ڪراچي(اسٽاف رپورٽر): پيٽروليم ليوي ٽيڪس خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڇهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي.ڪراچي ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر شهر ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.منعم ظفر چيو ته گلشن سڪندرآباد جي رهواسي خاندان جي 2 ورهين جي نياڻي اغوا ٿي وئي هئي، جيڪا اڃا تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي. هن ٻڌايو ته نياڻي کي 15 اپريل تي اغوا ڪيو ويو هو ۽ واقعي جي ايف آءِ آر ڪياماڙي ٿاڻي تي پڻ داخل ڪرائي وئي هئي، پر اڃا تائين نياڻي جي بازيابي ممڪن نه ٿي سگهي آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير مير رضا جي قتل واري معاملي تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اڃا تائين سندس قاتلن بابت ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيو آهي. منعم ظفر شهر ۾ کليل گٽرن سبب ٿيندڙ فوتگين جو ذڪر ڪندي چيو ته هلندڙ سال هينئر تائين 19 ٻار گٽرن ۾ ڪري فوت ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جنوري کان هينئر تائين ڪراچي ۾ ڪتن جي چڪ هڻڻ جا 28 هزار واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن. منعم ظفر جو چوڻ هو ته شهر ۾ امن امان ۽ بنيادي سهولتن جي صورتحال تي حڪومت کي سنجيده قدم کڻڻ گهرجن.










