لاڙڪاڻو:(ن س) لاڙڪاڻي مان اغوا ٿيل ٻن مغوين نواب سومرو ۽ ديدار بهڻ کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو لاڙڪاڻي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻن مغوين کي پوليس حساس ادارن جي سهڪار سان ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو.ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان مغل موجب ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد بلھڙيجي واري علائقي مان ڪجهه ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نواب علي سومرو ۽ ديدار علي بهڻ جي بازيابي لاءِ پوليس پاران ڪارروايون ڪيون ويون پوليس حساس ادارن جي سهڪار سان ڪچي واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي ٻنهي مغوين نواب علي سومرو ۽ ديدار علي بهڻ کي باحفاظت بازياب ڪرائي ورتو.ايس ايس پي اظهر خان مغل موجب ٻنهي مغوين کي بازيابي بعد سندن وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪنهن به قسم جو ڀنگ طلب يا وصول نه ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروايون جاري آهن ۽ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا پيا وڃن.










