باڊھ (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو )نااهل ايس ڊي او نصيرآباد ۽ باڊھ سپڪو عملي رمضان جي مهيني ۾ پير تقي شاھ 200 ميگاورٽ ٽرانسفامر جي ھٿرادو لنڪون لاهي ڇڏيون ۔هوڏانهن بجلي جي وڏي بحران ڪري روزيدارن کي وڏي تڪليف سان منهن ڏئڻو پئجي ويو ۔ هر طرف ڪربلا ڪربلا جا نعره لڳندا رهيا۔ ڪيترائي روزيدار بيهوش ٿي ويا ۔ انهن روزيدارن کي پرائويٽ اسپتال متعقل ڪيو ويو جن کي هوش ۾ آڻي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ۔ هر طرف پٽون ۽ پاراتا ٻڌم ۾آيا ڪيترن روزيدار پنهنجو روزو وڃائي ويھي رهيا ۔ سپڪو وابڊا خلاف دانهن روزيدار جون دانهون عرش عظيم تائين پهتيون مگر بالا آفيسر خاموش تماشائي بڻيل ۔ ڪاروائي ڪرڻ بجاء شاباس جا درجن بلندي ڪندي يونٽ بچائڻ لاء سٺي ڪارڪرگي ڏيکاري ڇڏي ۔باڊھ شھر جي معززين جو مطالبو ڪندي چيو ته اسان حڪومت پاڪستان ۔ حيسڪو وابڊا بالا اختيارات ۔ سپريم ڪورٽ ۔ چيف آف آرمي اسٽاف ۔ ڊي جي ريجيرس ۔ ۽ بالا اختيارات اپيل ڪئي آھي ته ڪرپشن ماسٽر مائينڊ ايس ڊي او نصيرآباد ۽ باڊھ جي عملي خلاف جوڳيا قدم کڻي انهن کي نوڪري تان برطرف ڪري ايماندار عملو مقرر ڪجي ۔










