آءِ ايم ايف پارليامينٽ ميمبرن جا اثاثا ڳجها رکڻ تي اعتراض واري ڇڏيا

آءِ ايم ايف پارليامينٽ ميمبرن جا اثاثا ڳجها رکڻ تي اعتراض واري ڇڏيا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) پارليامينٽ ميمبرن جي اثاثن کي ڳجهو رکڻ جي قانوني ترميم تي اعتراض واري ڇڏيو آهي ۽ انهي کي واپس وٺڻ جو چئي ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو آهي ته ڪميشن ڪنهن به صورت ۾ شفافيت تي سمجهوتو نه ڪندو. لا ڊويزن آءِ ايم ايف کي اهو به ٻڌايو ته حڪومت اڃان تائين اهڙين ترميمن جي حمايت نه ڪئي آهي جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن نجي قانون سازي جي طور تي متعارف ڪرايو هو.ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف لا ڊويزن کان واضح موقف اختيار ڪرڻ جو چيو آهي. قومي اسيمبلي اليڪشنز ايڪٽ 2017 ۾ اها ترميم قانونسازن جي اثاثن ۽ واجبات جي عوامي ادائيکي کي محدود ڪرڻ جي لاءِ صرف انهي وقت منظور ڪئي جڏهن مسلم ليگ(ن) جي اسيمبلي ميمبرن انهي جي حق ۾ ووٽ ڏنو.ذريعن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف اهڙي ترميم جي باري ۾ پڇاڻو ڪيو آهي ٻڌايو ويو آهي ته اها ترميم قانون جو حصو نه بڻجندي ڇو ته سينيٽ بل تي ووٽ نه ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو