مير رضا قتل ڪيس بابت جوڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي: ميئر

مير رضا قتل ڪيس بابت جوڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي: ميئر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت مير رضا قتل ڪيس جي حوالي سان جيڪي فيصلا ڪيا آهن، اهي عوام تائين پهچائڻ چاهيون ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عمر سيال جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي، رپورٽ اچڻ کانپوءِ سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون. هن ڏکي گهڙيءَ ۾ مرحوم مير رضا جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. والدين پنهنجي اولاد سان ڪيتري محبت ڪندا آهن ۽ اولاد جي وڇوڙي تي انهن تي ڇا گذرندي آهي، ان جو مون کي احساس آهي. الله تعاليٰ مير رضا جي والدين کي صبر عطا فرمائي ۽ اسان کي اها توفيق ڏئي ته حقيقتون منظرعام تي اچن ۽ جنهن به هي سفاڪاڻو ڪم ڪيو آهي، ان کي قانون موجب سزا ملي.هن اها ڳالهه سومر ڏينهن بلديه عظميٰ ڪراچي جي صدر دفتر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته مان ذاتي طور تي مرحوم مير رضا جي گهر ٻه ڀيرا ويو آهيان ۽ کين سنڌ حڪومت جو پيغام پهچايو آهي. صوبائي گهرو وزير سان گڏ به انهن جي گهر ويو هئس ۽ کين هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي هئي. هن معاملي تي تمام گهڻيون ڳالهيون ۽ الزام سامهون آيا آهن، پر حڪومت جو مقصد آهي ته هن ڪيس جي گهرائي تائين پهچي سچ کي سامهون آندو وڃي.هن چيو ته 28 جولاءِ تي واقعو پيش آيو ۽ 29 جولاءِ تي اهو منظرعام تي آيو. ايڊيشنل آءِ جي ۽ سينيئر ايس پي جي سربراهيءَ ۾ تحقيقاتي ڪميٽي جوڙي وئي. جاچ جاري هئي ته هڪ ايم ايل او رپورٽ پوليس کي ڏني وئي، جنهن کانپوءِ ايڊيشنل آءِ جي فيصلو ڪيو ته ايس پي جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل تحقيقاتي ٽيم کي ختم ڪيو وڃي. 9 آگسٽ تي ڊي آءِ جي سي آءِ اي جي سربراهيءَ ۾ نئين تحقيقاتي ٽيم جوڙي وئي.هن چيو ته متضاد ميڊيڪل رپورٽون سامهون آيون آهن ۽ پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي. 9 آگسٽ جي رات جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هن ڪم ۾ جنهن به ڪنهن به قسم جي مدد يا سهڪار ڪيو آهي، انهن خلاف به ڪارروائي ڪرڻ چاهيون ٿا.ميئر ڪراچي چيو ته والدين جي سامهون به جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي ڳالهه رکي وئي هئي. والدين شڪايت ڪئي هئي ته پوليس واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بعد ۾ رات جو مير رضا جي والده جوڊيشل ڪميشن نه جوڙڻ جي درخواست ڪئي ۽ ڊي آءِ جي سي آءِ اي جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل نئين تحقيقاتي ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ان تي مون کين چيو ته مان وڏي وزير ۽ گهرو وزير کان پڇي کين آگاهه ڪندس. ٻنهي ڌرين جي اجازت کانپوءِ والدين جي چوڻ تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ملتوي ڪيو ويو.بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 19 آگسٽ تي مير رضا جي وڪيل وڏي وزير سنڌ کي 22 صفحن تي مشتمل خط لکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته آءِ جي صاحب ۽ پوليس هن ڪيس کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهن، تنهنڪري خط ذريعي انصاف جي فراهمي جو مطالبو ڪيو ويو. ان کانپوءِ وڏي وزير سنڌ هڪ اجلاس طلب ڪيو، جنهن ۾ آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري پڻ موجود هئا. اجلاس ۾ وڏي وزير سنڌ سڀني کان خط جو جواب طلب ڪيو ۽ پوليس کان مختلف سوال ڪيا.هن چيو ته آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته مير رضا جي خاندان کي هر حالت ۾ مطمئن ڪرڻو آهي. ان کانپوءِ وڏي وزير سنڌ هن معاملي تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ چيف جسٽس صاحب کي خط موڪليو ويو. مان هتي اهو واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته سمورا سرڪاري ادارا، بشمول پوليس، جوڊيشل ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪندا.ميئر ڪراچي چيو ته مير رضا جي خاندان جي درخواست تي جاچ ۾ استعمال ٿيندڙ فون، اسمارٽ واچ ۽ سم سميت سموريون شيون پنجاب فرانزڪ لاءِ موڪليون ويون آهن، جنهن جي رپورٽ اچڻ واري آهي. ان سان گڏ ايپل ۽ ميٽا کي به خط لکي ڊيٽا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان جوڊيشل ڪميشن جي نوٽيس جو انتظار ڪنداسين ۽ هن ڪيس جي سلسلي ۾ مڪمل سهڪار ڪنداسين. جوڊيشل ڪميشن جڏهن پنهنجي فائنڊنگ ڏيندو ته سمورا معاملا واضح ٿي ويندا ۽ اسان يقين ڏياريون ٿا ته هن حوالي سان جاچ جاري رهندي. هن چيو ته مير رضا جي ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ منگيتر سخت تڪليف ۾ آهن، جنهن کان به غفلت ٿي آهي، اها حقيقت منظرعام تي اچڻ گهرجي. مير رضا جي ماءُ صرف هڪ ڳالهه چوي ٿي ته ”مون کي انصاف گهرجي.“ مير رضا جي والده چيو هو ته جوڊيشل انڪوائري ڪرائي سگهجي ٿي، پر هوءَ نئين تحقيقاتي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ مان مطمئن آهي. هن چيو ته مير رضا جي خاندان کي ڪنهن به قسم جو مسئلو پيش آيو ته حڪومت ان کي حل ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو