7 آڪٽوبر کان پوءِ ٻئي مرحلي جو اعلان ڪنداسين

7 آڪٽوبر کان پوءِ ٻئي مرحلي جو اعلان ڪنداسين

ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن تي 7 آڪٽوبر کان پوءِ ٻئي مرحلي جو اعلان ڪيو ويندو.صحافين سان ڳالهيون ڪندي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومت جو پيٽرول تي رليف پيڪيج ڪو احسان نه آهي، حڪومت کي پريشر ۾ اچي اهو پيڪيج ڏيڻو پيو. 40 لک موٽر سائيڪلون آهن، پيڪيج سڀني کي نه پيو ملي سگهي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته انهي مسئلي جو حل صرف ليوي جو خاتمو آهي، پيٽروليم جي مسئلي تي سڀ خاموش ڇو آهن، اميرن جي لاءِ ڌار نظام ٺاهيو وڃي هاڻ اهو چڪر نه هلندو. 7 آڪٽوبر کان پوءِ ٻئي مرحلي جو اعلان ڪنداسين.فلسطين ۾ اسرائيلي بربريت جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته اسان فلسطينين جي لاءِ ڳالهيون ڪندا رهنداسين، فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ آمريڪا به سهولتڪار بڻيل آهي. فلسطيني پوري امت جي لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، مظلومن سان گڏ بيٺل آهيون، ظالمن سان گڏ نه آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو