آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين خلاف بل پيش

آمريڪي سينيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين خلاف بل پيش

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن ميمبر طرفان پاڪستان ۽ چين خلاف بل پيش ڪيو ويو.آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪيل بل ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ ۽ پاڪستان کان مبينه خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ ڀارت جي مدد جو واعدو ڪيو ويو آهي.ريپبلڪن سينيٽر مارڪو روبيو پاران پيش ڪيل بل آمريڪا تي زور ڏئي ٿو ته هو هندستان سان اسرائيل، ڪوريا، جاپان ۽ نيٽو جي اتحادين وانگر سلوڪ ڪري.بل ۾ پاڪستان جي امداد بند ڪرڻ ۽ هندستان خلاف مبينه ڪاررواين تي ڪانگريس کي آگاهه ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو