انساني حقن واري ڪميشن رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

انساني حقن واري ڪميشن رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

راولپندي (م ڊ) اڍيالا جيل ۾ حراست دوران قيدين تي ٽارچر ۽ ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي ان ڏس ۾ انساني حقن واري ڪميشن رپورٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله اڍيالا جيل ۾ قيدي تي ٽارچر جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال ۽ جيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا انساني وزارت قيدي پاران طبي چڪاس جي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي اڍيالا جيل جي قيدي تي جيل عملدارن جي ٽارچر جي تصديق ٿي وئي انساني حقن واري ڪميشن جيل حراست ۾ ٽارچر ۽ ڪرپشن جي نشاندهي ڪندي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي عدالت چيو ته پمز جي ڊاڪٽر قيدي جي طبي چڪاس ڪئي، ميڊيڪل رپورٽ قيدي جي والدين جي شڪايت جي ٽارچر جي الزام کي سپورٽ ڪري ٿي ميڊيڪل آفيسر ٻڌايو ته قيدي جا نشان ٽارچر جي ڪري به ٿي سگهن ٿا هرهڪ جي نظر ۾ ميڊيڪل رپورٽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي ظاهر ڪري ٿي عدالت انساني حقن واري سيڪريٽري کي اڄ جمعي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته جيڪو پئسا ڏي ٿو اهو جيل ۾ موبائيل فون به استعمال ڪري ٿو ملاقاتون به ڪري ٿو جيڪو قيدي غريب هجي ڇا ان جا ڪي حق نه آهن هاءِ ڪورٽ اڍيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن قيدي جي شڪايت آئي ته عدالت سيريس ايڪشن وٺندي هاڻي عدالت هن معاملي جي مڪمل جاچ ڪرائيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو