برسات متاثرين کي ٿڌ کان ڪير بچائيندو؟

برسات متاثرين کي ٿڌ کان ڪير بچائيندو؟

ليکڪ محمد خالد ميمڻ
حاليه پيل تباه ڪن برساتن سبب سنڌ جا رهواسي بي گهر ٿي ويا لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا برساتن کان بعد هن مهل تائين ڪٿي به سرڪار ۽ چونڊيل نمائنده بلڪل به نظر نه آيا جڏهن ته سماجي مذهبي جماعتن ۽ انفرادي طور مخير حضرات برسات متاثرين جي مدد ۾ اڳتي اڳتي رهيا ۽ انهن برسات متاثرين کي خيما راشن پهچايو روڪ رقمون ڏنيون ۽ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪري کين طبي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ان جي برعڪس سنڌ سرڪار جي آفيسرن ڊي سيز اي سيز مختياڪارن تپيدارن چونڊيل نمائندن ايم اين ايز ايم پي ايز چيئرمينن ان برسات متاثرين جي لاء مليل سرڪاري امداد ۾ به وڏا وڏا گهپلا ڪري پنهنجا گهر ڀري ڇڏڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي انهن خيما کپايا راشن ڏوڪڙن تي دڪاندارن کي ڏئي ڇڏيو ۽ جن برسات متاثرين جي ڪئمپن تي برياني جون ديڳيون ڏنن ان ۾ به ڪرپشن ڪندي 7 هزارن روپين واري ديڳ 18 کان 20 هزارن روپين تائين سرڪاري بلن ۾ اگھ لکيو ويو مطلب ته برسات متاثرين جي مدد ته نه ڪئي وئي مورڳو انهن لاء آيل امداد به هڙپ ڪئي وئي ۽ برسات کان بعد سرڪار برسات متاثرين جا اجها ٺھرائي ڏيڻ جا جيڪي اعلان ڪيا ۽ ڪريل گهرن جي سروي به ڪئي وئي پر ان ڪريل گهرن جي سروي کي به ڪافي عرصو ٿي ويو آهي ۽ هاڻي جڏهن سياري جي مد شروع ٿي وئي آهي ۽ ٿڌ ۾ انتها درجي جو واڌارو ٿي ويو آهي پر سرڪار طرفان گهر ٺهرائڻ لاء ڪيل اعلان وارا پيسا هن مهل تائين برسات متاثرين کي ناهن ملي سگهيا ۽ گڏوگڏ برساتن ۾ پوکيل فصل جيڪي مڪمل تباه ٿي ويا هيا انهن لاء ڪڻڪ پوکڻ وارن آبادگارن کي في ايڪڙ پنج هزار روپيا ڏيڻ جو به سرڪاري اعلان ٿيو هيو پر ان اعلان تي به اڃان تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي ۽ هاڻي ٿڌ ۾ واڌ کان پوء بي گهر ٿيل ماڻھو ٻيڻي تڪليف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڇوته گرم موسم ۾ ته گهرڀاتي کليل آسمان هيٺ گذارو ڪري رهيا هيا پر هاڻي سخت ٿڌ ۾ ڪيئن اهي کليل آسمان هيٺ گذارو ڪري سگهندا اهو احساس فقط انهن بي گهر ٿيلن کي ئي ٿي سگهي ٿو جڏهن ته وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار رڳو پنهنجيون سرڪاري ڪرسيون بچائڻ کانسواء هن مهل تائين برسات متاثرين لاء سکڻا اعلان ڪرڻ کانسواء ڪوبه عملي ڪم ناهن ڪري سگهيا جڏهن ته حڪمران برسات متاثرين جي نالي تي سڄي دنيا کان کربين روپيا امداد به وٺي چڪا آهن پر اها امداد ڪاڏي وئي ان جو ڪوبه حساب ڪتاب ناهي ۽ ٻئي پاسي جن جي نالي تي اها امداد ورتي وئي آهي اهي ويچارا پهريان برساتن سبب گهرن جي ڪرڻ ۽ برساتي پاڻي سبب مئا ته هاڻي وري اجها نه هجڻ ڪري ٿڌ سبب بي يارو مددگار مري رهيا آهن پر کين جي ڪابه مدد نه ٿي ڪئي وڃي ۽ ڪٿي به سرڪار نظر نه ٿي اچي ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي بيٺل آهي جيڪو پاڻي سنڌ سرڪار نيڪال به ناهي ڪرائي سگهي ان کان وڌيڪ نااهلي ٻي ڪهڙي ٿيندي ان لاء عالمي ڊونر ادارن کي گهرجي ته اهي جيڪي امداد پاڪستان جي حڪمرانن کي ڏين پيا اها امداد اهي پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي نگراني ۾ متاثرين تائين پهچائين نه ته هي حڪمران جيڪي ڪرپشن ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجهي ڪري ڪن پيا اهي مليل عالمي امداد کي به هڙپ ڪن ٿا پيا ۽ اڃان به ڪندا مڙندا ڪونه ۽ عالمي ادارن سميت ملڪي ڊونر ادارن سميت سماجي مذهبي تنظيمن کي گهرجي ته هن سخت ٿڌ واري موسم ۾ بي گهر ٿيلن برسات متاثرين کي جيترو ٿي سگهي گرم خيما راشن پهچائي انهن جا اجها ٺهرائي ڏين ته جيئن متاثرين ٿڌ کان پنهنجيون قيمتي جانيون بچائي سگهن ۽ وفاقي سرڪار سميت سنڌ سرڪار کي به گهرجي ته برسات متاثرين جي لاء کين کي مليل عالمي امداد صاف شفاف نموني سان مستحقين تائين پهچائي کين گهر ٺھرائي ڏنا وڃن نه ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام کين جو سخت احتساب ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو