سيد زوار حسين شاه
جنهن پاڪستان ۾ رهون ٿا اتي اٽو مهنگو به سستو به آهي پر سنڌ ۾ مهنگو آهي ، پنجاب ۾ سستو آهي ، جڏهن ته سنڌ حڪومت سميت چونڊيل نمائيندن ، ڪامورن جي عدم دلچسپي جي ڪري معصوم ٻار فوت ٿي رهيا آهن ، جنهن کان پوء سوال جنم وٺي رهيا آهن ته آخر حياتيون ڪير بچائيندو ، جيڪڏهن مان ملڪ جي مجوعي صورت حال تي بحث ڪيان ۽ هن وقت سميت ماضي جي حڪمرانن جي پرڪارن تي لکان ته اها پڪ اٿم ته گهڻا راز اڳيان کلندا جنهن کان بعد سياستدانن جي پت وائکي ٿيندي ، پر جنهن پاڪستان ۾ رهون ٿا اتي گوشٽ حرام ، رس حلال آهي ، جڏهن ته ملڪ هن وقت جهڙي ڪيفيت مان گذري رهيو آهي ، بس رب پاڪ خير ڪري ، ڄڻ سانوڻي جي بارشن کان به خطرناڪ ثابت ٿيندي ، هن وقت تائين سڄي سنڌ مان هان هر روز اهڙيون خبرون اچي رهيون آهن ته معصوم ٻار سيء سردي جي ڪري فوت ٿي وڃن ٿا ، ڪڏهن ته سوين معصوم بار ٿر ۾ خوارڪ سميت پاڻي نه ملڻ تي فوت ٿيندا هيا ، تعجب جي ڳالهه ها به آهي ته ان وقت به انهن ئي سياستدانن کي شرم نه آيو هاڻ به انهن کي شرم ڪٿان ايندو ، ضمير انهن جو مرده ٿي چڪو آهي ، جيڪو رب پاڪ کان نه ڊڄي ، جنهن وٽ حياء نه هجي ، جيڪو ڪنهن مظلوم لاء آيل امداد مان گيهه چانور داليون کاهي وڃي ، ان مان توهان اسان ڪهڙي اميد رکنداسين اها حقيقت آهي جيڪا لکڻي ٿي پوي ، ڪڙو سچ آهي ، پر مان گزارش ڪندس ته رياست پاڪستان ۾ ڪيترائي اداره آهن جيڪي آئين کي فالو ڪندي ڪم ڪندا آهن پر انهن ادارن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن هڪ فرد جي ڪري ان اداري مٿان ڇتي تنقيد ٿيندي آهي ، برحال مان گزارش ڪيان ته هن وقت حالت انتهائي خراب آهي ، جڏهن ڪو ڪرپٽ سياستدان يا ڪامور يا انهن جا سهولت ڪار جنهن ۾ نه صرف سياستدان پاڻ ، پر انهن جا ساٿي ، انهن سان گڏ وڏو نقصان قلم ڪار ڏنو آهي ڇاڪاڻ ته سچ لکڻ قلم ڪارن کان وسري ويو آهي چند ڏوڪڙن يا ڪنهن پلاٽ جي ٽڪري حاصل ڪرڻ بعد ان جو ضمير ائين مرده ٿي ٿو وڃي جو ابول ان لاء ڪهڙا لفظ لکان، هن قوت پاڪستان ۾ صحافت سياست سان گڏ پئي هلي ، سياست صحافت سان گڏ پئي هلي جڏهن ته سياستدان ظلم ڪري ٿو عام ماڻهن جا هق کائي ٿو ان جو سهولتڪار صحافي ان جي خبر لکي ان کي پروٽول ٿو ڏيئي پر هڪ ٿيندي آهي چمچا کوري ٻي ٿيندي آهي بي حيائي ، جڏهن ٻئي گڏ ٿين ٿيون ته اتان مرده پرست شخص جنم وٺي ٿو جيڪو حرام يج ڪڍ ائين ٿو ڀڄي جيئن ڪو خطرناڪ جانور ڍهونڊ جي ڪڍ ، الله اڪب اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون هي ڪهڙي ريات آهي ، اداره آخر نوٽيس ڇونه ٿا وٺن ، ، هن اسلامي ملڪ ۾ خير سان هر اها برائي هر اهو ٺڳي ، هر اها چوري ، ڪرپشن معاف آهي ، ان ڪري هاو جملو لکڻ بهتر سمجهيم ته خير سان پي ڊي ايم گڏجي نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڪري پنجاهه ڪروڙ تائين جيڪڏهن ڪو ڪرپشن ڪري ٿو ته اهو صاف سٿرو آهي ان کي نيب گرفتار به نه ڪندي حراسان به ڪنهنکي نه ڪندي ان ڪري جو ان مٿان ڪرپشن ثابت ناهي ، اهو پاڪستان آهي جتي نت نوان قانون جوڙي چو چور کي بچائڻ گهرجي ٿو ، پوء جيڪڏهن ڪنمهن استاد شعور رکندڙ احتجاج ڪيو يا آواز بلند ڪيو ته بس پوء اهو الله ڪري جو روڊ رستي تي نظر اچي پڪڙي وڃي ڪنهن جيل جي ڪمري ۾ بند ڪندس ، برحال انتهائي ڏکائيندڙ ڳالهه آهي ته اٽو مهنگو اڻلڀ آهي ، جڏهن ته موت انتهائي سسٽو آهي اهو ئي سبب آهي جو بين صوبن ۾ اٽو 26 سو روپيا مڻ هوندو ، سنڌ ۾ خير سان پنج هزار به نه ملندا اها قيامت صغرا ناهي ته ڇا آهي ، جڏهن ته وڏي اذيت مان ته اهو گذرندو جنهن وٽ زمين ئي ناهي ، جيڪو سڄو ڏينهن پورهيت مزدوري ڪري ٿو ، پر ان کي هٿ ڪجهه به نه ايندو ، اها به قيامت ناهي ته ڇا آهي ، مان گزارش ڪندس ته پاڪستان جي آئين مٿان رياست پاڪستان هر پاڪستاني شهري خواه مسلم هجي يا غير مسلم هجي ، ان جي ببنيادي حقن جي پورائي ڪرڻي آهي ، پر پاڪستان م ائين ناهي ، پاڪستان ۾ هن وقت به جيڪڏهن سال 2022 جي ڳالهه ڪندس ته جتي عام ماڻهون مرندا پيا وڃن اتي هن وقت انصاف جي اوسيئڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک کان مٿي ماڻهون آهن جن جا ڪيس اڄ به عدالت سڳورين ۾ آهن ، جج صاحبان جو هڪ ته تعداد گهٽ آهي ٻيو هن حڪومت وقت به ڪافي جج صاحبان کي پريشان ڪيو آهي ، هو بار بار قانون آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن پر پاڪستان ۾ انهن جو به ڪجهه نه پيو ٿئي جڏهن جج صاحابن کي به وڏي هو مندي دانشمندي ، ثبوتن گواهان کي مدي نظر رکندي پاڪستان جي سلامتي بقا لاء ڪم ڪندي اڳتي وڌڻو آهي فيصلا به پاڪستان جي بقا ۾ ٿيڻا آهن ، جڏهن ته پاڪستان اندر سياستدان ڪرپٽ آهي ، جڏهن ته ملڪ سميت پاڙيسري ملڪ پاڪستان ۾ ئي فنڊنگ ڪري رهيا آهن ،اهاڙا به انڪساف ٿيا آهن ته پاڪستان اندر هو آرام سان اچن وڃن ٿا ، ڪنهن کي خبر ئي نه ٿي پوي ، جڏهن ته پاڪستان هن وقت به دنيا ۾ بهترين مقام حاصل ڪيو آهي ، پر سياستدانن جنهن طرح سان لٽي هن ملڪ کي تباهه ڪيو ڀينگ پور مان ارب پتي ٿي ويا آهن جن کان ڪو پڇڻ لاء تيار ناهي ، پاڪستان جا اداره به انهن جي ڪافي آئيني سپورٽ ڪري رهيا آهن ، مان گذارش ڪيان ته سياستدانن پاڻ ئي چوري ڪرپشن ڪن ٿا پاڻ ئي قانون آئين ۾ ترميم ڪري پاڻ کي ئي باعزت بري ڪن ٿا اهو ڪهڙو قنون آهي اهو ڪهڙو پاڪستان آهي ، اهو ڪهڙو انصاف آهي ، جيڪڏهن مان چوري ڪيان يا قتل ڪيان ، جج به پاڻ ٿي وڃان ته پوء اربين روپين جون پگهارون کڻندڙن کي ڇو رکيو ويو آهي ، مان ته اهو به ڏٺو ٻڌو آهي ته جڏهن ڪو به سياستدان حلف کڻي ٿو ته پاڪستان سان سچو رهڻ ملڪ جو دفاغ ڪرن ، عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ به ان ۾ شامل آهي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ، آڊيوز ، ويڊيو پرسنل لائيف ۾ انٽر ان جو آواز رڪارڊ ڪرڻ مان ته سمجهان ٿو ڪوئي به آئين اها اجازت نه ڏيندو پر خير سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ جائز آهي ، انتهائي معذرت سان پاڪستان اسان کي جان کان به پيارو آهي ، پاڪستان آهي ته اسان آهيون ، ان سان گڏ ايٽم بم رکندڙ اسلامي ملڪ آهي جڏهن ته بجلي گيس پاڪستان ۾ نه ملندو ، کڻڪ اسان کي پاڪستان ۾ نه ملندي ، سانوڻي يج بارشن بعد جيڪڏهن پوري پاڪستان سميت خاص بلوچستان سنڌ يج ڳالهه ڪنداسين ته صرف مان ضلعي خيرپور جي مختلف شهرن ، گمبٽ ، راڻيپور ، هنگورجا جي ڳالهه ڪيان ته هزارين ڪڻڪ جون ٻوريون خراب ٿي ويون ، ان جو جواب ڪنهن کي ته ڏيڻو پوندو ، سنڌ جو عوام اٽي لاء درپدر آهي ، اٽو پنج هزار روپيا مڻ ، 125 ڱکان 140 ڪٿي 150 روپيا ڪلو ملي رهيو آهي ، پر هن وقت غربت جي لڪير انتهائي خطرناڪ ليول تي آهي ، عوام بک پيو مري ، سياستدان صرف پنهنيج حڪومت بچائڻ لاء چريا لڳا پيا آهن ، عوام کي صحت جون سهولتون ناهين ڊاڪٽرس موجود ئي ناهين دوائون ناهين ، سياستدانن کي کنگهه ٿئي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ لنڊن پهچن ٿا ، شرم جي ڳالهه آهي هن وقت جهڙي ڪيفيت پاڪستان ۾ يٿ آهي مولا پاڪ اهڙي ڪنهن ٻئي ملڪ سان نه ڪري ، اٽو مهنگو آهي پر ڪڙو سچ اهو آهي ته موت انتهائي سسٽو آهي ، سياستدانن به هن قوم کي مارڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ، انهن غريبن کي بک ماريو سردي ۾ ماريو ، پوري دنيا مان پنداسين خيرات به تمام گهڻي ملندي ، اهو پاڪستان آهي ، جڏهن ته انصان ملڻ به ڪافي مشڪل آهي ، هن وقت به لکين ڪيس عدالت سڳوري ۾ پينڊنگ ۾ آهن هي دانهون ڪرڻ جو مقصد صرف هڪ آهي ته عوام جي سار سنڀال لهڻ سان گڏ مڪمل خيال رکيو وڃي جيڪڏهن اهڙو ئي رويئو رکيو ويو ته گهٽ ۾ گهت سنڌ م هزارين معصوم ٻار فوت ٿيندا جڏهن ته بزرگ مرد عورتون به بيماري سبب ڪافي سڪتي ۾ آهن ، جڏهن ته ان ۾ به ڪوڙ ناهي ته اٽو مهنگو ٿي ويو موت سسٽو آهي ،










