اسمبلي سيٽن موجب سينيٽ جون سيٽون ملڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ

اسمبلي سيٽن موجب سينيٽ جون سيٽون ملڻ گهرجن، سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سياسي پارٽين جون سينيٽ ۾ سيٽون صوبائي اسيمبلي جي سيٽن موجب هجڻ گهرجن، ڪنهن به پارٽي کي گهٽ سيٽون مليون ته ذميوار اليڪشن ڪميشن هوندي: سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ بابت صدارتي ريفرنس ۾ ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن جا ريمارڪس، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جَي نمائندي چيو ته سينيٽ ۾ 20 کان وڌيڪ آزاد اميدوار به هوندا آهن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سينيٽ چونڊون ڀلي ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿين پر سياسي پارٽين کي سيٽون پوريون ملڻ گهرجن، اٽارني جنرل چيو ته بي ايماني سدائين ايمانداري سان ٿيندي آهي، اڄ به ڪجهه ماڻهو نوٽن جا بيگ ڀري گهمي رهيا آهن، چيف جسٽس، چيف اليڪشن ڪمشنر سان مخاطب ٿيندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر صاحب!، اوهان اطمينان جوڳو جواب نه ڏئي سگهيا آهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو