اجتماعي ۽ انفرادي خواري ۾ ڪهڙو فرق آهي سنڌ کي اجتماعي خواري کان ڪير بچائيندو؟

اجتماعي ۽ انفرادي خواري ۾ ڪهڙو فرق آهي سنڌ کي اجتماعي خواري کان ڪير بچائيندو؟

محمد خالد ميمڻ
ڪير به ماڻھو ڪو عمل جڏهن اڪليو انفرادي طريقي سان ڪري ٿو ته ان جو اثر يان کڻي ائين چئجي ته سٺي عمل جو سٺو اثر ۽ خراب عمل جو خراب اثر صرف ان اڪيلي شخص تي ئي پوندو آهي پر جڏهن ڪو عمل اجتماعي طريقي سان ڪيو وڃي ٿو ته ان جو اثر به سڄي برادري يان سڄي قوم يان سڄي ملڪ تي پوندو آهي جيئن مثال طور مون کي هڪ پنهنجي دوست جيڪو آمريڪا ۾ رهندو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ پيو گهمندو رهندو آهي ان هڪ دفعي ٻڌايو ته مون کان مختلف ملڪن جي ڪيترين ئي جاين تي گهمندي ڦرندي جڏهن ڪو پڇندو آهي ته تون ڪهڙي ملڪ سان تعلق ٿو رکين ته مان جڏهن کيس ٻڌائيندو آهيان ته مان پاڪستان جو رهاڪو پاڪستاني آهيان ته ان کان ڄڻ ته ڇرڪ نڪري ويندو آهي ۽ مون کان پري ڀڄي ويندو آهي ان جو مطلب ته بحيثيت پاڪستاني اسان جو ٻين ملڪن ۾ ڪردار سٺو ناهي ان ڪري اهي پاڪستانين کي گهٽ پسند ٿا ڪن ان سلسلي ۾ پرڏيهي ماڻھو ان نفرت جو سبب اسان ۾ مذهبي سياسي يان تقريبن هرڪمن ۾ انتهاپسندي جو هجڻ سميت جيڪي دهشتگردي جي واقعن ۾ پاڪستانين جي ملوث هجڻ جو ٻڌائين ٿا ۽ اسان وري جڏهن سنڌ جا ماڻھو ملڪ جي ٻين صوبن ڏانهن ويندا آهيون ۽ جڏهن اتان جي رهاڪن سان ڪچھري ٿيندي آهي ۽ سياست تي بحث مباحثو ٿيندو آهي ۽ کين جڏهن خبر پوندي آهي ته اسان سنڌ جا رهاڪو سنڌي آهيون ته انهن جو ردعمل به ڏسڻ وٽان هوندو آهي ۽ اهي ڪچهري دوران چوندا آهن ته اوهان ته پيپلزپارٽي جا ووٽر آهيو ۽ هميشه کان ووٽ ان کي ڏيندا ٿا اچو جڏهن ته ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ۾ ڪرپشن به ان ئي پارٽي ڪئي آهي پوء اوهان ٻين خاص طور پنجاب جي پارٽي ن ليگ يان عمران خان تي ڇو ٿا ڪاوڙجو ڇاڪاڻ ته اوهان ته ڪڏهن انهن پارٽين جو ساٿ ناهي ڏنو پوء انهن مان اميدون ڇو ٿا رکون ۽ ٻين صوبن جا ماڻھو سنڌ جي ماڻھن لاء ٻي ڳالھ خاص طور اها به ڪندا آهن ته سنڌي ڌاڙيل آهن هاڻي اچو ته غيرجانبدار ٿي ڪري ايماندارانه طور تجزيو ڪيون ته ٻين صوبن جي رهاڪن جا اسان سنڌين مٿان لڳايل انهن الزامن ۾ ڪيتري سچائي آهي ۽ سچائي آهي به يان ٻين صوبن جا ماڻھو تعصب جي بنياد تي اسان مٿان الزام ته نه ٿا هڻن ان لاء پهرين ڳالھ ته اسان سنڌي هميشه پيپلزپارٽي جا ووٽر رهيا آهيون تي غور ڪبو ته جڏهن کان پيپلزپارٽي جو وجود پيو آهي اسان سنڌواسي ۽ وري خاص طور اسان جي سنڌين جي اڪثريت هن مهل تائين ان ئي پارٽي کي ووٽ ڏيندي پئي ٿي اچي پهريان جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو حال حيات هيا ته ٻين صوبن جا ماڻھو به پ پ کي ووٽ ڏيندا هيا پر انهن جي وڃڻ بعد هاڻي رڳو اسان سنڌ واسي ئي کين ووٽ ڏئي اسيمبلين تائين پهچايون ٿا ۽ اڄ به پ پ جا اڳواڻ اسان مٿان حڪمران آهن ان مان ثابت ٿيو ته واقعي به اسان سنڌ واسين جي اڪثريت شروع کان هن مهل تائين پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنو آهي ۽ دوران حڪومت ڪرپشن جا الزام به پيپلزپارٽي تي لڳندا پيا ٿا اچن ۽ خاص طور پ پ جي لاڳيتو پندرنهن سالا مسلسل دور حڪومت جنهن ۾ پنج سال مرڪز ۾ به سندن حڪومت رهي ۽ سندن جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري صدرپاڪستان جي عهدي تي پڻ رهيو جنهن تي پڻ ڪرپشن جا ڪيترائي ڪيس ۽ اسڪينڊل رهيا ۽ سنڌ حڪومت ۾ پ پ جي مسلسل چوڏهن پندرنهن سالن جي هلندڙ حڪومت تي هر کاتي اندر ڪرپشن جا مضبوط الزام پڻ لڳندا ٿا رهن جنهن جا اگر مان مثال ڏيان ته شايد هڪ وڏو ڪتاب لکجي ويندو ۽ ٻي ڳالھ ته سنڌي ڌاڙيل آهن ان جو جواب اهو آهي ته سنڌي سڀ ڌاڙيل بلڪل به ناهن اهو الزام اسان تي ان ڪري ٿو لڳي جو سنڌ جي مخصوص علائقن جيئن خاص طور اتر سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي ۽ اتي مختلف طريقن سان ماڻھن کي گهرائي اغوا ڪري ڀنگ ورتو ٿو وڃي انهن ڌاڙيلن کي به سرڪاري مشينري ۽ قبائلي سردارن چونڊيل نمائندن جي سرپرستي حاصل آهي جنهن جي ڪري اهي وارداتون ڪن ٿا پيا باقي انهن مخصوص علائقن ۽ مخصوص ماڻھن جي ڌاڙيلي ڪاروائين جي ڪري سڀني کي ڌاڙيل نه ٿو چئي سگهجي پر جڏهن اهڙيون خطرناڪ افسوسناڪ ڌاڙيلي ڪاروايون اجتماعي ۽ اڪثريتي بنيادن تي ٿين ٿيون ۽ انهن خلاف ڪاروايون نه ٿيون ٿين ته ان جو الزام ان جو اثر سڄي سنڌي قوم تي ٿئي ٿو ۽ ٻين صوبن جا ماڻھو به سنڌين کي ڊاڪو چون ۽ سمجهن ٿا ان ڪري اسان جي پ پ حڪمرانن کي گهرجي ته سنڌ واسين جي ڏنل مينڊيٽ جي توهين ڪرڻ بند ڪن ۽ سنڌ واسين طرفان سندن کي ڏنل ووٽ ۽ سپورٽ جي عزت ڪندي پارٽي ۾ شامل ڪرپٽ عناصرن کي نيڪالي ڏئي پارٽي کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري صوبي جي سڀني ادارن ۾ ڪرپشن خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪري ادارن کي به ڪرپشن کان آجو ڪن ۽ اتر سنڌ سميت جتي به ڌاڙيل راڄ قائم ٿيل آهي اتي ڌاڙيلن ۽ سندن سرپرستن خلاف سخت ايڪشن وٺي انهن کي پڪڙي قانون مطابق کين سزائون ڏيارين ته جيئن اسان سنڌ واسين لاء ٻين صوبن جي رهواسين جي جيڪا راء قائم ٿيل آهي ۽ ان ۾ گهڻي قدر سچائي به آهي اها ختم ٿئي ۽ ان اجتماعي بدنامي کان اسان سنڌ واسي بچي سگهون ۽ ملڪ جي وفاقي سرڪار کي به گهرجي ته پاڪستان اندر هرقسم جي انتهاپسندي دهشتگردي کي ٻنجو ڏيارڻ لاء سخت کان سخت عملي قدم کڻن ڇوته اسان جو اسلام هڪ مڪمل امن پسندي ۽ سلامتي وارو دين آهي ۽ ان سلامتي ۽ امن پسندي واري اسلامي تعليمات تي مڪمل عمل ڪرائي ٻين ملڪن اندر پاڪستان پاڪستانين لاء جيڪا انهن جي دلين ذهنن ۾ نفرت آهي اها ختم ڪرائين .

پهنجو تبصرو موڪليو