اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) مقررين نامياري تحقيقي صحافي شاهد اسلم کي زبردست خراج پيش ڪندي چيو آهي ته هو صحافت جو هيرو، عزم ۽ حوصلي جو برج ۽ مزاحمت جو نئون ستارو آهي. هو صحافت لاءِ فخر جوڳو ڪردار آهي، اهڙن خيالن جو اظهار سندس مان ۾ منعقد ڪيل مڃتا تقريب، جيڪا نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ منعقد ڪئي وئي، ان ۾ مقررن خطاب ڪندي ڪيو. شاهد اسلم لاهور ۾ بول نيوز لاءِ ڪم ڪندو آهي ۽ موجوده حڪومت کيس ان ڪري گرفتار ڪيو هو ته ايف آءِ اي کي شڪ هو ته هن فيڪٽ فوڪس نالي ويب سائيٽ تي اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوا جي خاندان جي ٽيڪس گوشوارن جو ريڪارڊ ايف بي آر مان مبينه طور غير قانوني انداز ۾ هٿ ڪيو هو. ان رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته جنرل باجوا جي زال مڙس جي 6 سالن واري آرمي چيف جي دور ۾ 12 ارب روپين جي ملڪيت جي مالڪياڻي بڻي، سندس ننهن کي شادي کان چند ڏينهن اڳ گجرانوالا ڊي ايڇ اي ۾ هڪ هڪ ڪنال جا 8 پلاٽ مليا. تقريب کي پي ايف يو جي صدر افضل بٽ، RIUJ جي صدر عابد عباسي، جنرل سيڪريٽري طارق علي ورڪ، نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا، سيڪريٽري خليل راجا، فنانس سيڪريٽري نيئر علي، سينيئر صحافي حامد مير، مبارڪ زيب، مطيع الله جان، اعزاز سيد، علي شير ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي شاهد اسلم پي ايف يو جي، نيشنل پريس ڪلب ۽ آر آءِ يو جي جي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته گرفتاري وقت هٿڪڙيون لڳل هيون. منهنجي هٿ ۾ نه پر پاڪستان جي آئين ۽ قانون ۾ اهي هثڪڙيون لڳيون. جيڪڏهن باس بهادر آهي ته پوءِ ڪنهن کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي، گرفتاري تي مون کان منهنجي ليپ ٽاپ ۽ موبائيل جا پاس ورڊ گهريا ويا پر مون ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مون ائين ڪيو ۽ کين چيو ته جيڪڏهن توهان مون تي تشدد ڪري هڏين جو سرمو ٺاهي ڇڏيو تڏهن به مان توهان کي پاس ورڊ نه ڏيندس،هن چيو ته جنگل ۾ به قانون آهي پر پاڪستان ۾ ڪو قانون ناهي، مون کي لاهور پريس ڪلب جي ڪردار تي افسوس ٿيو پر مجموعي طور صحافي برادري جي حمايت تي حوصلو وڌيو. پي ايف يو جي صدر افضل بٽ چيو ته نيشنل پريس ڪلب صحافين جي حقن جي محافظ آهي ۽ اسانجون ڪوششون سڀني جي سامهون آهن، نيشنل پريس ڪلب غيور صحافين جو مورچو آهي، صحافين خلاف قانون سازي کان حڪومت کي پاسو ڪرڻ گهرجي، ايندڙ دور صحافت لاءِ اڃا وڌيڪ سخت هوندو، طاقتور حلقن کي تجربا ڪرڻ بدران پي ايف يو جي جي تاريخ تي نظر رکڻ گهرجي، سينيئر صحافي ۽ معروف اينڪر حامد مير چيو ته هن شاهد جي گرفتاري بابت ٽوئيٽ ڪئي ته کيس مختلف حلقن مان ڪافي فون آيا، شاهد اسلم عزم ۽ حوصلي جو هڪ ٽاور آهي ۽ مزاحمت جو هڪ نئون ستون آهي، سندس خبر ٻڌي مان سندس مداح بڻجي ويو آهيان، کيس هميشه ياد رکيو ويندو، اين پي سي جي صدر انور رضا چيو ته شاهد اسلم اسان سڀني لاءِ جنگ وڙهي آهي، سندس موقف سڄي سماج لاءِ مشعل راهه ۽ همت ۽ حوصلي جو مثال آهي. اين پي سي جي سيڪريٽري خليل احمد راجا چيو ته شاهد اسلم صحافت جو هيرو آهي، حق ۽ سچ ڳالهائڻ تي کيس هميشه مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، اسان کي مٿس فخر آهي، اهو رجحان نئون ناهي، هر طاقتور جو اهو خيال آهي ته هو آواز کي دٻائڻ جو حق رکي ٿو. ان خلاف آواز اٿاريو ويو، آر آءِ يو جي جي صدر عابد عباسي چيو ته شاهد اسلم اسان کي اها جرئت واپس ڏني آهي جو اسان آمريت جي ڪري وڃائي ويا هئاسين، هن وقت ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو تمام گهڻو پريشان ڪندڙ آهي، گذريل دورن وانگر هن وقت به صحافين خلاف ڪيس هلي رهيا آهن. طارق علي ورڪ چيو ته موجوده حڪومت اغوا ۽ گرفتارين جا واقعا وڌيا آهن، گذريل حڪومت دوران پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران موجوده وزيراعظم، پرڏيهي وزير هڪ ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا پارليامينٽ ٻاهران احتجاج ڪرڻ آيا ۽ پريس جي آزادي لاءِ حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو پر اڄ به گذريل حڪومتن وانگر صحافين کي حراسان ڪيو پيو وڃي ۽ غير قانوني ڪيس هلايا پيا وڃن، مطيع الله جان چيو ته شاهد اسلم اسانجي صحافتي پيشي جو مان رکيو آهي. . هوڏانهن شاهد اسلم به اسان سان گڏ صحافت جو پيشو به سنڀاليو آهي، تقريب کي سينيئر صحافين مبارڪ زيب خان، علي شير، اعزاز سيد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.










