جاويد ڀٽي
وچ اوڀر هاڻ “هڪ مڪمل علائقائي جنگ” ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪا آمريڪي پاليسيءَ جي تبديليءَ بنا ختم نه ٿيندي. اها جنگ ايستائين ختم نه ٿيندي، جيستائين آمريڪا پنهنجو هٿ نه ڪڍندو ۽ اهو نه چوندو ته اسان اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار نه ڏينداسين، سندس پاليسين جي حمايت نه ڪنداسين، اسرائيل جي مالي فنڊنگ سان گڏ جنگي ڏوهن جي حمايت نه ڪنداسين. انهن کي ايٽمي هٿيار ۽ جاسوسي ۾ مدد نه ڪنداسين، فلسطينين سان گڏ لبنان ۽ شام تي قبضي لاءِ” گريٽر اسرائيل” جي هاڻ وڌيڪ حمايت نه ڪبي. پر نه ماضي ۽ نه مستقبل ۾ ائين ممڪن آهي، آمريڪا ان جنگ ۾ اسرائيل کان وڌي چڙهي حصو وٺي رهيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ايراني حملي جي جواب ۾ اسرائيل جواب ڏيندو. ان سان اڳيان پويان هڪ تمام وڏي جنگ عرب ملڪن جي انتظار ۾ ويٺي آهي. اسرائيل گذريل ڪيترن مهينن کان لبنان ۽ ايران تي هر قسم جي حملن جي تياري ڪري رهيو هو. ان سلسلي ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جا ماهر به شامل هئا. اسرائيل پوري عرب خطي ۾ وڏي تباهي ڦهلائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جيئن لبنان ۾ ڏسي سگهون ٿا. سندن انٽيليجنس جي وڏن ڪارنامن پوري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. اسرائيل جي ايٽمي صلاحيت کان هر ڪو واقف آهي. جديد ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايترو اڳيان نڪري ويو آهي جو ايران، ۽ ان جي اتحادين جي هر اڳواڻ جي اُٿڻ ويهڻ جي به انهن کي خبر آهي، اهو ئي سبب آهي جو ايران جي روحاني اڳواڻ آيت الله خامنه اي کي نئين ذاتي سيڪيورٽيءَ ۾ ڳجهي هنڌ تي رکيو ويو آهي، پر اسرائيل چيو آهي ته، هُو ان جو به پتو لڳائي وٺندا ۽ هاڻ هُو ئي انهن جو اصل ٽارگيٽ آهي. ايران اصل ۾ ڪنهن به وڏي جنگ کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسرائيل آمريڪي مدد سان هڪ پلان ٺاهي، ايران کي ان جنگ ۾ ميدان تي کڻي اچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. پهرين غزه، پوءِ لبنان ۽ ان جي مرڪزي قيادت کي مارڻ بعد ايران کي چِڙ ڏياري ته هُو صرف ڊراما ڪري رهيو آهي ۽ ڪندو ڪجهه به نه، اصل ۾ انهن جو مقصد ايران کي جنگ ۾ گهلڻ هو. ايران جي حملن بعد آمريڪا به اعلان ڪيو آهي ته، اسرائيل جي جواب ۾ هُو انهن جا مڪمل مددگار هوندا.
ايران، حماس سربراهه اسماعيل هنيه، حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله ۽ ٻين ڪمانڊرن جي پلاند طور اعلانيل قسم تي عمل ڪندي گذريل ڏينهن الهندي ڪناري سميت ٻين شهرن تي 180 کان وڌيڪ ڪروز ميزائل حملا ڪيا آهن. عالمي ميڊيا جي رپورٽ موجب، سڀ ميزائل هوا ۾ ڦاٽي پيا ۽ ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو. جيتوڻيڪ اسرائيل ۾ عرب ميڊيا تي مڪمل بندش آهي، انهن جون آفيسون بند آهن، ٻين ملڪن جي ميڊيا نمائندن کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي آهي ۽ هاڻ صرف آمريڪا، برطانيا ۽ اسرائيلي اتحادي ملڪن جي ميڊيا موجود آهي. جيڪا به مڪمل طور ڪنٽرولڊ آهي. ۽ انهن جي مرضي واريون خبرون ڏئي رهي آهي. سوشل ميڊيا جي رپورٽ مان لڳي ٿو ته، اسرائيل جي الهندي ڪناري وارن علائقن ۾ انهن ميزائل حملن سان وڏي تباهي ٿي آهي، گهڻ ماڙ عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن، اسپتالون زخمين سان ڀرجي ويون آهن، هر طرف افراتفري آهي، حڪومت ڪيترن شهرن جي ماڻهن کي بنڪرن ۾ رهڻ جي صلاح ڏني آهي، ۽ سوشل ميڊيا وڊيوز تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. مڪمل بليڪ آئوٽ آهي، وزير اعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس ڪابينا جي اڳواڻن کي خاص زير زمين بنڪرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. پر ميڊيا تي سڀ ٺيڪ آهي ۽ صرف ٻه ڀنگي زخمي ٿيا آهن، ٻيو مڙئي خير آهي. تل ابيب ۾ ٻن نوجوانن ريلوي اسٽيشن تي فائرنگ ڪري 6 يهودين کي موقعي تي ماري ويهارو کن کي زخمي ڪيو آهي، جن مان به ڪيترن جي حالت نازڪ آهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ايراني حملو بي مثال آهي. هڪ ملڪ تي ميزائلن جو هڪ بيراج فائر ڪيو ويو آهي. اسلامي انقلابي گارڊ موجب اسان جا حدف الهندي ڪناري جا ٽي فوجي مرڪز هئا، جيڪي تباهه ٿي ويا آهن. جڏهن ته آمريڪي فوج اسرائيل سان گڏجي 200 پروجيڪٽائل کي تباهه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسرائيل موجب، ملڪ جي وچين ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ صرف ڪجهه هنڌن تي ڌماڪا ٿيا آهن. ايران جي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو آهي ته، ايران پهريون ڀيرو نئين فتح هائپر سونڪ بيلاسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن، ان سان گڏ ٻئي مرحلي ۾ وڏي پئماني تي سائبر حملا به ڪيا ويا آهن. اسان جا ميزائل 90 سيڪڙو ڪامياب ٿيا آهن. اسرائيل لبنان ۾ زميني ۽ هوائي حملا تيز ڪري حزب الله، حماس ۽ ٻين اسلامي گروپن کي هٿيارن جي سپلاءِ ڪندڙ امام حسين ڊويزن جي ڪمانڊر جعفر قاصر کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. حزب الله لبنان جي ڳوٺ عوديسيه ڀرسان وڏو حملو ڪري اسرائيلي زميني حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سوين اسرائيلي فوجي زخمي ۽ مارجي ويا آهن ۽ فوج پويان پير ڪري واپس اسرائيل پهچي وئي آهي. اسرائيلي فوج ٻڌايو آهي ته، حزب الله جي حملي بعد اُترين علائقن جي اسپتالن ۾ لاش ۽ زخمي وصول ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. حوثي باغين اسرائيل جي ڪيترن ئي شهرن تي جديد ميزائلن سان حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن. تل ابيب جي ميونسپلٽي عملي ٻڌايو آهي ته، ايراني حملن سان هودهشارون شهر ۾ تقريبن 100 کان وڌيڪ گهر هڪ ميزائل سان تباهه ٿي ويا آهن پر زخمي ڪو ناهي ٿيو. ايران پوري ملڪ جي هوائي اڏن کي ٻن ڏيهن لاءِ بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
آمريڪا جي قومي سلامتيءَ واري صلاحڪار جيڪ سيليوان ٻڌايو آهي ته، ايراني ميزائلن کي تباهه ڪرڻ لاءِ آمريڪا اسرائيل جي مڪمل مدد ڪئي آهي، علائقن ۾ بيٺل اسان جو جنگي ٻيڙو في الحال ميزائل روڪي رهيو آهي، ۽ ضروري ٿيو ته حملو ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين. اسان وڏي جنگ لاءِ به تيار آهيون. آمريڪي صدر جو بائيڊن، نائب صدر ڪمالا هاسن ۽ ٻين اڳواڻن سان ايراني حملي کان فورن پوءِ هنگامي اجلاس ڪري اسرائيل جي مڪمل مدد جو اعلان ڪيو آهي. آمريڪا ۽ سندس اتحادين فوري طرح ايران جي اسرائيل تي حملي خلاف سلامتي ڪائونسل جو مذمتي اجلاس گھرايو آهي. فلسطين ۽ لبنان ۾ عورتون ۽ ٻار اسرائيلي بمباري جي ڪري روز قتل ٿين ٿا، انھي خلاف مذمتي ٺهراءُ بجاءِ، ان کي ويٽو ڪندا آهن. ڇا اسرائيل، آمريڪا ۽ سندن اتحادي انسان آھن، باقي سڀ جانور، جن کي سامراجي ڪاسائي ڪيڏي مھل به ڪُھي سگهي ٿا؟.
