اسرائيل جي جنگي جنون جو خاتمو ڪڏهن ايندو

اسرائيل جي جنگي جنون جو خاتمو ڪڏهن ايندو

اعجاز ممنائي

اسرائيل جي جارحاڻي پاليسين هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته تل ابيب ڪنهن به حالت ۾ علائقي ۾ مستقل امن نٿو چاهي. گذريل ڏينهن قطر پنهنجي سرزمين تي اسرائيلي حملي ۾ حماس جي قيادت  تي حملو ڪري کين نشانو بڻائڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي.قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب دوحا ۾ رهائشي عمارتن ۽ حماس جي قيادت کي نشانو بڻائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، اهو مجرماڻو حملو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ قطري شهرين ۽ قطر ۾ رهندڙ ٻين ماڻهن جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ سنگين خطرو آهي.ترجمان موجب قطر ان حملي جي سخت مذمت ڪندي واضح ڪري ٿو ته اسرائيل جو اهڙو غير ذميواراڻو رويو ۽ خطي جي امن ۾ جاري خلل برداشت نه ڪيو ويندو، نه ئي پنهنجي سلامتي ۽ خود مختياري کي نشانو بڻائيندڙ ڪنهن قدم کي قبول ڪنداسين.دوحا ۾ حماس جي قيادت تي هوائي حملو نه رڳو هڪ سنگين واقعو آهي، پر اهو ان حقيقت کي به ظاهر ڪري ٿو ته اسرائيل جنگ بندي ۽ ڳالهين جي هر عمل کي سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿو. هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي ته اسرائيل مزاحمتي قيادت کي نشانو بڻايو آهي. هن کان اڳ ۾، حزب الله ۽ حماس جي ڪيترن ئي اڳواڻن تي اسرائيل پاران حملو ڪيو ويو، ايتري تائين جو ايران کي پڻ نشانو بڻايو ويو، ۽ پوءِ اسرائيل جنگ بندي کي پنهنجي شرطن تي مشروط ڪري پاڻ کي علائقي جو مطلق العنان حڪمران طور قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو معصوم فلسطيني نه رڳو گولين ۽ بم ڌماڪن سان شهيد ٿيندا رهيا آهن، پر انهن کي بک ۽ اڃ جي ڪري موت جي ڪناري تي به ڌڪيو پيو وڃي. يقينن اسرائيل جو تازو حملو مڪمل طور تي ناجائز آهي، جيڪو قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتيءَ جي کلي ڀڃڪڙي آهي. اهو هڪ اهڙو خطرناڪ ۽ اشتعال انگيز قدم آهي، جيڪو خطي جي امن ۽ استحڪام کي سخت نقصان پهچائي سگهي ٿو. اسرائيلي جي قطر تي حملي کانپوءِ ڌمڪي ڏيندي اسرائيلي پارليامينٽ جي اسپيڪر اسرائيلي فوج جي قطر جي گاديءَ واري شهر دوحه تي حملي جو حوالو ڏيندي، مشرقي وسطي جي ٻين ملڪن کي به ڌمڪي آميز پيغام ڏنو آهي. اسرائيلي اسپيڪر اسرائيلي جهازن طرفان دوحه ۾ حماس قيادت جي استعمال هيٺ عمارت تي ڪيل حملي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته هي سڄي مشرقي وسطي لاءِ پيغام آهي. ياد رهي ته اسرائيل اڄ قطري گاديءَ واري شهر دوحه ۾ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي آفيس تي ان وقت حملو ڪيو، جڏهن حماس جي اعليٰ قيادت غزه ۾ جنگبندي معاهدي بابت گڏ ٿي هئي. اسرائيلي وزيراعظم ۽ اسرائيلي فوج حملي جي ذميواري قبول ڪندي چيو آهي ته حملو حماس جي اعليٰ قيادت کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو. حماس جي سياسي آفيس جي رڪن سهيل الهندي تصديق ڪئي آهي ته اسرائيلي حملي ۾ حماس جي قيادت محفوظ رهي آهي. سهيل الهندي الجزيره کي ٻڌايو ته اسرائيلي حملي ۾ حماس اڳواڻ خليل الحيه جو پٽ همام الحيه ۽ آفيس انچارج جهاد لبد شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته حملي دوران 3 محافظن سان به رابطو منقطع ٿي ويو. بهرحال الميو اهو آهي ته مسلم دنيا اڃا تائين ٽڪرا ٽڪرا ۽ هڪ ٻئي کان لاتعلق نظر اچي ٿي. ان جي ابتڙ، يورپي ملڪن نسبتاً جرئتمندانه موقف اختيار ڪيو آهي ۽ فلسطين کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته عالمي برادري جي خاموشي ۽ مسلم دنيا جي بي عمليءَ اسرائيل کي اها همت ڏني آهي ته هو جيڪو چاهي اهو ڪري ۽ ان کي ڪوبه ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي.حماس اڳواڻن جي حملي ۾ شهيد ٿيڻ  واري اسرائيلي قدم تي ايران کانپوء ترڪي طرفان سخت رد عمل سامهون آيو آهي. ترڪي جي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جنگ بندي ڳالهين دوران حماس جي ڳالهين ڪندڙ وفد کي نشانو بڻائڻ هڪ غلط قدم آهي جنهن مان ظاهر آهي ته اسرائيل جو مقصد امن قائم ڪرڻ نه پر جنگ کي طول ڏيڻ آهي. اها پڻ هڪ حقيقت آهي ته اسرائيل پنهنجي توسيع پسند پاليسي ۽ رياستي دهشتگرديء کي خطي ۾ سرڪاري پاليسي طور اختيار ڪيو آهي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته هن صورتحال ۾ مسلم امت ڪيترو وقت خاموش تماشائي رهندي؟ جيڪڏهن مسلم دنيا جا ماڻهو بنگلاديش ۽ نيپال جي ماڻهن وانگر فخر ۽ وقار سان ميدان ۾ نه نڪرندا ته پوءِ تاريخ انهن کي ساڳئي بيوسي سان ياد ڪندي  رهندي جيئن فلسطيني ٻارن ۽ عورتن جا لاش اڄ دنيا جي ضمير کي جهنجهوڙي رهيا آهن. وقت جي ضرورت اها آهي ته مسلم دنيا صرف اخباري بيانن ۽ رسمي مذمت تائين محدود نه رهي، پر گڏيل حڪمت عملي وارن قدمن ذريعي اسرائيلي جارحيت جو جواب ڏئي. ٻي صورت ۾، خطو وڌيڪ خونريزي، تباهي ۽ اسرائيلي بالادستي جي گرفت ۾ اچي ويندو.قطر، جيڪو آمريڪا جو ويجهو اتحادي ۽ خليج ۾ اهم ترين ملڪ آهي، پنهنجي سرزمين تي اهڙي ڪارروائي کي جارحيت سڏيو. ان سان گڏ آمريڪا لاءِ به وڏو امتحان پيدا ٿيو، ڇاڪاڻ⁠  تہ هڪ طرف سندس پراڻو اتحادي اسرائيل آهي ۽ ٻئي طرف قطر، جتي آمريڪا جو سڀ کان وڏو فوجي اڏو العديد ايئر بيس موجود آهي.اسرائيل جو جواز اهو هو ته قطر حماس کي مالي ۽ سياسي سهارو ڏئي ٿو، جيڪو اسرائيل جي سلامتي لاءِ وڏو خطرو آهي. اسرائيلي اختيارين دعويٰ ڪئي ته دوحه ۾ حماس جا اهم ماڻهو ۽ سندن نيٽ ورڪ لڪل هئا، تنهن ڪري فوجي ڪارروائي ضروري هئي.پر قطر ان دعويٰ کي سختي سان رد ڪندي چيو ته حملي ۾ بيگناهه شهرين جون حياتيون ضايع ٿيون ۽ ملڪ جي خودمختياري تي سڌو سنئون حملو ٿيو. قطر عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اسرائيل جي هن قدم کي غيرقانوني ۽ جارحاڻو قرار ڏئي.اسرائيل جي هن حملي کان پوءِ آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوري طور تي بيان جاري ڪندي واضح ڪيو ته هي فيصلو وزيراعظم بنيامين نتنياهو جو پنهنجو هو ۽ آمريڪا ان ۾ شامل نه هو. وائيٽ هائوس پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليئووٽ پڻ بيان ڏنو ته هي هڪ “بدقسمت واقعو” آهي جيڪو نه آمريڪا ۽ نه ئي اسرائيل جي حقيقي هدفن کي اڳتي وڌائي ٿو.ٽرمپ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان رابطو ڪندي کيس يقين ڏياريو ته اهڙو واقعو وري نه ٿيندو. هن واقعي کان پوءِ عالمي برادري ۾ بحث شروع ٿي ويو ته ڇا اسرائيل کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي سرزمين تي اهڙو قدم کڻڻ جو حق آهي؟ اقوام متحده ۽ انساني حقن جي تنظيمن هن عمل کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي ۽ ڪيترن سفارتي ماهرن جو خيال آهي ته جيڪڏهن اهڙا واقعا جاري رهيا ته خطي ۾ وڌيڪ بيچيني ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي جنهن سان دنيا جو امن داء تي لڳي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو