ڪابل(ويب ڊيسڪ)افغانستان ۽ ايران سرحد تي طالبان ۽ ايراني سرحدي محافظن وچ ۾ خوني جهڙپ ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ٻه زخمي ٿي پيا.برطانوي نشرياتي اداري جي رپورٽ موجب افغانستان جي صوبي نيمروز ۽ ايران جي صوبي هرمند جي وچ واري سرحدي علائقي ۾ طالبان ۽ ايراني سرحدي محافظن وچ ۾ هٿياربند ويڙهه ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا.افغان طالبان جو چوڻ آهي ته آچر تي سرحد جي ويڙهه ۾ سندن هڪ ساٿي مارجي ويو، جڏهن ته ٻئي ڌريون هڪ ٻئي تي واقعي جو الزام لڳائي رهيون آهن.نمروز پوليس جي ترجمان به افغان طالبان جي مارجي وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي پر تازي هٿياربند ويڙهه جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته ايران جي سرڪاري خبر رساں ايجنسي جو چوڻ آهي ته ويڙهه تڏهن شروع ٿي جڏهن افغان طالبان هڪ علائقي ۾ جهنڊو لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ايراني سرحدي محافظن طرفان سخت جواب ڏنو ويو.










