فليٽ مان مڙس، زال ۽ 3 ٻارن جا پراڻا سڙيل لاش هٿ

فليٽ مان مڙس، زال ۽ 3 ٻارن جا پراڻا سڙيل لاش هٿ

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سائٽ سپر هاءِ وي احسن آباد لاکهاني فليٽ ۾ گهر جي اندران مڙس، زال ۽ ٽن ٻارن سميت 5 ڄڻن جا ڪيترائي ڏينهن پراڻا سڙيل لاش هٿ آيا آهن.پوليس موجب لاش ڊاڪٽر عمر جي گهر واري ۽ 3 ڌيئرن جا آهن لاش هڪ ئي ڪمري مان مليا آهن. ڊاڪٽر عمر احسن آباد ۾ واقع ڪنهن اسپتال ۾ ڪم ڪندو آهي. واقعي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ۽ ڪرائم سين يونٽ کي به طلب ڪيو ويو. ايس ايس پي ايسٽ زبير نظير شيخ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ٻڌايو ته مددگار 15 تي پاڙيسرين اطلاع ڏني، پوليس پهچي فليٽ جو دروازو ڀڃي اندر داخل ٿي جتي مڙس، زال ۽ ٽن ٻارن جا لاش هڪ ئي ڪمري ۾ موجود هئا.هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر عمر جو هڪ ڀاءُ پنجاب جو رهواسي آهي جيڪو لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيو آهي. ٽنهي ٻارن جون عمرون 10 سالن کان به گهٽ آهن. ايس ايس پي ايسٽ جو چوڻ هو ته ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌان شاهديون گڏ ڪري رهيو آهي ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو پوسٽ مارٽم کان پوءِ موت جو سبب سامهون اچي سگهندو. ريسڪيو اختيارين طرفان لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا پيا وڃن ته جيئن موت جا سبب خبر پئجي سگهن.سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار واقعي جا تفصيل طلب ڪندي ايس ايس پي ايسٽ کي هدايت ڪئي ته شروعاتي پوليس ڪارروائي ۽ قدمن کان فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي، واقعي جي جاچ ۽ تحقيق جي حتمي نتيجن کي سامهون آندو وڃي.گهرو وزير جي ترجمان سهيل احمد جوکيو موجب واقعي واري هنڌان حاصل ڪيل اکين ۽ واقعاتي شاهدين کي نظر ۾ رکندي واقعي پٺيان سببن جو پتو لڳايو ويندو. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو ته ايس ايس پي ايسٽ پنهنجي نگراني ۾ واقعي جي جاچ کي موثر ۽ بهتر بنائي واقعي جي هر لمحي جي جاچ ۽ اڳڀرائي کان آگاهه رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو