لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اسلام آباد کان لاهور پهچي ويو. آصف علي زرداري لاهور ۾ ٻه ڏينهن ترسندو، هن پ پ جي مرڪزي قيادت کي به لاهور طلب ڪيو آهي. آصف زرداري ۽ مرڪزي قيادت وچ ۾ اليڪشن جي حوالي سان اهم فيصلن جو امڪان آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري جي اين اي 127 جي چونڊ مهم جو به جائزو ورتو ويندو.










