(جاويد لانگاھ)
هاڻوڪي بلوچ تحريڪ ۾ مرڪزي ۽ اسپاٽ لائيٽ ھيٺ ايندڙ ڪردار گودي ماهرنگ طرفان ڪراچي جي بلوچ مالڪي وارو بيان بحث هيٺ آھي.جئين ته سنڌ اندر (بي وائي سي )۽ بلوچ عورتن جي سرواڻيء ۾ ھلنڙ تحريڪ کي سوشل ميڊيا توڙي سنڌجي سياسي حلقن ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملندي رهي آھي,انڪري سندس تازي بيان تي سنڌ جي سياسي ۽ سڃاڻ ورڪرن کي اوتري ئي تشويش ٿي آھي.آء ذاتي طور ٻن ڏھاڪن کان بلوچستان ۽ ان جي سماجي ڌانچي خاص طرح سياسي لاڙن, قومي تحريڪ ۽ اۡٿل پۡٿل کي سنڌ ٽي وي جي انيڪ پروگرامن,ڪاوش نجي ليکن , افيئر ميگزين جي مختلف شمارن ۽ ھاڻ پنھجن ويلاگس ۾ بيان ڪندو رهيو آھيان.انڪري هن بيان ۽ ان جي پس منظر ۾ ٿيندڙ بلوچ سياست جي هاڻوڪي سوچ modous aprendi بابت لکڻ ۽ محرڪن بابت ڄاڻڻ ضروري آھي.
جئين چوندا آھن ته “سياست جي سيني ۾ دل نه هوندي آھي” ۽ قومون پنهنجي مفاد پٽاندڙ پاليسيون بدلائنديون رهنديون آھن,انڪري پيش ايندڙ تبديلين کي ھم اثر دور جي حقيتن ۾ ڏسڻ ۽ خوشفهمين مان ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت آهي.
حقيقت هي آھي ته بلوچ سياست ۽ ان جي آس پاس ايندڙ تبديليون تيزي سان نئين” پيراڊئيم شفٽ” ڏانهن وڃي رهيون آھن. ان جي ثابتي ۽ نشانين لاء پنهنجي ذاتي تجربي آڌار هن اپٽار کي اڳتي وڌيان ٿو.
نومبر مهيني جي آخري ڏينھن جي ڳالھ آھي ته ڪراچي مان سئي سدرن گيس ڪمپني جي مرڪزي آگاھي ٽيم ڪوئيٽا آيل هئي, ٽيم ۾ هر سال اسان جو دوست صفدر کونهارو ساڻ هوندو آھي انڪري سڄي سال ۾ مون لاء اهيو هڪڙو ڏينھن ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ رات تائين اتي هجڻ جو بھانو هوندو آھي.ان ڏينھن شام جو پريس ڪلب ۾ سڀ دوست گڏ ٿيا ته پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري بنارس خان مٿي ڪمرن ۾ ٽڪيل بلوچ ڪامريڊن کي به ڪچهري ۽ ماني لاء هيٺ گهرايو .ٻئي بلوچ اڳواڻ سنڌ مان آيل لياري ڄاوا هئا,تن ۾ هڪڙو رمضان بلوچ ۽ ٻيو موسي بلوچ هيو. موسي بلوچ شاعر جڏھن ته رمضان بلوچ پراڻو مارڪسسٽ ۽ سرخو رهيو آھي.شروعاتي تعارف کانپوء جڏھن هلڪي ڦلڪي ڪچهري شروع ٿي ته موسي بلوچ بلوچستان جي سياست تي ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽ اسان سڀني صحافين کي ائين پئي ٽريٽ ڪيائين ڄڻ ته اسين سڀ بي خبر هجون.مون کائنس پچيو ته ڪامريڊ جنهن ڌرتي تان آيو آھين ان جو ڪو نئون تازو حال احوال? چيائين ڪهڙي ڌرتي, مون چيو سنڌ…چيائين مان ته ڪراچي پنهنجي بلوچ وطن مان آيو آھيان. مون چيو ته توهانجي چوڻ سان ائين ٿي ويندو ڇا? مون چيو ته سنڌ ۽ انڊس ويلي تهذيبن جو مرڪز رهي آھي ۽ ڪراچي ان جو ڪيپٽل آھي, ته ڪامريڊ ويتر ناراض ٿيو. منهنجو دوست ۽ صحافي محبوب نديم جيڪو نسلي طور سنڌي پر بلوچ قومپرست آھي, ان ڪامريڊ موسا کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان کيس چيو ته بلوچ ڪامريڊ کي ڳالهائڻ ڏي. همراه چيو ته انڊس ويلي سوليزيشن جو تصور هڪ بڪواس آھي ۽ ڪوڙ آھي. مون چيو ته سائين اهيو وري ڪئين ٿورو بيان ڪيو.چيائين ته ڊاڪٽر شاھ محمد کي سڃاڻندو آھي?هاڻ مون مذاق مان چيومانس ڪهڙو شاھ محمد? ڪاوڙ مان چئائين ڪھڙو صحافي آھين چوين پيو ويهن سالن کان صحافت پيو ڪريان هتي ۽ ڊاڪٽر شاھ محمد کي نه ٿو سڃاڻين…مون چيو ڊاڪٽر شاه محمد مري جي ڳالھ ٿا ڪريو, ائين چئو نه, اهيو ته مرشد آھي با با اسان جو. پوء ڊاڪٽر صاحب ڇا ٿو ڇوي?
ڪامريڊ وري شروع ٿيو ,ڪالھ ئي ڊاڪٽر سان ملي آيو آھيان, هن ڪتاب به ڏنو آھي ۽ سندس ٿيوري آھي ته انڊس ويلي نالي ڪابه تھذيب نه آھي ,دراصل مهر ڳڙھ 10 هزار سال پراڻي تهذيب جو مرڪز ۽ ٻين سمورين تهذيبن کي جنم ڏيندڙ آھي سو بلوچن جي ابن ڏاڏن جي تهذيب آھي.بلوچ وطن جيڪو گوادر جي اونهن سمنڊن کان شروع ٿي ڪوه سليمان جي اوچاين کان ٽپي سرائيڪي وصيب جي وسعتن تائين پکڙيل آھي. مون چيو ڪامريڊ نئين سياسي ترتيب ۾ انگريزن حد بندي ڪري قومن جي جاگرافيائي جو تعين ڪري ويا, ائين ته سنڌ به اڳ ايمپاير هئي ته هاڻي بچيل سامان جي مالڪي ڪجي يا والار…? ائين ڪراچي به توهان کڻي ڇڏي هاڻ اسان ڪاڏي وڃون چيائين تون وڃ باقي جيڪا سنڌ بچي ٿي اتي وڃي رھ…. ڪچهري کي لائيٽر موڊ ۾ آڻڻ لاء سڀني ٽھڪ ڏنا…
ڪراچي ڄاون ٻن 70 سالن جي سرخن سان مانڌاڻ ۾ ٿيندڙ بحث کانپوء مان لاڳيتو سوچيندو رهيس ته هي ٻه پوڙھا بلوچ ڪامريڊ جيڪي فخريا طور پاڻ کي مارڪسسٽ به چوائي رهيا هئا سي ٽن ڪلاڪن جي ڪچهري ۾ رڳو ماه رنگ ۽ بلوچستان بابت ڳالھائي رهيا هئا,انهن وٽ ان ڌرتي لاء هڪ به لفظ ڇو نه هيو جتان هو آيل هئا?.ان بحث کانپوء مان لاڳيتو شعوري طور ان جي پس منظر ۾ سوچ ويچار ڪندي ۽ ڪراچي ۾ ھڪ ٻئي بلوچ ايڪٽوسٽ دوست عمر بلوچ جا ويلاگ ۽ ڪچهرين ذريعي دماغ پڙھندو رهيس .مان ان نتيجي تي پهتو آھيان ته بلوچ قومي تحريڪ هڪ مڪمل پراڊائيم شفٽ طرف وڌي رهي آھي ۽ ان تحريڪ کي اهڙو رخ ڏيندڙ ٻيو ڪير به نه پر اسان جا بلوچ سرخا ئي آھن, جيڪي هڪڙي پاسي “میرا کوئی دیس نہیں ہے، میرا دیس جہاں”
جا نعرا هڻي رهيا آھن ۽ ٻئي پاسي تاريخي جي لتاڙ ۽ چير ڦاڙ ڪري مھر ڳڙھ جي اندران بلوچ وطن جي قدامت گهڙي رهيا آھن.
بلوچ قومي تحريڪ ۾ اهڙو Narrative ڪو بنھ نئون به نه آھي ,بلڪ وقت سان گڏ بلوچ وطن جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي اظھار طور هميشه ٿيندو رهيو آھي. 2006 جي شروعاتي ڏينهن جي ڳالھ آھي ڪوئيٽا جي پريس ڪلب ۾ بي اين پي مينگل جو هڪ سيمينار هيو, جئين ته ان وقت سنڌ ٽي وي بلوچ سياست جو سڀ سرگرميون ڪور ڪندي هئي ته آء ڪوريج لاء اتي موجود هيس . سيمينار ۾ بي اين پي جي شاگرد ونگ بي ايس او جا گھڻا نوجوان اتي موجود هيا ,جيڪي “جنگ کنان جنگ کنان, سکر روهڙي دنگ کنان ” جا نعرا هڻي رهيا هيا.سيمينار ختم ٿيڻ تي پروگرام جي ان وقت صدارت ڪندڙ بي اين پي اڳواڻ مرحوم حبيب جالب جيڪو دوست پڻ ھيو, کائنس پڇيم ته, “ڪامريڊ ھي ڇا پيو ٿئي, توهان جي پارٽي هڪڙي پاسي مظلوم قومن جي اتحاد پونم جي ڪنوينر آھي ۽ ٻئي پاسي سنڌ مٿان يلغار جا نعرا پيا هڻايو “, کلي چيائين ته ڪامريڊ سياست ۾ چهچٽو هلندو رهندو آھي.” بعد ۾ سندس خيالن جي ويجھڙائي کان خبر پئي ته معلوم ٿيو ته هو پاڻ به “دنگ کنان” واري نظرئي جو قائل هيو.
پهريان مان ذاتي طور به ائين سمجھندو هيس ته شايد بلوچ تحريڪ شائونزم جي ان اوائلي اسٽيج جي نشانين طور ائين Pretend ڪري رهي آھي, جئين 60 ۽ 70 جي ڏھآڪي ۾ سنڌي ڪامريڊ سنڌ کي سمورن تهذيبن جي ماء ۽ ايتري تائين جو سنڌ جي قدامت ثابت ڪرڻ لاء حضرت آدم جي جنم ڀومي به سنڌ کي قرار ڏيندا هئا.
جئين انگريز ۾ چوندا آھن ته there is method in the madness ائين اسانجي بلوچ دانشورن ۽ تحريڪ جي سوچ ۽ بيانن ۾ به هڪ شعوري پيراڊائيم شفٽ ڏسڻ لاء ملي رهيو آھي, جنهنن جا نظرياتي بنياد اڏيندڙ ڪي تنگ نظر قومپرست نه پر ڪراچي کان ڪوه سليمان تائين ويٺل اسان جا پوڙھا سرخا آهن.
بلوچستان جي سياست جي هڪ شاگرد جي حيثيت سان مان هاڻوڪن ڏينهن ۾ جن نتيجن تي پهتو آھيان سي هن ريت آھن. 1.توڙي جو انگريزن کانپوء پاڪستان ۾ رهندڙ پراڻين قومن جي جاگرافين ۽ اصلوڪن وطنن جو تعين ٿي چڪو آھي پر بلوچ قومي تحريڪ ۽ گودي ماهرنگ جو بيان سندن تازي سوچ جو عڪاس آھي, جيڪو ڀلي توهانکي نه وڻندو هجي.
2.بلوچ قومي تحريڪ “عرب اسپرنگ” جيان “بلوچ اسپرنگ” مان گذري رهي آھي, جنهن جون واڳون اختر مينگل, ڊاڪٽر مالڪ جهڙن سياستدانن وٽ نه پر ماهرنگ جهڙي نئين قيادت وٽ آھن,جيڪا مزاحمت “پوسٽ مشرف” دور, تشدد ۽ گمشدگين جي دردناڪ 25 سالن ۾ وڏي ٿي آھي, ۽ جن جي روئيي ۾ رواداري بدران تلخي آھي.
3.بلوچ قوپرست سياست جي اها جنريشن جيڪا سنڌ جي قوم پرست سياست ۽ مظلوم قومن جي وسيع بينر هيٺ گڏيل جدوجھد جي قائل هئي, ان جو دور پڃاڻي تي پهتو, هينر بلوچ سياست Inclusiveness کان Exclusiveness جي سفر ڏانهن هلندڙ آھي. انڪري ڪوششن باوجود هاڻوڪي بلوچ سياست جو سنڌ سان ڪو به ورڪنگ رليشن نه جڙي رهيو آھي.(نوٽ:ايس يو پي ان سلسلي ۾ شعوري ڪوششون ورتيون هيون.
4.هاڻوڪي بلوچ سياست جو جهڪاء پشتون قومپرست سياست خاص طرح پي ٽي ايم وغيره طرف آھي, جيڪو عالمي لاڙن يا
Convegence of common
interest
اثر هيٺ ھلندي لڳي رهيو آھي.
5.سنڌ۾ رهندڙ نسلي طور بلوچ ڪامريڊ ۽ ايڪٽوسٽ جيڪي هڪ وڏو عرصو ڪراچي ۾ پ پ پ ۽ ڪميونسٽ پارٽين جو حصو رهيا اهن, سي ويڳاڻپ سبب پنهنجي لاء بلوچ سياست ۾ اسپيس جي ڳولھا ۾ جديد بلوچ سياست جي شيپنگ ۾ ظاهري ۽ باطني ڪردار ادا ڪري رهيا آھن.
6.بلوچ قومپرست سياست ۾ سنڌين لاء قبوليت آھستگي سان پر گهٽجي رهي آھي,نئون مذاحمتي نسل سنڌين کي هاڻ پنهنجو اتحادي نه ٿو سمجھي,توڙي جو بلوچ قومي تحريڪ لاء جيتري مڃتا سنڌ ۾ آهي ايتري شايد ئي ٻئي ڪنهن صوبي ۾ هوندي.
7.بلوچستان ۾ پنجاب جي ماڻھن جي Physical presence گهٽجڻ سبب وفاقي نوڪرين, فورسز توڙي مزدوري جي شعبي ۾ سنڌي ماڻھن جو هڪ وڏو انگ بلوچستان جي مختلف شھرن ۾ اچي رهيو آھي .جئين ته بلوچ مزاحمتي تحريڪ ٻاهران ايندڙ ھر ماڻھو کي توسيع پسند ۽ ڪالونائيزيشن جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو آھي, انڪري سنڌين کي به ان لسٽ ۾ آندو پيو وڃي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌين خلاف نفرت ۽ ڪاررواين جا چٽا امڪان آھن, ٿي سگهي ٿو رياست ان کي ڪنهن حد تائين Exploit به ڪري .
8.جيستائين پ پ پ پنهنجي پاليسين ۽ چهري سان بلوچستان جي سياسي قبضي ۽ وفاق جي ساٿاري رهندي, تيسيتائين سنڌين جو بلوچستان ۾ نئون پيدا ٿيندڙ تاثر خراب ئي ٿيندو رهندو, ڇو ته پ پ پ کي هڪ سنڌي پارٽي ۽ قيادت طور ڏٺو پيو وڃي, جنهن جو ماضي وارو ڪردار به ڪو ساراه جوڳو نه رهيو آھي.
9. هاڻوڪي بلوچ سياست گهڻي ڀاڱي خطي ۾ هلندڙ پراڪسيز جي اثر هيٺ هلندڙ آهي,انڪري مزاحمت کان ويندي پرامن سياست گهڻي “گپت” ۽ مبھم آھي.
10.Peter Ralph
جي بلڊ بارڊر ٿيوري جيڪڏھن ڪا حقيقت آھي ۽ مڊل ايسٽ کانپوء جيڪڏھن ان جا سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ ڪي پيرا آھن ته, ايندڙ سالن ۾ بلوچ سياست وڌيڪ” سولو فلائيٽ “طرف وڃڻ جا چٽا امڪان آھن.
11. جيڪڏھن پاڪستان ۽ خطي ۾ سياست ۽ قومن اندر نئين صفبندي ٿي ته امڪاني منظرنامي طور Twin nations وانگر گڏ رهندڙ سنڌي ۽ بلوچ قومون شايد نئين سياسي اتحاد ۾ گڏ نه هجن. اهيا صورتحال نون تضادن کي جنم ڏئي سگهي ٿي ,ڇو ته بلوچ قومي تحريڪ 70 سان جي تاريخ باوجود بلوچستان ۾ رهندڙ سنڌي ,هزارا ۽ ٻين گروهن کي پنهنجي آربٽ ۾ نه سمائي سگھي آھي, اهڙا سمورا گروپ آئسوليشن ۾ رهن ٿا.
12. نئين صف بندي ۾ شايد سنڌ کي انڊس يونين جي فطري اتحاد ۾ بيهڻو پوي, ڇو ته پنجابين ۽ سرائيڪين وٽ سنڌو ۽ ان جي سڀيتا جي مڃتا موجود آھي, جڏھن ته بلوچ سياست ان فريم کان تيزي سان ٻاهر وڃي رهي آھي.
مٿين ڳالهين مان ڪيتريون ئي تلخ ۽ عجيب ٿي سگهن ٿيون ۽ توهانجي راء بلڪل ان جي ابتڙ به ٿي سگهي ٿي, پر جديد دنيا ۾ قومون پنهنجي مزاجن, مفادن ۽ عالمي حالتن پٽاندڙ سوچين ٿيون.سنڌ جي قومپرست ۽ وطن دوست سياست کي به هڪ سنجيده ۽ غير جذباتي سوچ اپنائي, حقيقت تي ٻڌل لائين جوڙڻي پوندي ۽ وقت جي نبض تي هٿ رکڻو پوندو.










