ايس ڊي او سيپڪو ٽرانسفامر  جي ھٿرادو   لنڪون لاهي ڇڏيون،بجلي بند

ايس ڊي او سيپڪو ٽرانسفامر جي ھٿرادو لنڪون لاهي ڇڏيون،بجلي بند

باڊھ (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو )نااهل ايس ڊي او نصيرآباد ۽ باڊھ سپڪو عملي رمضان جي مهيني ۾ پير تقي شاھ 200 ميگاورٽ ٽرانسفامر جي ھٿرادو لنڪون لاهي ڇڏيون ۔هوڏانهن بجلي جي وڏي بحران ڪري روزيدارن کي وڏي تڪليف سان منهن ڏئڻو پئجي ويو ۔ هر طرف ڪربلا ڪربلا جا نعره لڳندا رهيا۔ ڪيترائي روزيدار بيهوش ٿي ويا ۔ انهن روزيدارن کي پرائويٽ اسپتال متعقل ڪيو ويو جن کي هوش ۾ آڻي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ۔ هر طرف پٽون ۽ پاراتا ٻڌم ۾آيا ڪيترن روزيدار پنهنجو روزو وڃائي ويھي رهيا ۔ سپڪو وابڊا خلاف دانهن روزيدار جون دانهون عرش عظيم تائين پهتيون مگر بالا آفيسر خاموش تماشائي بڻيل ۔ ڪاروائي ڪرڻ بجاء شاباس جا درجن بلندي ڪندي يونٽ بچائڻ لاء سٺي ڪارڪرگي ڏيکاري ڇڏي ۔باڊھ شھر جي معززين جو مطالبو ڪندي چيو ته اسان حڪومت پاڪستان ۔ حيسڪو وابڊا بالا اختيارات ۔ سپريم ڪورٽ ۔ چيف آف آرمي اسٽاف ۔ ڊي جي ريجيرس ۔ ۽ بالا اختيارات اپيل ڪئي آھي ته ڪرپشن ماسٽر مائينڊ ايس ڊي او نصيرآباد ۽ باڊھ جي عملي خلاف جوڳيا قدم کڻي انهن کي نوڪري تان برطرف ڪري ايماندار عملو مقرر ڪجي ۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو