پاڻي خطي لاءِ ”زندگيءَ جو رت“ آهي، هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي

پاڻي خطي لاءِ ”زندگيءَ جو رت“ آهي، هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي

بشڪيڪ(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن چيو آهي ته پاڻي خطي لاءِ ”زندگيءَ جو رت“ آهي ۽ ان کي ڪڏهن به هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي. هو ڪرغزستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (SCO) جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو.
بشڪيڪ ۾ SCO ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مستقل امن کانسواءِ خطو پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي استعمال نٿو ڪري سگهي.
ڀارت جو سڌيءَ طرح نالو وٺڻ کانسواءِ هن سنڌ طاس معاهدي (IWT) جو مسئلو اجاگر ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته ان معاهدي جو احترام ڪيو وڃي.
هن چيو: ”پاڻي اسان جي خطي لاءِ زندگيءَ جو رت آهي. اهو لکين ماڻهن جي زندگين کي برقرار رکي ٿو، اسان جي زمينن کي سيراب ڪري ٿو ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي ٿو.“
هن زور ڏيندي چيو ته پاڻي کي ”ڪڏهن به هٿيار طور استعمال نه ڪيو وڃي؛ ان کي دٻاءُ وجهڻ جي اوزار طور استعمال نٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي سياسي فائدي يا دٻاءَ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.“
وزيراعظم چيو ته گڏيل پاڻيءَ بابت معاهدا سنجيده ۽ پابند ڪندڙ عالمي ذميواريون آهن. اهي سياسي سهولت مطابق پنهنجي مرضيءَ سان رد ڪرڻ جون شيون ناهن. انهن معاهدن تي لفظن ۽ روح ٻنهي جي لحاظ کان بنا ڪنهن شرط جي عمل ٿيڻ گهرجي.
وزيراعظم جو خطاب مستقل عدالتِ ثالثي (PCA) جي ان فيصلي کان هڪ ڏينهن پوءِ ٿيو، جنهن ۾ عدالت ڀارت کي پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدو برقرار رکڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ هڪ پن بجلي منصوبي تي ڪم معطل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.
هيگ ۾ قائم عدالت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندي قرار ڏنو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سنڌ طاس معاهدو مڪمل طور لاڳو آهي ۽ ڀارت وٽ ان معاهدي کي ختم يا معطل ڪرڻ لاءِ ڪو جائز جواز ناهي.
ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ پاڻي ۽ سنڌ طاس معاهدو اڃا به تڪراري مسئلو آهن. گذريل سال اپريل ۾ نئين دهلي طرفان معاهدي کي هڪ طرفي طور التوا ۾ رکڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مئي 2025ع ۾ مختصر فوجي تڪرار پڻ ٿيو هو.
”دهشتگردي سنگين ترين خطرن مان هڪ آهي“
دهشتگردي جي مسئلي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اها ”سڀ کان سنگين خطرن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي مختلف شڪلين ۽ صورتن ۾ اسان جي سڄي خطي کي متاثر ڪيو آهي.“
هن چيو ته ايس سي او جي علائقائي دهشتگردي مخالف ڍانچي جي چيئرمين طور پاڪستان علائقائي سطح تي دهشتگردي خلاف سهڪار مضبوط ڪرڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن چيو: ”تمام گهٽ ملڪن دهشتگردي جي لعنت خلاف پاڪستان جيتري ثابت قدمي ۽ بهادري سان جنگ ڪئي آهي. گذريل اڍائي ڏهاڪن دوران اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ قيمتي جانيون قربان ڪيون ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جا معاشي نقصان برداشت ڪيا.“
وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان چاهي ٿو، پر هن واضح ڪيو: ”ان ۾ ڪو به ابهام نه هجڻ گهرجي؛ جيستائين دهشتگرد افغان سرزمين کي پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي بيگناهه ماڻهن جو رت وهائڻ لاءِ استعمال ڪندا رهندا، تيستائين مستقل امن اسان جي پهچ کان ٻاهر رهندو.“
پاڪستان جون ثالثي جون ڪوششون
پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم پاڪستان طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ دوران ڪيل ثالثي وارين ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايو ته SCO جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي چيئرمين شپ سنڀالڻ کان پوءِ پاڪستان جو منصوبو ڇا هوندو.
وزيراعظم شهباز شريف اڱاري ڏينهن اجلاس جي هنڌ پهچڻ تي ڪرغزستان جي صدر سندس آجيان ڪئي. بعد ۾ هن ٻين عالمي اڳواڻن سان گڏ گروپ فوٽو پڻ ڪڍرايو.
چين، ايران، ترڪي، روس ۽ ڀارت جا اڳواڻ پڻ ٻن ڏينهن واري اجلاس لاءِ ڪرغزستان ۾ موجود آهن. هن علائقائي تنظيم ۾ ڪرغزستان، قازقستان، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ بيلاروس به شامل آهن، جڏهن ته تنظيم پنهنجي 25هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ شهباز شريف کي چين جي صدر شي جن پنگ سان ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو. هو روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان سان گڏ ويٺل پڻ نظر آيو.
وزيراعظم ايران، ازبڪستان، قازقستان، تاجڪستان ۽ بيلاروس جي صدرن سان پڻ غيررسمي ملاقاتون ڪيون.
پاڪستان SCO جي چيئرمين شپ سنڀاليندي، ”شاندار منصوبو“ پيش ڪري ڇڏيو
دوري دوران پاڪستان 2026-27ع لاءِ SCO جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي چيئرمين شپ سنڀاليندو. ايندڙ سال SCO سربراهي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو.
وزيراعظم شهباز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو: ”جڏهن پاڪستان SCO جي چيئرمين شپ سنڀالي رهيو آهي ته اسان هڪ شاندار منصوبو پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت (AI)، توانائي جي ترقي، غربت ۾ گهٽتائي، آفتن جو انتظام، صحت، ثقافت ۽ راندين سميت اهم شعبن کي ترجيح ڏني ويندي.“
هن منصوبي تحت پاڪستان خودمختيار AI انفراسٽرڪچر ۽ گورننس لاءِ SCO فريم ورڪ قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن جو مقصد ذميوار ۽ سڀني کي شامل ڪندڙ AI جي ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ اهو يقيني بڻائڻ آهي ته ڪو به ميمبر ملڪ پوئتي نه رهجي وڃي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي SCO چيئرمين شپ جو موضوع هوندو: ”ويزن کي عمل ۾ تبديل ڪرڻ: رابطي، جدت ۽ گڏيل خوشحالي.“
هن چيو ته پاڪستان اها ذميواري عاجزي، اميد ۽ پختي يقين سان سنڀاليندو ته رابطن سان قومون هڪ ٻئي جي ويجهو اينديون، جدت نون موقعن جا دروازا کوليندي ۽ گڏيل خوشحالي هر گهر تائين پهچندي.
هن SCO جي ويزن کي عملي قدم ۾ تبديل ڪرڻ ۽ ان جي واعدن کي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ تي زور ڏنو.
شهباز شريف چيو ته غيريقيني واري دور ۾ تاريخ کي اهو لکڻ گهرجي ته SCO ٽڪراءَ بدران سهڪار، ورهاست بدران ڳالهين ۽ خوف بدران اميد جو رستو اختيار ڪيو.
هن وڌيڪ چيو: ”تاريخ اهو به لکي ته SCO رڳو بدلجندڙ دنيا جو تماشائي نه رهيو، پر اسان گڏجي ان دنيا کي شڪل ڏني.“
وزيراعظم چيو ته SCO جي خطي ۾ 3 ارب کان وڌيڪ ماڻهو آباد آهن ۽ هي علائقو قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. هن غيرمعمولي صلاحيت کي نظر ۾ رکندي SCO اڳواڻن تي پنهنجي عوام لاءِ بهتر مستقبل ٺاهڻ جي غيرمعمولي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي.
هن چيو ته هو ڊگهي عرصي کان علائقائي رابطن کي ”اسان جي خوشحالي جي ڪنجي“ قرار ڏيندو رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته اڄ رابطن جو نظام هاڻي چونڊ نه رهيو آهي، پر اسٽريٽجڪ ضرورت بڻجي چڪو آهي. علائقائي بحران پڻ ثابت ڪيو آهي ته مختلف ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ، محفوظ توانائي راهداريون ۽ مضبوط سپلاءِ چينون گڏيل سلامتي لاءِ انتهائي ضروري آهن.
شهباز شريف چيو ته چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (CPEC) علائقائي معيشتن کي عربي سمنڊ سان ڳنڍيندڙ ”گيٽ وي“ طور پنهنجو ڪردار جاري رکي ٿي.
هن چيو ته اسلام آباد اڳ ۾ موجود علائقائي ريلوي منصوبن، روڊ رابطن جي منصوبن ۽ توانائي جي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.
وزيراعظم 2035ع تائين SCO جي ترقياتي حڪمت عملي تي عمل يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته SCO ڊولپمينٽ بئنڪ جو قيام ان سلسلي ۾ هڪ اهم قدم هوندو.
SCO جي غربت ۾ گهٽتائي بابت اسپيشل ورڪنگ گروپ جي مستقل چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان سماجي تحفظ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ سڄي SCO خطي ۾ سڀني کي شامل ڪندڙ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ جاري رکندو.
”وڌندڙ جيوپوليٽيڪل ڇڪتاڻ“
پنهنجي خطاب جي شروعات ۾ وزيراعظم شهباز شريف ڪرغز جمهوريه کي ڪامياب SCO چيئرمين شپ مڪمل ڪرڻ ۽ تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ عملي سهڪار کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاندار ڪردار ادا ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني.
هن ڪرغزستان ۽ ازبڪستان جي قيادت ۽ عوام کي سندن آزاديءَ جي ڏهاڙن تي پڻ مبارڪباد ڏني.
وزيراعظم اجلاس کي ”تاريخي“ قرار ڏنو ۽ ڪرغزستان جي صدر صادِر نورغوجويوچ جاپاروف ۽ سندس ٽيم جا ميزباني ۽ اجلاس لاءِ ڪيل ”بهترين انتظامن“ تي ٿورا مڃيا.
هن چيو ته شنگهائي روح جي رهنمائي هيٺ پاڪستان کي SCO جو حصو هجڻ تي فخر آهي، جڏهن ته تنظيم پنهنجي شاندار سفر جا 25 سال مڪمل ڪري رهي آهي.
هن چيو ته هڪ ننڍڙي ٻوٽي مان SCO هاڻي هڪ وڏي وڻ جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي، جيڪو سڀني لاءِ سلامتي ۽ استحڪام جو ڇانوَ فراهم ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم چيو ته اڄ جي عالمي صورتحال وڌندڙ جيوپوليٽيڪل ڇڪتاڻ، عالمي معيشت جي ورهاست، وڌندڙ موسمياتي بحرانن ۽ ٽيڪنالاجي جي بي مثال تبديلي سان نشان لڳل آهي.
هن چيو ته اهڙي پيچيده ماحول ۾ SCO انهن وڏن چئلينجن کي گڏجي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجي عوام لاءِ امن، سلامتي ۽ خوشحالي يقيني بڻائڻ جي گڏيل عزم جي نمائندگي ڪري ٿي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ SCO ٻنهي جي چارٽرن جي بنيادي اصولن کي مسلسل مڃيندو ۽ انهن جو احترام ڪندو رهيو آهي.
هن چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ SCO چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪندي تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته ان ئي جذبي تحت اسلام آباد ان وقت به امن جي ڀرپور حمايت ڪئي، جڏهن هن سال جي شروعات ۾ SCO جي هڪ ميمبر ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، جنهن سان هڪ وڏو علائقائي بحران پيدا ٿيو.
وزيراعظم آبنائي هرمز ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ عالمي برادري کي توانائي جي اهم سپلاءِ رستن جي بندش سبب وڏو معاشي نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جنهن عالمي معيشت کي متاثر ڪيو.
هن چيو ته اهڙن ڏکين وقتن ۾ پاڪستان مسلسل ايماندار ۽ مخلص ثالث ۽ سهولتڪار طور ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن ياد ڏياريو ته اسلام آباد جون مسلسل سفارتي ڪوششون جون ۾ تاريخي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت (MoU) تي صحيح ٿيڻ تي پڄاڻي تي پهتيون، جنهن کي هن علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن بحال ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو.
جون ۾ صحيح ٿيل 14 نقطن واري مفاهمتي يادداشت آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان 28 فيبروري تي ايران تي ڪيل حملن کان شروع ٿيل جنگ ختم ڪرڻ لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪيو. اها يادداشت پاڪستان ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيل ثالثي وارين ڪوششن جو نتيجو هئي.
وزيراعظم چيو ته امن قائم ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ۽ هن انهن برادر ۽ دوست ملڪن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا، جن هن ڪوشش دوران مسلسل سهڪار ڪيو.
هن چيو: ”اسان پڪو يقين رکون ٿا ته اسلام آباد MoU خطي ۾ مستقل امن لاءِ سڀ کان وڌيڪ قابلِ عمل ۽ پائيدار رستو فراهم ڪري ٿو.“
وزيراعظم گذريل مهيني پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ ٿيل ٽه طرفي دفاعي معاهدي جو پڻ ذڪر ڪيو، جنهن جو نالو ”مڪه دفاعي اتحاد“ رکيو ويو آهي.
هن ٻيهر واضح ڪيو ته اهو معاهدو بنيادي طور دفاعي نوعيت جو آهي، ڪنهن به رياست خلاف ناهي ۽ ڪنهن به قسم جي ٽڪراءَ يا ورهاست پيدا ڪرڻ جو مقصد نٿو رکي.
هن چيو ته پاڪستان هميشه گهڻ طرفي نظام کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو آهي، پر گهڻ طرفين تنظيمن کي گهرجي ته اهي پنهنجن مقصدن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ بااختيار بڻجن.
غزه ۽ اولهه ڪناري جي صورتحال
وزيراعظم چيو ته غزه ۽ اولهه ڪناري جي بيگناهه ماڻهن جي حالت مسلسل خراب آهي ۽ اتي ناقابلِ تصور تڪليف جاري آهي.
هن چيو ته فلسطيني مائرون پنهنجن ٻارن جي موت جو وڏو ڏک برداشت ڪري رهيون آهن، خاندان وڇڙي رهيا آهن ۽ سمورا نسل خوف، محرومي ۽ وڏي ناانصافي جي مستقل پاڇي هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.
هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو فلسطيني عوام ۽ ٻين مظلوم قومن جي خودمختياريءَ جي بنيادي حق کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ بابت پنهنجو واعدو پورو ڪري.
سومر ڏينهن غزه شهر جي چوڌاري اسرائيلي هوائي حملن ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا، جنهن جي تصديق مقامي اسپتال ۽ امدادي ڪارڪنن ڪئي.
آڪٽوبر 2025ع ۾ آمريڪا جي حمايت سان ٿيل جنگبندي لاڳو ٿيڻ باوجود غزه ۾ تشدد ختم نه ٿيو آهي ۽ اسرائيل انهن فلسطينين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جن بابت سندس دعويٰ آهي ته اهي ويڙهاڪ آهن.
ڊار جون ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون
پاڪستان جي پرڏيهي آفيس موجب ڏينهن جي شروعات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي ۽ وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار دوران اسلام آباد MoU تي مخلصاڻي نموني عملدرآمد کي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو قرار ڏنو.
ٻنهي اڳواڻن بشڪيڪ ۾ SCO سربراهي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. اسحاق ڊار هڪ ڏينهن اڳ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اتي پهتو هو.
پرڏيهي آفيس ٻنهي وزيرن جي ملاقات کي ”گرمجوشيءَ واري خيالن جي ڏي وٺ“ قرار ڏنو.
ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ مسلسل رابطي جي اهميت تي ٻيهر زور ڏنو.
پرڏيهي آفيس موجب، اسحاق ڊار چيو ته علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري بنيادي اهميت رکن ٿا ۽ جون 2026ع جي اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي تڪرار ۾ شامل ٻنهي ڌرين طرفان مخلصاڻي نموني عملدرآمد ئي اڳتي وڌڻ جو واحد رستو آهي.
هڪ ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف بشڪيڪ ۾ اجلاس جي موقعي تي ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي هئي ۽ اسلام آباد MoU تحت حاصل ٿيل مفاهمتن کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو هو.
پزشڪيان علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي ڪوششن کي ساراهيو هو.
اڱاري ڏينهن SCO سربراهي اجلاس جي موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان پڻ ”گرمجوشي ۽ دوستاڻن جذبن“ سان ملاقات ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ چين جي هر موسم واري اسٽريٽجڪ تعاون واري ڀائيواري کي ٻيهر مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
هنن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جن ۾ هن مهيني نيويارڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اجلاس ۽ ايندڙ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي چونڊ جو جاري عمل شامل هو.
پرڏيهي آفيس موجب اسحاق ڊار بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم ريزينڪوف سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو