ مختلف کاتن ۾ تعاون نه ڪري رهيا آهن، بيوروڪريٽس چونڊن ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن، وزيراعظم، سپريم ڪورٽ ۽ اليڪشن ڪميشن اسان کي اختيار ڏي.هن وڌيڪ چيو ته بيوروڪريسي ۾ ٻين ماڻهن کي آڻينداسين، سمورين پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ چونڊون ڪرايون وينديون، آئين موجب نگران حڪومت جو وقت ختم ٿي ويو آهي.نگران ٽرانسپورٽ واري وزير اهو به چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ٺاهيل ڊيمن ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش ناهي، ڪابل درياهه تي ٻوڏ کي روڪڻ لاءِ ٺاهيل بيريرز ۾ به اربين رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي.










