اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڪميشن (ايڇ آر سي پي) ۽ پيپلزپارٽي ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ اڳوڻي سينيٽر فرحت الله بابر خلاف ايف آءِ اي پاران شروع ڪيل انڪوائري جي مزمت ڪندي اها في الفور ختم ڪرڻ ۽ بابر کان عوامي طور معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. راولپنڊي جي هڪ گمنام شهري جي درخواست تي ايف آءِ اي آمدن کان گهٽ ٽيڪس ادا ڪرڻ ۽ آمدن کان وڌيڪ ملڪيت رکڻ جي الزامن هيٺ انڪوائري شروع ڪندي فرحت الله بابر کي عيد کان هڪ ڏينهن اڳ پيش ٿيڻ جو نوٽيس ڏنو هو. بابر انڪوائري آفيسر آڏو پيش ٿي، درخواست ۽ ايف بي آر پاران جاري ڪيل نوٽيسز سميٽ ڪيس جي رڪارڊ جي ڪاپي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ ايڇ آر سي پي چيو آهي ته فرحت الله بابر انساني حقن جي تحفظ ۽ جمهوري قدرن جو کلم کلا داعي رهيو آهي. بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج هجي، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي تي پابندون هجن يا شهرين جا حق صلب ڪرڻ جهڙا معاملا، انهن خلاف فرحت الله بابر سدائين آواز اٿاريندو رهيو آهي. جيڪو عمل ڪجهه رياستي حلقن کي قبول ناهي ۽ اهڙي ۾ هڪ عام شهري جي درخواست تي انڪوائري ڪرڻ جو معاملو مشڪوڪ آهي. ٻئي پاسي شازيا مري جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فرحت الله بابر جو ماضي بي داغ رهيو آهي، گذريل 10 سالن کان هو ڪنهن عوامي عهدي تي به ناهي رهيو. اهڙي ۾ ڪوڙن ۽ بي بنياد الزامن هيٺ انڪوائري شروع ڪرڻ جو مقصد رڳو کيس حراسان ڪرڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي. هن فوري انڪوائري ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.










