نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ) وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو ھڻندڙ امام انقلاب سورھيـ بادشاهه جي 78 ھين ورسي جي سلسلي ۾ ڀرياسٽي ڀرسان مسلم ليگ فنڪشنل پاران ورسي جي پروقار تقريب ٿي. وڏي تعداد ۾ عوام جي شرڪت ڪئي جنھن ۾ شھيد سورھيـ بادشاھ جي فلسفي تي روشني وڌي وئي سورھيـ بادشاهه کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي اڳواڻن خطاب پڻ ڪيو خبر موجب ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ جيئندو ڪيريو ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ضلعي نوشھروفيروز طرفان ۾ شھيد سورھيـ بادشاھ جي 78 ورسي تقريب ملھائي وئي آھي ‚ ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ف ۽ حر جماعت اڳواڻن فقير غلام جان ڏاھري ‚ اخلاق جوکيو وقار حسين ‚ رحيم بخش سنجراڻي ‚ علي شير ڪيريو ۽ ٻين ڳالھيندي چيو تـ سورھيـ بادشآھ وطن يا ڪفن آزادي يا موت جي فلسفي تي اسان کي ھلڻ گھرجي ھنن چيو حضرت سائين سورھيـ بادشاھ جي ھميشـ حق جو نارو ھنيو انگريز دور ۾ بـ وطن جي بقا ۽ حفاظت ڪئي ھنن چيو تـ شھيد سورھيـ بادشاھ انگريز سامراج سان مھاڏو اٽڪايو ھن دليري۽ بھادري سان حر تحريڪ جي سپھ سالاري ڪئي ـ اڄ سندس ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي سندس قول تي ھلڻ جو وچن ڪيون ٿا ان موقعي تي ورسي پروگرام ۾ قرارداد پاس ڪندي گھر ڪئي وئي تـ شھيد سورھيـ بادشاھ جي ورسي واري ڏھاڙي 20 مارچ تي ھر سال عام موڪل ڪئي وڃي شھيد سورھيـ بادشاھ جي نالي سان سڀني درسي ڪتابن جي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي










