بلڊ بئنڪ کوليو، 600 ٿيليسيميا جا مريض پريشان آهن

بلڊ بئنڪ کوليو، 600 ٿيليسيميا جا مريض پريشان آهن

دڙو (رپورٽ: شوڪت علي ميمڻ)سجاول ۽ ٺٽي ضلعي ۾ رت پياڪ بيماري ٿيليسيميا جا راڱا، 600 کان مٿي معصوم ٻارڙا موذي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا، ٿيليسيميا ۾ مبتلا سوين ٻارڙا وقت سر خون جو پورائو نه ٿيڻ ۽ گھربل علاج جون سهولتون نه ملڻ سبب ٽڙڻ کان اڳ ڪومائجي ويا، ٻنھي ضلعن ۾ 600 کان مٿي مريض ھئڻ باوجود(ٿيليسيميا سينٽر) بلڊ بئنڪ به قائم نه ٿي سگھي، رت پياڪ هن موذي مرض جو واحد علاج رت چاڙهڻ ھجڻ ڪري بيماري ۾ مبتلا ٻارڙن کي رت چاڙهائڻ لاء وارثن کي شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجيو وڃي، ٻنهي ضلعن ۾ ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏئي وارث ڪراچي، حيدرآباد ۽ بدين طرف رت چاڙهائڻ لاء وڃڻ تي مجبور بڻيل آهن، مليل ڄاڻ مطابق فقط سجاول ضلعي ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ٻارڙا ٿيليسميا جي مرض ۾ مبتلا آهن جن ۾ مريضن جو وڏو انگ سجاول ضلعي جي ساحلي تعلقن جاتي ۽ شاھبندر جو آهي. سجاول ۽ ٺٽي ضلعي جي ٿيليسميا جي مريضن جي سوين والدين پاران سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته جلد کان جلد سجاول ضلعي ۾ بلڊ بينڪ(ٿيليسيميا سينٽر) قائم ڪيو وڃي. ماهرن مطابق اهو ٿيليسميا موروثي مرض آهي جيڪو والدين جا جزا نه ملڻ ڪري ٻارن  ۾ منتقل ٿئي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته شاڌي کان اڳ ٽيسٽ ۽ علاج ڪرائڻ گهرجي. ٿيليسيميا مريض جي علاج جا ٻه ئي طريقا آھن، ھڪ عارضي علاج خون چاڙھائڻ آھي ۽ ٻيو آپريشن جنھن کي بون ميرو ٽرانسپلانٽ چئجي ٿو، مريض جي عمر جي حساب سان مھيني ۾ چار کان ڇهه بوتلون رت جون لڳن ٿيون، جڏھن ته بون ميرو وري ٻار کي جيترو به ٿي سگھي ننڍي عمر ۾ ڪرائجي ته ڪاميابي جا چانس زياده ھوندا آھن.پاڪستان ۾ ڪافي ھنڌن تي اھو علاج موجود آھي، پر انتھائي مھانگو آھي،  ڪراچي ۾ ملڪ جي نالي واري ڊاڪٽر طاهر شمسي بون ميرو ٽرانس پلانٽ جو بنياد رکي علاج شروع ڪيو آھي، بون ميرو ۾ %78 مريضن جي ٺيڪ ٿيڻ جا چانس هوندا آهن ۽ %22 زندگي ختم ٿيڻ جو خطرو به ھوندو آھي. بون ميرو جو مڪمل خرچو لڳ ڀڳ ھڪ ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو. هن بيماري جي علامتن ۾ ٻار جو منهن ڦڪو ۽ ڦلڙو ٿي ويندو آهي ۽ منهن تي آموس هوندي آهي، ٻار جي بک مئل هوندي آهي، ٻار جي جسماني اوسر دير سان ٿيندي آهي، منهن جي هڏن ۾ سور ٿيندو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ٻارن جي منهن جا هڏا وڌي يا ٽيڏا ٿي ويندا آهن. ٻانهون ۽ ٽنگون سنهيون ٿي وينديون آهن ۽ ڪيترن ئي ٻارن جون ٽنگون ڦري به وينديون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو