ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ)ڪوهاٽ پراڻي پوليس لائنز خودڪش ڌماڪي جو ڪيس ٿاڻي سي ٽي ڊي (CTD) ۾ نامعلوم دهشتگردن خلاف داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ دهشتگردي، قتل ۽ اقدامِ قتل سميت ڪيتريون ئي قلمون شامل ڪيون ويون آهن. ايف آءِ آر موجب فتنہ خوارج جي دهشتگردن بارود سان ٻريل گاڏيءَ ذريعي خودڪش حملو ڪيو، ڌماڪي کانپوءِ دهشتگردن فائرنگ ڪئي. حملي ۾ 23ڄڻا شهيد ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو زخمي ٿيا. حملي ۾ سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو.










