بلاول جي جامعه المنتظر آمد،حضرت علي رضه جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماڊل ٽائون ۾ جامعه المنتظر پهتو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان جمعيت المنتظر جي پرنسپل آيت الله سيد رياض حسين نجفي ملاقات ڪئي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان جمعيت المنتظر جي علامه محمد افضل حيدري ۽ ناظم علامه سيد مريد حسين نقوي ملاقات ڪئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منير حسين گيلاني، علامه غلام باقر گھلو ۽ علامه سيد صفدر حسين نقوي به ملاقات ۾ موجود رهيا،چيئرمين بلاول ڀٽو اميرالمومنين حضرت علي عه جي سالگرهه جي موقعي تي ڪيڪ ڪٽيو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اميرالمومنين حضرت علي رضه جي ولادت جي موقعي تي دعا گهري.جمعيت الکوثر جي سربراهه علامه شيخ محسن علي نجفي جي بلندي لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ اسلم گل، امجد ايڊووڪيٽ، ذوالفقار علي بدر، فيصل مير، شهلا رضا، خديجه حسن، احسن رضوي، چوڌري رياض، رانا اشعر ۽ ٻيا موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو