وفا ميمڻ
دڙي جي پسگردائيءَ واري ڳوٺ لاکا واسي سنجيدا شاگرد سياست جي اھم جدوجهدي ڪردار شھيد اقبال ميمڻ جو اڄ ورسيءَ جو ڏھاڙو آھي ۽ سپاف جو مرڪزي ڪلچرل سيڪريٽري رھندڙ اھو شھيد اقبال جتي معياري تعليمي درسگاهن جي باک مان ڦٽي تيار ٿيل ھڪ ذھين ترين انوکو طالب علم ھو اتي ھن ظلم ستم ڏاڍ جبر واري آمراڻي دور ۾ سياسي آزاديءَ جي بند ٿيل تنگ نظر گسن کي بھادري سان لتاڙي ڀٽي ازم جو کرو متوالو بڻجي انھن تعليمي ادارن ۾ مخلص شاگرد سياست کي نوان مثالي لاڙا رجحان ارپيندي پنھنجي بلند ڪردار جي بدولت وسيع ڳوڙھي مشاھدي جون چوٽيون عبور ڪندي ھڪ اھڙو مدبر ڏاھو لاجواب شخص بڻجي پاڻ کي نظرياتي ۽ فڪري جدوجهدن جي مچايل ميدانن ۾ اثرائتا نقش اڀاري ثابت پڻ ڪري ڏيکاريو جنھن جي نتيجي ۾ ھن بامقصد شاگرد سياست طور ڪاليجن يونيورسٽين سميت سنڌ پرڳڻي جي سمورن تعليمي ادارن مان جھيڙن ڦڏن ۽ فسادن جي جنم وٺندڙ صورتحال جي روڪٿام لاءِ زبردست ڪم ڪندي اتي تعليم کي ھٿي وٺرائڻ توڙي يونيورسٽين ڪاليجن ۾ بھترين پرامن ماحول کي فروغ ڏيارڻ جي سلسلي ۾ خاص اصلاحي تبليغ ڪندي انھن جي مثبت تعبيري پھلن تي زور پڻ ڏيندو رھيو ۽ اھڙي طرح تڏهوڪي زماني جي شاگرد سياست جا رخ بدلائي مثالي نوعيت جي شروع ڪيل مشن ۾ اھو شھيد اقبال جيڪو اول دست صفن ۾ ڇانيل رھيو ۽ پرعزم ثابت قدم جدوجھد جي سياسي سفر ۾ پاڻ مڃائيندڙ انھيءَ اقبال ميمڻ جو جنم 5 جون 1968 تي دڙي ڀرسان لاکا ڳوٺ ۾ ٿيو جنھن بنيادي پرائمري تعليم دڙي مان حاصل ڪرڻ بعد سيڪنڊري جي تعليم بٺوري جي ھاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي جڏھن تہ وڌيڪ تعليم ھن سجاول ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪئي جتي شروعاتي طور سندس دل ۾ شاگرد سياست سان دلچسپيءَ جو جذبو جاڳي پيو تہ ھن پيپلز پارٽيءَ جي ذيلي شاگرد ونگ سپاف جوائن ڪري ورتي ۽ ان جي فورن بعد کيس سپاف جو ضلعي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو تہ ھن تنظيم جي واڌ ويجھہ توڙي آرگنائيزيشن جي ڦهلاءُ بابت اھم ڪم ڪندي پاڻ کي وڌيڪ اڀاري مڃائي ورتو ۽ سندس انھيءَ جاکوڙي ڪردار کان متاثر ٿيندي سپاف مرڪز پاران کيس 1989 واري ڏھاڪي ۾ سپاف سنڌ جو مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري مقرر ڪرڻ سان گڏوگڏ ان کي سنڌ ڪلچرل ونگ جو صوبائي صدر پڻ بڻايو ويو.
جڏھن تہ شهيد اقبال ميمڻ هڪ بھترين درجي جو مقرر پڻ ھيو جيڪو جڏھن بہ ڪنھن سياسي پروگرام جي اسٽيج تي تقرير ڪندو ھو تہ سڀني کي متوجھہ بڻائي پاڻ ڏانھن ڇڪيندي ماحول کي گرمائڻ جو وڏو فن پڻ ڄاڻندو ھو وٽس معني خيز خوبصورت لفظن جو وڏو خزانو ھوندو ھو جنھن سبب شھيد اقبال تنظيمي پروگرامن جي مورچن توڙي احتجاجي جدوجھدي جلسن جلوسن ۾ ڇانيل رھندو ھو ۽ جنرل ضياءُ جي ڪاري آمريتي دور ۾ جڏھن جمھوريت جو سج لٿل ھو تڏهن سياسي سرگرمين تي لڳل بندشن توڙي اظھار جي راءِ آزاديءَ تي لڳل تالن جي نتيجي ۾ تقريرن ۽ مزاحمتي تحريرن تي پڻ پابندي پيل ھئي تہ اھڙي گٽ ٻوسٽ واري تنگ نظر ماحول ۾ پڻ شھيد اقبال جمھوريت جي بحاليءَ وارن متل جدوجھدي ميدانن ۾ اڳيان اڳيان سرگرم رھندي ڳوٺاڻي سطح جي ماڻھن وٽ ڀٽي ازم جو بنيادي نظريو ڦھلائڻ وارو فڪري شعوري تبليغي ڪم پڻ ڪندو رھيو ۽ تنظيمي ڪارڪنن ۾ فڪري پختگيءَ لاءِ پيپلز اسٽڊي سرڪل جو قيام عمل ۾ آڻي تربيتي سياسي شعوري ڪلاس پڻ ھلائيندو رھيو.
اڄ کان 37 سال اڳ اڄوڪي 30 آگسٽ 1989 جي غمگين ڏھاڙي تي نڪتل تنظيمي دوري دوران ھڪ المناڪ روڊ حادثي ۾ اسان کان ھميشہ لاءِ وڇڙي ويندڙ اقبال ميمڻ لاکائي ھڪ نظرياتي متحرڪ ڪردار سپاف اڳواڻ ھو جيڪو ڀٽي ازم جي نظرئي سان ابتدائي سفر کان ويندي آخري دم تائين مخلص سچو کرو ثابت قدم رھندڙ اھو پڻ انھن سرفروش مجاھد اٽل ارادن وارن شهيدن منجھان ھو جيڪي ڊگھي عرصي تائين اھم عملي فڪري جدوجھد جو اھڃاڻ رھيا آھن.
جڏھن تہ اھو اقبال ميمڻ عاجزي واري اپنايل مزاج ۾ صفا سادو ۽ سڀني لاء نوڙت وارو محبتي جذبو رکندڙ باڪمال انسان هوندو ھو ۽ سنگت ساٿ لاءِ سندس مھمان نوازيء وارا دل جا ڪشاده در ھميشہ مثالي قربائتي خدمتڪاري جي طور تي کليل ھوندا ھئا ۽ ماڻهن سان انتھا درجي جي محبت ڪرڻ سٺن جاندار يارن جو وڏو حلقو رکڻ شھيد اقبال ميمڻ جي من موھڻي شخصيت جو ھڪ جدا الڳ طرح جو سگھارو پاسو رھيو آھي ۽ شھيد اقبال ميمڻ جھڙيون غير معمولي اھم شخصيتون پنھنجي نڀايل بلند ڪردار جي بدولت تاريخي روشن باب اتھاس ۾ ھميشہ زنده جاويد بڻجي اثرائتا نقش اڀاري وينديون آهن.
۽ سنڌ جي انھيءَ امر ڪردار شھيد اقبال ميمڻ کي سندس اڄوڪي 37ھين ورسيءَ جي موقعي تي کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.










