ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچيءَ جي مختلف رستي احتجاج سبب اهم شاهراهن تي ٽريفڪ جي رواني سخت متاثر ٿي، جنهن جي ڪري شهرين کي اچ وڃ ۾ سخت مشڪلاتن جو سامهون ڪرڻو پيو.شاهراهه فيصل نرسري اسٽاپ وٽ مير رضا جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاج ٿيو، جنهن سبب ايئرپورٽ ڏانهن ويندڙ ۽ ايندڙ روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ٽريفڪ پوليس موجب ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ کي سروس روڊ تان هلايو پيو وڃي.سر سليم شاهه روڊ تي علائقي واسين جو بجليءَ جي عدم فراھمي خلاف احتجاج ختم ٿي ويو، جنهن بعد غريب آباد کان حسن اسڪوائر ويندڙ سڙڪ تي ٽريفڪ بحال ٿي وئي. ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته روڊن تي گاڏين جو دٻاءُ وڌيڪ آهي، رواني معمول تي اچڻ ۾ وقت لڳندو.ان کان علاوه جيل چورنگي، طارق روڊ، پراڻي سزي منڊي، ڊالميا روڊ، راشد منهاس ۽ اسٽيڊيم روڊ تي به سخت ٽريفڪ جام رهي.










