دادو(ن س)دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد وقار ڪالوني ۾ 5 ڪلاس جي شاگرد سان مبينا بدفعلي جو انڪشاف ٿيو آهي وقار ڪالوني جي رهواسي 7 سالا وقار ولد مير محمد پنهور سان لگڙ وڪرو ڪندڙ پاران مبينا بدفعلي ڪئي متاثر ٻارڙي سميت پيءُ بي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي ويو، هن الزام لڳايو ته جوابدار فياض ولد نياز جتوئي وٽ سان بدفعلي ڪئي آهي شڪايت ڪندڙ پيءُ ڄاڻايو ته الزام هيٺ جوابدار لگڙ وڪرو ڪندو آهي پٽ سندس کان لگڙ خريد ڪرڻ ويو ته کيس ورغلائي سارين جي فصل ۾ مبينا بدفعلي جو نشانو بڻايو
جڏهن ته پوليس پاران ٻارڙي جي شڪايت تي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪرڻ بعد کين سول اسپتال دادو موڪليو جڏهن ته الزام هيٺ آيل جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو؛










