ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال نفرت کي هوا ڏئي لنڊن واري جو گادي نشين بنجڻ چاهي ٿو. سنڌ جي اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ مارس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال نفرت کي هوا ڏئي لنڊن واري جو گادي نشين بنجڻ چاهي ٿو.هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايم ڪيو ايم جي نفرت ۽ ورهاست تي ٻڌل سياست هاڻ رد ٿي چڪي آهي، شهري ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي عوام اڳ به سياسي طور تي دفن ڪيو، هاڻ به ڪندا، هن چيو ته ڪجهه منفي مثالن ۽ ڪوڙين دعوائن سان حقيقتون تبديل نٿيون ٿي سگهن.شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه نفرت جون ڀتون ڪرايون، مخالفن هميشه ورهاست جي دڪان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪراچي سنڌ جو دل ۽ پاڪستان جي معيشت جي شهه رڳ آهي. ڪراچي کي دنيا جي سامهون دهشت سان بدنام ڪندڙ هاڻ وفاق جي پويان آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست هميشه ورهاست، نفرت ۽ لساني بنيادن جي چوڌاري گهمندي رهندي آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عوام انهن جي ڪوڙن بيانن ۽ سياسي شوبازين کي چڱي ريت سمجهي چڪي آهي. انتظامي فيصلن کي لساني رنگ ڏيڻ اصل ۾ پنهنجي ناڪام سياست کي زنده رکڻ جي ڪوشش آهي. سينئر وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو 18 سالن کان طعنو ڏيندڙن کي عوام رد ڪيو، انهي جي ابتڙ عوام هر اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سرخرو ڪيو.هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو دل آهي ۽ رهندو ڪوبه پنهنجي وقتي مفادن جي لاءِ عوام کي ورهائي نٿو سگهي. پاڪستان پيپلز پارٽي بنا ڪنهن فرق جي سنڌ جي سمورن شهرن کي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي سميت صوبي جي عوام جي خدمت کي پاڪستان پيپلز پارٽي پنهنجو مشن سمجهي ٿي، پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه نفرت جي سياست کي شڪست ڏني ۽ امن، ترقي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏني. پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به ڪراچي کي ورهايو نه آهي. پر ملڪ کي جوڙي رکڻ، سنوارڻ ۽ ترقي ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪيو.هن چيو ته عوام کي خبر آهي ته انهن جي ٻارن جي هٿن ۾ بندوقون ڏئي ڪنهن انهن جو مستقبل برباد ڪيو، مصطفيٰ ڪمال ٻڌائي ته لساني ورهاست، ٻوري بند لاش، ڀته خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪنهن جي سڃاڻپ آهي.؟ سنڌ صدين کان مختلف زبانون ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گهر آهي. مصطفيٰ ڪمال جهڙا سياستدان پنهنجن سياسي مقصدن جي لاءِ عوام ۾ نفرت کي هوا ڏئي رهيا آهن.










