خيرپور رياست جو آخري حڪمران لاڏاڻو ڪري ويو

خيرپور رياست جو آخري حڪمران لاڏاڻو ڪري ويو

سکر (بيورورپورٽ) خيرپور رياست جو آخري والي هزهائينس مير علي مراد خان ٽالپر 93 ورهين جي ڄمار ۾ سکر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وفات جي خبر پکڙجڻ سان ٽالپر خاندان، خيرپور جي تاريخي ۽ سماجي حلقن سميت علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. مير علي مراد خان ٽالپر جو شمار سنڌ جي تاريخ جي اهم حڪمران خاندانن ۾ ٿئي ٿو. هو خيرپور رياست جي آخري حڪمران مير فيض محمد خان ٽالپر جو پٽ هو ۽ 1947ع ۾ خيرپور رياست جو حڪمران بڻيو. ان وقت سندس عمر ننڍي هجڻ سبب رياست جا انتظام ريجنسي ذريعي هلندا هئا. تاريخي رڪارڊ موجب مير علي مراد خان کي 24 جولاءِ 1947ع تي حڪمران مقرر ڪيو ويو هو. پاڪستان جي قيام کان پوءِ خيرپور رياست جي پاڪستان سان الحاق جو تاريخي فيصلو ٿيو. 3 آڪٽوبر 1947ع تي خيرپور رياست پاڪستان سان الحاق واري Instrument of Accession تي صحيح ڪئي. مير علي مراد خان ان وقت نابالغ هو، تنهنڪري سندس ريجنٽ مير غلام حسين خان ٽالپر سندس پاران الحاق واري دستاويز تي صحيح ڪئي. اهڙيءَ طرح خيرپور رياست پاڪستان سان شامل ٿيندڙ اهم رياستن مان هڪ بڻجي وئي. خيرپور رياست جي پاڪستان سان الحاق جي ان فيصلي کي ملڪ جي قيام واري دور جي اهم تاريخي واقعن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. رياست جي جاگرافيائي حيثيت، زرعي زمينن، سکر بئراج، ريلوي ۽ مواصلاتي رستن سبب به خيرپور کي خاص اهميت حاصل هئي. الحاق کان پوءِ به خيرپور رياست ڪجهه عرصي تائين پنهنجي الڳ انتظامي حيثيت برقرار رکي. بعد ۾ 1955ع ۾ ون يونٽ جي قيام سان خيرپور رياست کي ويسٽ پاڪستان ۾ ضم ڪيو ويو ۽ رياست جي الڳ حيثيت ختم ٿي وئي. مير علي مراد خان ٽالپر جو تعلق سنڌ جي ٽالپر حڪمران خاندان سان هو، جنهن خيرپور ۾ ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪئي. سندس وفات سان خيرپور رياست جي حڪمران ٽالپر خاندان جي جديد دور جي تاريخ جو هڪ اهم باب پڻ پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتو. مير علي مراد خان ٽالپر جي تدفين ۽ جنازي نماز بابت تفصيل بعد ۾ خاندان پاران جاري ڪيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو