باهه متاثرن جي سوشل ورڪر پاران مالي سهائتا

باهه متاثرن جي سوشل ورڪر پاران مالي سهائتا

ٽنڊو محمد خان(مظفر علي بروهي)ڳوٺ بچل شورو ۾ ڪجھ ڏينهن پهريان پورهيت امام بخش حاجاڻو جي گهر کي اوچتو باه لڳڻ جي نتيجي ۾ سندس گهر سميت گهر ۾ پيل سندس نياڻي جي شادي جو ڏاج سڙي ويو ۽ پورهيت جي منهن پڻ سڙي ويو هو. اهريون خبرون شوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نشر ٿيڻ کانپو۽ ٽنڊو محمد خان جي ايڌي طور مشهور سوشل ورڪر رضيه سهتو باهه متاثرن وٽ پهچي نياڻي جي ڏاج لا۽ روڪ رقم ڏئي مالي مدد ڪئي ان موقعي تي شوشل ورڪر رضيه سهتو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته غريب پورهيت جي گهر کي باھ لڳڻ جي مون کي معلومات ميڊيا ذريعي پئي ۽ مون هڪ مسيحا صفت انسان سان ذڪر ڪيو ۽ ان مسيحا صفت انسان پاران باه متاثر پورهيت امام بخش حاجاڻو وٽ پهچي سندس نياڻي جي ڏاج لا۽ مالي مدد ڪئي ان وڌيڪ چيو ته منهنجي والده به سڄي عمر يتيم بيواه طبقي جي ڀلائي لا۽ جاکوڙ ڪئي منهنجي والده جي وفات ٿيڻ کانپو۽ ان جي نقش قدم تي هلندي يتيم خاني سميت غريب پورهيتن يتيمن جي ڀلائي لا۽ قدم کڻي رهي آھيان ان چيوته آئون اڃان وڌيڪ ڪوشش ڪري باھ متاثر خاندان لا۽ وڌيڪ مددمالي مدد لا۽ ادارن سان رابطو ڪري وڌيڪ مالي مدد ڪنديس.

پهنجو تبصرو موڪليو