لبنان مان 2 لک 80 هزار شامي سرحد پار ڪري شام پهچي ويا آهن، جتي انهن کي ساحلي علائقن ۾ رهايو ويو آهي. اسرائيل لبنان جي سرحدي ڳوٺن کي هڪ ڏينهن ۾ خالي ڪري وڃڻ جي وارننگ جاري ڪئي آهي. اسرائيل الهندي ڪناري ۽ سامونڊي علائقن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪري لکين ريزرو فوجين کي طلب ڪري ورتو آهي. حزب الله تل ابيب ڀرسان اسرائيلي انٽيليجنس ايجنسي جي هيڊ ڪوارٽر تي وچولي درجي تي مار ڪندڙ نئين قسم جا ميزائل فائر ڪيا آهن، جنهن سان ڌماڪن بعد دونهون ايندي نظر اچي رهيو آهي پر ٻڌايو ويو ته ڪجهه ناهي ٿيو سڀ خير آهي. آمريڪا جي دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته، ايران الفتح ون ميزائل فائر ڪيا آهن، جيڪي جديد آهن ۽ اهي ميزائل ڊفينس کان بچي گت هڻي پنهنجو ٽارگيٽ مڪمل ڪندا آهن. ايراني حملي بعد لبنان ۾ اسرائيلي زميني ڪارروائيءَ جي ناڪامي ۽ حوثين جي نون حملن بعد عالمي سطح تي تيل جون قيمتون چوٽ چڙهي ويون آهن ۽ عالمي اسٽاڪ مارڪيٽون پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويون آهن. عرب ملڪن ڏانهن يورپي اُڏامن کي بند ڪيو ويو آهي، حوثين جي حملن بعد سامونڊي واپاري ٻيڙن کي يورپي ملڪن جي سرحدن تي روڪيو ويو آهي. سي اين اين اسرائيلي شهرن شوميرا، شتولا ۽ مسگاو جي اسپتالن جا فوٽو شيئر ڪيا آهن، جتي سوين اسرائيلي زخمي فوجي ۽ لاش پيا آهن. رائٽرز ٻڌايو آهي ته، ڪوپن هيگن ۾ اسرائيلي سفارتخاني ڀرسان بم ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، ڊنمارڪ پوليس علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.
ايران جي ميزائل حملي جي نتيجي ۾ تل ابيب ۾ ھوائي حملي جي سائرنز اسرائيلي يھودين کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آھي. اڳ ۾ اھي سڀ حزب الله مٿان پيجر ۽ واڪي ٽاڪي ذريعي ٿيل حملن ۽ ٻين اهم اڳواڻن جي شھادتن تي جشن ملھائي رھيا ھئا، پر هاڻ هو سخت مايوس آھن. اسرائيل جو ميڊيا پلاند وٺڻ سان گڏوگڏ ھن جنگ جي خاتمي جي ڳالھه به ڪرڻ شروع ڪئي آهي. فلسطين، لبنان، يمن، ايران ۽ ٻين مسلمان ملڪن ۾ عوام خوشي جو جشن پيو ملھائي. جڏهن ته حڪمران ٻڏتر جو شڪار آهن ته هاڻ ڇا ڪجي. ھن حملي، حزب الله، حماس ۽ يمن جي حوثي باغين کي وڏو حوصلو ڏنو آهي، جنھن جي ڪري سندن حملن ۾ تيزي ايندي.
هن خطي ۾ اسرائيل کي ايران کانسواءِ ڪنهن به ملڪ کان خطرو ناهي. غزہ مان حماس، لبنان مان حزب اللہ، شام مان نصر الله. عراق مان شيعا مليشيا، ۽ يمن مان حوثي به ايران جي مدد سان اسرائيل سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا آهن. اسرائيل غزہ، لبنان ۽ يمن ۾ پنهنجي جنگي دهشتگرديءَ سان ايران جي حامي طاقتن کي وڏي حد تائين چِيڀاٽي ڇڏيو آهي. ان ويڙهه جو فيصلائتو مرحلو ايران ۽ اسرائيل جي سڌي جنگ هئي، جيڪا هاڻي لڳي چڪي آهي. اسرائيل وٽ آمريڪا جي جنگي ٽيڪنالاجيءَ جي وڏي مدد آهي، جڏهن ته ايران وٽ ٿوري گهڻي پنهنجي ئي جنگي صلاحيت آهي. پر انهن وٽ ايتري ايڊوانس ٽيڪنالاجي ناهي. ممڪن آهي ته جنگ وڌڻ تي روس يا چين ٿوري گهڻي لڪ ڇپ ۾ڪا مدد ڪن پر بندشون لڳڻ سبب ڪو به ملڪ سڌي مدد لاءِ نه ايندو. ايران اسرائيلي جنگي سگھه سان ڪيتري ڊگهي جنگ ڪري سگهندو، اهو ايندڙ ڏينهن ۾ نظر ايندو. اها جنگ تڪڙي نه کُٽندي. جنگيون شروع ڪرڻ سَوليون پر کُٽائڻ ڏکيون هونديون آهن. افغانستان ۾ آمريڪا کي ۽ يوڪرين ۾ روس کي اهو تجربو حاصل ٿيل آهي. اسرائيل ڪالهوڪي حملي کان پوءِ جواب ڏيڻ لاءِ ڦٿڪي رهيو آهي، جيڪو هڪ ٻن ڏينهن ۾ جوابي ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. وچ اوڀر ۾ جنگ اينگهجي وئي ته اوڙي پاڙي لاءِ به وڏا مسئلا ڪر کڻندا. باقي عرب حڪومتون به ائين ماٺ ڪري ويٺيون رهيون ته پوءِ ائين واري واري سان غزه ۽ بيروت وانگر اسرائيل هٿان تباهه ٿينديون رهنديون. جڏهن ته نيتن ياھو جي سياست ھاڻي صرف اسرائيل جي ڪاميابين تي قائم رھي سگھي ٿي ۽ ان ۾ تل ابيب ۽ اسرائيل جي ٻين شهرن تي ٿيندڙ حملا سندس اقتدار ختم ڪرائي سگھن ٿا.
اسرائيل جا حملا آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي گلوبل گيم جو حصو آهن، جنهن ۾ چين، روس، ايران، اتر ڪوريا، وينز ويلا ۽ ٻين ملڪن کي تباهه ڪري پنھنجي سامراجي ھڪ ھٽي کي برقرار رکڻو آهي. هاڻ سوال اهو آهي ته آخر ٿيندو ڇا؟، ۽ آمريڪا جو ايران تي گڏيل حملي جو نتيجو ڪھڙو نڪرندو؟ خبر ڪونهي. پر تاريخ ۽ انسانذات جو ماضي اھو ٻڌائي ٿو ته، طاقت جا مرڪز تبديل ٿيندا رھندا آھن ۽ ھر تبديلي لازمي ناهي ته انسانذات جي فائدي ۾ ھجي!
روزاني پنهنجي اخبار جي ٿورن سان پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو










